سنڌي ماڻھو زبردست قسم جي مزاحمتي سوچ رکندا آھن. اڳ ۾ بہ ڪٿي لکيو ھيم ۽ وري بہ ڪنھن َھٻڪ کانسواءِ لکان پيو تہ ايتري جدوجھد ڪرڻ باوجود مٿن ڪڏھن ڪڏھن اجائي تنقيد جا تير وسائي دل آزاري ڪئي ويندي آھي، پر پاڻ ان ڳالھ تي اڄ بہ قائم آھيون تہ سنڌين ھر دور ۾ ملھايو آھي، جڏھن تہ سنڌ ڌرتيءَ وري دشمن سان پاڻ وڙھندي آھي. جيڪڏھن ڪو ان جا مثال گھرندو تہ ان لاءِ سوين مثال ڏئي سگھجن ٿا. اھا سنڌين جي سنڌ پرستي ۽ سنڌ جي روحاني طاقت ئي آھي، جنھن ڪري ڪيترائي ايرا، غيرا ۽ نٿو خيرا آيا ويا، پر ھر قسم جو زور لڳائڻ باوجود سنڌ جي وحدت تي سمورا واَر ناڪام ٿيا. انھيءَ ڪري سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو پرامن مزاحمت ڪار قرار ڏجي تہ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
ملڪ ۾ نون صوبن جي نالي تي ڪجھ عرصي کان سنڌ جي وحدت تي وار جون ٻيھر تياريون ڪيون پئي ويون پر سنڌي ماڻھن روايتي نموني جواب ڏئي ان سازش کي بہ ذري گھٽ چٿي ڇڏيو آھي. اڃا بہ اھو چئجي تہ اھڙو رينگٽ ڪندڙ پاڻ ۾ ئي وڙھي پيا آھن. دنيا ڄاڻي ٿي سنڌ انھن سان اھڙو وڙھندي آھي، جو اھي پھريان بہ ٽڪرا ٿيا ۽ ھاڻ وري ٽُڪرا ٽڪرا ٿيڻ ڏانھن وڃن پيا. مصطفيٰ ڪمال جيڪو ڪجھ ڏينھن اڳ ھٿن مان پئي نڪتو، اھو اڄڪلھ پنھنجي اڳوڻي قائد تي ڏمريل آھي ۽ سندس اڇا ڪارا ڪرتوت پڌرا ڪري پيو. ساڳيو ئي حال خالد مقبول صديقيءَ جو آھي، جيڪو طنزيا انداز ۾ چئي رھيو ھو تہ، ”ڪجھ بہ ٿئي ڪراچي تہ صوبو ضرور ٺھندو“ پر ھن وقت اھو پارٽي جي اندروني ڏڦيڙ سبب پنھنجي نام نھاد سربراھي بچائڻ ۾ پورو آھي. باقي فاروق ستار سان تہ ڏاڍي ٿي آھي. سڀني کان سينئر ھجڻ باوجود پارٽي ۾ سندس ڪا بہ عزت ناھي رھي. گورنر ڪامران ٽسوري سان پريس ڪانفرنس ۾ ائين لڳندو آھي، ڄڻ ان جو اسسٽنٽ ھجي. ھاڻي اھو نه گھر جو رھيو آھي ۽ نه ئي گھاٽ جو. ڪاٺياواڙي ميمڻ ھجڻ باوجود پاڻ کي اردو ڳالھائيندڙ ظاھر ڪندڙ فاروق ستار جو سياسي مستقبل اونداھو ٿي چڪو آھي، انھيءَ ڪري ھو پارٽي جي سڀني گروپن وچم پل جو ڪردار ادا نہ ڪرڻ جي حيثيت رکڻ سبب ُفٽ بال بڻيل آھي.
ايم ڪيو ايم شايد ڪنھن جي نظر ۾ سياسي پارٽي رھي ھجي، پر مون ان کي سدائين مافيا، سنڌ ۽ ملڪ مخالف سمجھيو آھي، جنھن جا ثبوت ھاڻ سڀني وٽ آھن. مصطفيٰ ڪمال ھن وقت الطاف حسين بابت جيڪي ڳالھيون يا انڪشاف ڪري پيو، ِاھي ورھيہ اڳ سنڌ جا ڪيترا ئي سنڌ پرست قلم ڌڻي پنھنجين لکڻين ذريعي بيان ڪري چڪا آھن. ڪو وقت ھو جو سنڌي اخبارن ۾ ايم ڪيو ايم جي مخالفت ۾ مضمون سولائي سان لڳندا ھئا، پر آمر پرويز مشرف واري دور ۾ ڪيتريون سنڌي اخبارون ان جو شان بيان ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويون، ايستائين جو الطاف حسين جي جنم ڏھاڙي تي رنگين ايڊيشن شايع ٿيڻ لڳا. اھو سنڌي ميڊيا جي تاريخ جو ڪمزور ترين دور ليکبو. اڃا تائين چٽو ياد آھي تہ جڏھن ايم ڪيو ايم ۽ جسقم جو اتحاد ٿيو ھو تہ مون الطاف حسين ۽ شھيد بشير خان قريشي نالي ھڪ گڏيل خط لکيو، پر ان وقت جي ڪراچي مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن اھو شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھڪ اخبار جنھن کي سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو قومي قرار ڏيندو ھو، ان اھو چئي خط نہ ھلايو تہ اھو شايع ڪرڻ سان سنڌي ـ مھاجر اتحاد کي ڌڪ رسندو. ان خط ۾ مون لکيو ھو تہ اھو اتحاد ٻن پارٽين جو اتحاد تہ قرار ڏئي سگھجي ٿو، پر ان کي سنڌي ـ مھاجر اتحاد نٿو چئي سگھجي، ڇاڪاڻ تہ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شروع کان گڏ رھيل آھن، اصل جھيڙي جي پاڙ ايم ڪيو ايم آھي، جنھن اردو ڳالھائيندڙن کي سنڌين کان پري ڪري پنھنجي لساني سوچ واري سياست ڪئي، جنھن جو ثبوت اھو آھي تہ اھا نفرت واري سياست جئين جھڪي ٿي آھي، تئين سنڌي ۽ مھاجر ساڳيو پاڻ ۾ ويجھا ٿيا آھن، جڏھن تہ قدرت جو انصاف ڏسو جو ٽن ڏھاڪن تائين نفرت پيدا ڪندڙ ھاڻ پاڻ ھڪ ٻئي کان نفرت ڪن پيا.
ٽنڊي بھاول جھڙي ظالماڻي واقعي تي شاندار صحافتي ڪردار ادا ڪري حاضر سروس ميجر ارشد کي ڦاھي جي تختي تائين پھچائيندڙ سنڌي اخبارن لاءِ ڪو سوچي سگھي ٿو تہ انھن مان ڪي اھڙيون بہ ھيون، جن الطاف حسين کي ايشيا جو برک اڳواڻ لکيو! مشرف واري دور ۾ جڏھن سنڌ جو اطلاعات کاتي جو صلاحڪار ايم ڪيو ايم جو ھو تہ ان وقت ٻن صفحن تي ٻڌل ليک سنڌي اخبارن کي فيڪس ٿيو ھو. اھا تڏھن جي ڳالھ آھي، جڏھن ايم ڪيو ايم جو باني ڀارت جي دوري تي ھو. ان ليک بعد فون ڪري اخبارن کي ھدايت ڪئي وئي تہ اھو ايڊيٽوريل ڪري ھلايو وڃي، جنھن ۾ الطاف حسين کي ذري گھٽ نيلسن منڊيلا ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ھئي ۽ ان سان گڏ سندس خوبين جي ھڪ ڊگھي لسٽ بہ بيان ڪئي وئي. ٻي ڏھاڙي جڏھن اخبارون آيون ته ٻن سنڌي اخبارن ۾ اھو ليک ايڊيٽوريل ڪري ڇاپيو ويو، جنھن تي سخت حيرت ٿي تہ ھڪ دھشتگرد کي ڪئين ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. انھن ٻن اخبارن مان ھڪ اخبار جي ايڊيٽر کي فون ڪري چيم تہ توھان الطاف حسين جي خوبين جي لسٽ تہ شايع ڪئي آھي، ھاڻ ان جي ڏوھن جي ڊگھي لسٽ ڪير ڇاپيندو؟ منھنجي صحافي ھجڻ ڪري ھن ڳالھ لڪائڻ بدران چيو تہ، اھو نائن زيرو وارن موڪليو ھو، مالڪن جي چوڻ تي ايڊيٽوريل ڪري ھلايو. جنھن تي کيس چيو ھيم تہ ڀلي اھا لکڻي ڪٿان بہ آئي پر تاريخ ۾ اھو ايدِيٽوريل توھان جي حصي ۾ لکجي چڪو آھي.
مصطفيٰ ڪمال جيڪو الطاف حسين جو خاص ماڻھو رھي چڪو آھي، اھو چئن ڏھاڪن کانپوءِ الطاف حسين تي را جي ايجنٽ ھجڻ، ماڻھو مارائڻ، عمران فاروق سميت پنھنجي ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائڻ جي تصديق ڪري پيو، جنھن مان اھو ثابت ٿئي ٿو تہ الطاف حسين ڏوھاري ھو ۽ ان جا ھٿ سڀ کان پھريان سنڌين جي رت سان رڱيل ھئا، ان ڪري جن بہ ساڻس اتحاد ڪري سياست ڪئي، اھيُ سخت قسم جي غلطي تي ھئا. اسيءَ واري ڏھاڪي کان 2000 تائين جن به ساڻس ھٿ ملايو، انھن کي پنھنجي سياسي غلطي مڃيندي معافي وٺڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ الطاف حسين جي ڏوھن جي لسٽ جيڪا سندس ساٿي بيان ڪري رھيا آھن، اھا ان کان ڏھوڻ تي وڏي ۽ ڊگھي آھي. اھڙا ماڻھو ۽ ان جي اثر ھيٺ رھي سياست ڪندڙ ڪڏھن بہ سنڌ سان سچا نٿا ٿي سگھن، ان ڪري الطاف حسين سنڌي ماڻھن جو ڏوھاري ھو ۽ رھندو، جنھن جي ڏوھن جي لسٽ پنھنجن ھٿان پڌري ٿيڻ تي حيرت ۾ پوڻ بدران اھو سوچڻ گھرجي تہ ايندڙ وقت ۾ اردو ڳالھائيندڙن، خاص طور انھن سنڌين کي سنڌيت طرف آڻڻ ڏانھن ڪم ڪرڻ گھرجي، جن کي ايم ڪيو ايم اردو ڳالھائيندڙ ظاھر ڪري نہ رڳو سنڌيت تي وار ڪيو پر انھن جي ووٽن سان پاڻ کي چونڊرايو. اميد ڪجي ٿي تہ سنڌيت جي سياست ڪندڙ ڌريون اھا ڳالھ سمجھنديون ۽ لياري سميت ڪراچي جي پراڻن علائقن ۾ لکين گجراتين، ڪاٺياواڙي ميمڻن، مارواڙين ڪڇين ۽ ٻين بردارين سان لھ وچڙ ۾ اينديون، جن مان ڪيترن ئي کي شڪايت آھي تہ سنڌ پرست کين پنھنجو ڪرڻ لاءِ وٽن نٿا اچن. ھونئن به ڪراچي جي سياست لاء مستقبل ۾ جيڪا صفبندي ٿيندي، ان لاء ھاڻي کان ئي رٿابندي ڪرڻي پوندي، جئين شھرن کي نفرت ۽ لساني سوچ کان بچائي سگھجي.