سڌي ڳالهه ….ميثاقِ جمهوريت کان 27هين  آئيني  ترميم تائين

                 هاڻ ان  ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش نه رهڻ گهرجي ته پاڪستان  ۾ جمهوريت کي جيترو نقصان آمرن ۽ آمريتي دورن ۾پهتو، اوترو ئي سياست ۽ جمهوريت جي نالي تي عام چونڊن ۾ عوام جي ووٽن سان کٽي حڪومت ڪندڙ سياسي پارٽين به پهچايو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن  1970کان وٺي 2025 تائين جائزو وٺبو ته ان اڌ صديءَ دوران ٿيل هر شيءَ چِٽي نموني سامهون اچي ٿي، جنهن کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري سگهي، ان ڪري بدقسمتي سان جمهوريت جا حال ڏينهون ڏينهن هيڻا ۽ آمريتي سوچ رکندڙ ٻيڻا طاقتور ٿيندا پيا وڃن. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان سڄي عمل ۾سياستدانن توڙي اقتداري پارٽين پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ ڪُلها استعمال ڪرايا آهن. هاڻ ته نوبت اتي اچي پهتي آهي جو ڪجهه سياسي ڌرين ذري گهٽ “براءِ فروخت” جو بورڊ لڳائي پنهنجو مُلهه پاڻ مقرر ڪيو آهي، جتي خريدار “سياسي گهوڙا” خريد ڪري کين پنهنجي مقصد لاءِ ڊوڙائين ٿا، ان ڪري معاملا ڇانگا مانگا جي ماضيءَ واري خريد ۽ وڪري کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. جئين هن وقت جديد  دور  جي گهرجن موجب توهان کي هر شيءَ جي هوم ڊليوري ٿئي ٿي، سياسي وفاداريون مٽائڻ وارا به وڪرو ٿي واسطيدار هٿن تائين پاڻ اچي پهچن ٿا، ڪنهن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، بس ائين سمجهو “محبوب توهان جي قدمن ۾”. آمر ضياءُ الحق جي بدنام زمانه 8هين  ترميم کان 26هين ۽  27هين آئيني  ترميم تائين ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي.

26هين ترميم ذريعي 73ع جي آئين  جي روح کي رسيل گهاءٌ اڃا ڀريا ئي مس هئا ته 27هين ترميم وڏي فخر سان آڻي اهو ٻڌايو ويو ته جمهوريت ۽ سياسي پارٽيون ڪيتريون نه ڪمزور آهن، سمورا  اختيار ۽ رعايتون پليٽ ۾ رکي پيش ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ٻئي پاسي کان بس هڪ ئي ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي پئي ته سياست سان  سندن ڪو تعلق ناهي، پر وري به هر معاملي ۾سياست ڪري وڃن ٿا. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته 27هين ترميم جو مسودو پڻ هنن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ماهرن کان ٺهرايو آهي، جنهن جي تصديق ان مان ٿئي ٿي ته حڪمران ڌر ۾ شامل ٻنهي وڏين پارٽين پ پ ۽ ن ليگ وٽ سينيٽ جي قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ تائين مسودو نه هو. ان جي وڌيڪ تصديق پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ ناليواري قانوندان اعتزاز احسن جي ان بيان مان ٿئي ٿي ته پ پ وٽ مسودو نه هو، معني ته آرٽيڪل 243 تي ڪو اعتراض نه وارڻ جو نقطو پهريان ميڊيا ۾ آڻي پ پ فرض شناسي، پاڻ وڻائڻ ۽ حڪم جي تعميل جو يقين ڏياريو، ان بعد عدليا جي معاملي تي خاطري ڪرائي وئي، جڏهن ته اين ايف سي ۽ نوان صوبا ٺاهڻ بابت جيڪي ڳالهيون مارڪيٽ ۾ هُلايون ويون، اهي 243 تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هيون، اصل ڌَڪ پاڻ نوازڻ واري ان آرٽيڪل جي منظوري هو. جيتوڻيڪ طاقتور ڌريون اڳ ئي هر حڪومت ۾ اثرانداز رهيون آهن، پر هن ڀيري سگهارن هٿن کي آئيني ۽ قانوني ڪَوَر ڏئي، آمريتي سوچ رکندڙن جي ورهين کان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ واري خواهش پوري ڪئي وئي آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه سياسي ڌريون پاڻ لاءِ اعزاز سمجهن، پر اصل ۾ اهو ملڪي سياست ۽ جمهوريت لاءِ تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن ليکڻ گهرجي. ان حوالي سان ملڪ جي سينيئر صحافي محمود شام جو “خود بدلتي نهين، قرآن بدل ديتي هين” جهڙو شعري تبصرو مُنڊيءَ تي ٽِڪ آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آئين سان جيڪا هٿچراند ٿئي پئي، ان تي باشعور طبقو ڪيترو ڪاوڙيل آهي، جڏهن ته اصل ۾ اها ڪاوڙ ۽ ڪروڌ انهن سياسي پارٽين کي ڪرڻ گهرجي، جيڪي عوام جي سياست ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اهڙين ترميمن سان مستقبل ۾ بي اثر بڻجي وينديون، پوءِ رڙنديون ته وارو ڙي وارو جمهوريت خطري ۾آهي، پر انهن جمهوريت بدران هڪ ٻئي کي تاحيات شخصي فائدا پهچائڻ لاءِ قربان ٿيڻ مناسب سمجهيو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي برڪت علي جو مشهور گانو تون “منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو صنم آهيان” ياد اچي ويو، يا وري فلم شنهشاه ۾ اميتاڀ بچن تي فلمايل گانو “تو مجهي قبول، مين تجهي قبول، اس بات ڪا خدا گواهه“ به ٺهڪي ٿو.

27هين ترميم ذريعي ونڊ ورڇ جي ان فارمولي جا ڪجهه نقطا جڏهن سامهون آيا ته سوشل ميڊيا تي سينيئر صحافي بچل لغاري صاحب شايد ان ڏهاڙي يا ان کان پوءِ پ پ ۽ ن ليگ جي 14 مئي 2006 تي لنڊن ۾ ٿيل ميثاق جمهوريت جا ڪجهه اهم نقطا شيئر ڪيا. اها پوسٽ ڏاڍي وائرل ٿي، ڇاڪاڻ ته ان معاهدي ۽ 27هين ترميم جا نقطا ٻنهي پارٽين جي  قيادتن سامهون رکجن ته سچ پڇو ته ڪنڌ مٿي نه کڻي سگهنديون، ڇاڪاڻ ته اهي اٽڪل گهڻي ڀاڱي هڪ ٻئي جي ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا. ميثاق جمهوريت ۾ آئيني سڌارن جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته، “1973ع جو آئين اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويندو، فوجي آمر پاران جاري ڪيل سڀئي پي سي اوز ۽ غير آئيني ترميمون ختم ڪيون وينديون، پارليامينٽ کي دفاعي بجيٽ ۽ قومي سلامتيءَ جي معاملن تي مڪمل اختيار حاصل هوندو، فوج کي سياست کان مڪمل طور پري رکيو ويندو، دفاعي ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسين کي صرف آئيني حدن اندر ڪم ڪرڻو پوندو، ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن به فوجي آمر يا غير آئيني قدم جي حمايت نه ڪندي، چونڊيل حڪومتن خلاف سازشن ۽ غير جمهوري مداخلتن جي مخالفت ڪئي ويندي، صوبن کي مڪمل آئيني خودمختياري ڏني ويندي، عدليا آزاد ۽ بااختيار هوندي.” شهيد بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي صحين سان جاري ڪيل ان معاهدي ۾ جيتوڻيڪ ٻيون به گهڻيون ڳالهيون ڪيون ويون پر في الحال جيڪڏهن ذڪر ڪيل نقطن جي روشني ۾ ڏسجي ته سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو ته ٻنهي وڏين اقتداري پارٽين انهن نقطن مان ڪنهن هڪ تي عمل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، ويجهو وڃڻ جي به جرئت  نه ڪئي، متان  ڪِنگ ميڪر کانئن خفا نه ٿين. ان ڪري جيڪڏهن اهو چئجي ته 26هين کان ترت پوءِ 27هين ترميم ميثاقِ جمهوريت  تان مڪمل طور هٿ کڻڻ لاءِ آهن ته ڪو وڌاءَ نه ٿيندو.

پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اهڙي مايوس ڪندڙ ڪردار تي هر جمهوريت پسند ڏکارو آهي، اها صورتحال نشاندهي ڪري ٿي ته  ايندڙ وقت جمهوريت ۽ جمهوريت  پسندن لاءِ انتهائي ڏکيو هوندو. اڳ سڌي ريت مارشل لا هڻي حڪمراني ڪئي ويندي هئي، ان ڪري اهو کرو سچ ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ ڏيو ته هن  وقت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل نموني مارشل لا لاڳو آهي، جنهن ۾ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو ريمورٽ ڪنٽرول سگهارن هٿن ۾ آهي، جئين ڊرائيونگ سکڻ  واري ڪار ۾ ظاهري طور اسٽيئرنگ ته سيکڙاٽ جي هٿن ۾ هوندو آهي پر ان جو سڄو ڪنٽرول، ڀر واري سيٽ تي ويٺل شخص وٽ هوندو آهي. سو اسان جي حڪمرانن جي اصل پوزيشن اها آهي، جن ميثاقِ جمهوريت ۽ 18هين ترميم وقت خوش ٿي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون هيون ۽ اڄ الميو اهو آهي ته اهي 26هين ترميم کانپوءِ 27هين ترميم تي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي فخر محسوس ڪن پيا، شايد ان ‘جمهوريت ڪش’ ڪارنامي تي 18هين ترميم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙن جيان 27هين ترميم جي جوڌن کي به اڳتي هلي، ستارهء امتياز ۽ ستارهء شجاعت ڏنو وڃي! پر تاريخ انهن کي 73ع جي آئين تي حملي آوور طور ياد رکندي ۽ جيڪي  سمجهن ٿا ته هنن  اين ايف سي مان مالي ڪٽوتي يا نون صوبن جي معاملي کي ٽاري ڇڏيو آهي، اهي غلط فهمي جو شڪار آهن، هاڻ هر شيءَ ٿيندي، ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ کي بي اثر ڪري چڪا آهيو. سڀ ڄاڻن ٿا ته بااثر سامهون بي اثر جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي.