ثقافتي ڏھاڙو، جنھن کي پاڻ سنڌيءَ قوم جي ثقافتي عيد چوندا آھيون، خير سان ھن سال به روايتي جوش جذبي سان ملھايوسين، اھو ڏھاڙو ملھائڻ جي شروعاتي سالن ۾ پھريان ماڻھو ھڪ مھينو اڳ ئي ثقافتي تقريبن جي تيارين ۾ لڳي ويندا ھئا، پوءِ 15 ڏھاڙا ٿيا ۽ ھاڻ وڃي ائين سمجھو ته سنڌ ھڪ ھفتو اڳ ثقافتي رنگن ۾ جَرڪڻ لڳندي آھي، ان ڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته ايندڙ ڪجھ سالن بعد ثقافتي عيد شايد ھڪ کان ٽن ڏينھن تائين محدود ٿئي، جيڪڏھن اھو ٿيو ته ان تي ڪنھن کي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناھي، ڇاڪاڻ قوم جي حيثيت سان ڪجھ شيون طئي ڪرڻيون پونديون ته مستقبل ۾ ان کي ڪئين جٽادار بڻائجي؟ اھو ان ڪري جو ان ڏھاڙي جي وڏي اھميت آھي، جنھن تي جتي ٻڌيءَ لاءِ سنڌي ماڻھو گڏ ٿين ٿا، اتي سنڌي ٽوپي، اجرڪ، رلي، ڀرت ۽ ٻين سنڌي ثقافتي شين جي صنعت کي به شاندار فائدو پھتو آھي، جيڪا اڳ ذري گھٽ ختم ٿيڻ تي ھئي. جنڊِيءَ جو سامان به ان ثقافتي ڏھاڙي جي ڪري ٻيھر ظاھر ٿيو آھي، نوجوان پينٽ شرٽ تي اجرڪ واريون ٽايون پائين ٿا. واسڪوٽين کان ويندي عورتن جا ڪپڙا، چوڙيون وغيرا پڻ اجرڪ جي پرنٽ ۾ اچي ويا آھن. ان سان گڏ فنڪارن جا قومي ثقافتي ڪلام سوشل ميڊيا تي لکن جي تعداد ۾ شيئر ٿيڻ به اھو ٻڌائي ٿو ته سنڌي ثقافتي ڏھاڙي سان ڪھڙا ڪھڙا فائدا ٿيا آھن.
اھي ڳالھيون ڪي اھڙيون ناھن، جن کان ڪو واقف نه ھجي، پر ھتي ڪرڻ جو مقصد ان بحث جي دعوت ڏيڻ آھي ته ھاڻ اسان کي “زندھ باد – مرده باد” مان نڪري ڪجھ ڳالھيون طئي ڪري اڳتي وڌڻو پوندو. پاڻ بنيادي طور ٿورا جذباتي آھيون، ڪنھن صلاح يا سمجھاڻي تي ڪاوڙجي پئون ٿا، پوءِ سوشل ميڊيا تي توپن جو منھن ھڪ ٻئي ڏانھن ڪري پنھنجي سياسي ۽ قومي موقف سميت ٻڌيءَ کي سخت نقصان رسائيندا آھيون، جنھن بعد دشمنانِ سنڌ آرام سان ويھي سنڌين جو تماشو ڏسندا آھن، پر ھاڻ وقت اچي ويو آھي ته انھن ڳالھين مان نڪرجي.
يقين ڪريو ته ھن ھفتي مونکي ٻئي سياسي معاملي تي ڪالم لکڻو ھو، پر ثقافتي ڏھاڙي ڪراچي ۾ شاھراھ فيصل تي ڪراچي پريس ڪلب ويندڙ ثقافتي ريلين کي پوليس پاران روڪڻ، تشدد ۽ پوءِ گرفتارين مجبور ڪيو ته ان اھم قومي مسئلي تي لکجي، ڇاڪاڻ ته اھو اصل ۾ ست ڪروڙ سنڌين جو قومي ڪاڄ آھي، جيڪو ڦٽائڻ لاءِ ٻن سالن کان ڪوششون ٿي رھيون آھن. ڪنھن کي ياد ھجي يا نه ھجي، پوئين سال ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ بعد واپس ويندڙن کي رڳو پوليس ئي نه پر رينجرز اھلڪارن طرفان به شاھراھ فيصل تي روڪي تنگ ڪيو ويو ھو، ايستائين جو نرسري وٽ سندن سڃاڻپ ڪارڊ به چيڪ ڪيا ويا ۽ اھو به ياد ھوندئو ته ٻئي ڏھاڙي اخبارن ۾ ھڪ ٻن نوجوان جي غائب ٿيڻ جون خبرون پڻ ڇپيون ھيون. اھا صورتحال سامھون رکندي مون سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ رکي ھئي ته ايندڙ سال سنڌي پنھنجن گھرن مان باھوش و حواس نڪرن ۽ ڪنھن اجائي ڇڪتاڻ واري ماحول جو حصو بڻجڻ بدران ثقافتي ڏھاڙي ڏانھن ڌيان ڏيئي ڪراچي پريس ڪلب پھچن، جتي پنھنجي قومي عيد پرامن طريقي سان ملھائي اھي سموريون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏين، جيڪي سنڌ جو قومي ڪاڄ ڦٽائڻ لاءِ ھر سال سٽيون وڃن ٿيون. خوشي آھي ته سنڌين ان صلاح تي عمل ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته سازشي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان مڇرائڻ جي ڪوشش ۾ ھئا، ان ڪري ھن ڀيري ان ڏس ۾ ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ثقافتي ڏھاڙي کان ٻه ڏينھن اڳ مھاجر قومي مومنيٽ جي سربراھ آفاق احمد کان بيان ڏياريو ويو ته اُھي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو احترام ڪن ٿا پر ملڪ مخالف نعرا لڳا ته ھو مزاحمت ڪندا. جنھن جو مقصد اھو پيغام ڏيڻ ھو ته پوليس ڪارروائي ڪندي ۽ پوءِ شاھراھ فيصل تي ايف ٽي سي پل وٽ اھو ئي ٿيو. ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ پريس ڪلب ويندڙن جي پوليس ذريعي رستا روڪ ڪري تشدد ڪرايو ويو. ان سڄي عمل ۾ اردو ميڊيا جو ڪردار سدائين جيان زھريلو ۽ سنڌ مخالف رھيو. ايستائين جو اردوءَ جي ڪجھ صحافين ثقافتي ريلين کي رڳو جيئي سنڌ ڪارڪنن جون ريليون قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ڪجھ اھڙيون وڊيو بہ شيئر ٿيون، جيڪي ان ڏينھن جون نه ھيون. اڌ مُني ڪلاڪ جي ھڪ مخصوص ھنڌ ٿيل ان ڇڪتاڻ کي لاڳيتو بريڪنگ نيوز ھلائي ائين پيش ڪيو ويو، ڄڻ سڄي ڪراچي ۾ فساد ٿيا ھجن. جنھن جو مقصد رڳو اھو ھو ته سنڌي ماڻھن جي ثقافتي ڏھاڙي بابت نفرت پکيڙجي، جنھن لاءِ ورھين کان رٿابندي ڪئي پئي وئي، پر سنڌين طرفان موقعو نه ملڻ تي ھنن پاڻ ئي ھٿرادو بھانو بڻائي نه رڳو قافلا روڪيا، سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪ وارن جي تذليل به ڪئي، جنھن جي ثابتي پوليس موبائل ۾ ويٺل نوجوان کي ڏنل گارين مان ملي ٿي. ان موقعي تي تشدد ڪرڻ سميت ڳوڙھا گئس استعمال ڪري اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ھنن ڪا وڏي مزاحمت ناڪام بڻائي ڇڏي آھي!…
ثقافتي ڏھاڙو ته سڄي سنڌ ۾ ملھائجي ٿو، ھر ھنڌ جلوس نڪرن ٿا ۽ اھي سڀ نعرا لڳن ٿا، جيڪي ڪراچي ۾ ھنيا ويندا آھن، ان ڪري ظاھري طور ته سنڌ جي گاديءَ واري شھر ۾ رستا روڪ جو ٻيو ڪو به سبب نظر نٿو اچي، پر اصل ۾ ان پٺيان اھا سازشي سوچ شامل آھي، جيڪا ڪراچي ۾ سنڌين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي سوچ رکندڙ اِھي اُھي ماڻھو آھن، جيڪي گلگت، ڪشمير، افغانستان، سوات ۽ مالاڪنڊ وارن کي ته پنھنجو ڪن ٿا پر ڪنھن ننڍي شھر کان پنھنجي تخت گاھ ڪراچي ايندڙ يا رھندڙ سنڌين کي غير مقامي چئي ان تعصب جي آبياري ڪن ٿا، جيڪو لياقت علي خان ڇڏي ويو، جنھن کي الطاف حسين ۽ آفاق احمد اڳتي وڌايو. انھيءَ ڪري ھر ڇھين اٺين مھيني کين ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري صوبو بڻائڻ جو سور پيٽ ۾ پوندو رھي ٿو. آفاق احمد ته تعصب جي حد ڪري ڇڏي ھئي، جڏھن سنڌ سرڪار گاڏين لاءِ اجرڪ جي پرنٽ واريون نمبر پليٽون لڳائڻ جو اعلان ڪيو. جنھن تي ھن نه رڳو اعتراض ڪيو پر اجرڪ واري پليٽ ھٽائي پاڪستان جي جھنڊي واري پليٽ ھڻي ملڪ سان وفادار ھجڻ جي دعوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان کي سندس اھو انٽرويو ياد آھي، جنھن ۾ ھن الطاف حسين جي مخالفت ۾ ڳالھائيندي اھو سچ ڳالھايو ھو ته اسرائيلي ايجنسي موساد جي ايجنٽن سان الطاف حسين سندس موجودگي ۾ گڏجاڻي ڪئي ھئي، جنھن ۾ موساد وارن چيو ھو ته ڌار صوبي جي ننڍي ڳالھ ڇو ٿا ڪريو، توھان کي، ڪراچي کي ملڪ ٺاھي ڏيون ٿا. مطلب آفاق احمد، الطاف حسين سان گڏ پاڪستان ٽوڙڻ واري سازش ۾ شريڪ رھي چڪو آھي.
خير، اھي ڳالھيون ته سنڌ مخالف سوچ رکندڙن بابت ھيون، ھاڻي پاڻ کي ڇا ڪرڻو آھي؟ اصل ان بابت سوچڻو ۽ رثابندي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته سازشي چاھين ٿا ته اصل ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ نه ھجن. انھيءَ کٽڪي جي ڪري سنڌ پرستن کي چوندا رھندا آھيون ته ٻيلي پنھنجا مرڪز ڪراچي ۾ ٺاھيو، جئين ڪراچي ۾ ويھي ڪراچي جي مالڪي ڪري سگھجي، پر ڪنھن قومپرست ان ڏس ۾ ڪو عملي ڪم ناھي ڪيو. جلسا جلوس ڪري ھليا وڃن ٿا ۽ پوءِ وري مھمانن وانگر اچن ٿا. ھن وقت عملي مالڪي ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين ڪئي آھي، خاص طور ثقافتي ڏھاڙي تي ھر وک ڪراچي پريس ڪلب ڏانھن ھجڻ جي ڪري سنڌ مخالف پريشان ٿي ويا آھن. ان ڪري اھي رستا روڪ ڪرڻ لڳا آھن. سو اچو ته ٿڌي دل دماغ سان سوچيون ته ھر سال ان ڏھاڙي کي ڪھڙي نموني وڌيڪ بھتر بڻائجي. سمورن سنڌ پرستن جا جھنڊا دل سان سانڍڻ جھڙا آھن، پر ڇا اھو نٿو ٿي سگھي ته سرڪار جي ان بھاني ۽ تاثر کي سنڌ جي وسيع مفاد ۾ اجرڪ جي مخصوص جھنڊي سان رد ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته اصل ڳالھ سنڌ ۽ سنڌيت آھي، ان جو پيغام اڳتي وڌڻ گھرجي. ايندڙ سال جتي انھن سازشن تي نظر رکڻي پوندي، اتي سياسي ڌرين کي پنھنجي ڪارڪنن جي تربيت به ڪرڻي پوندي ته ثقافتي ڏھاڙي تي ڪھڙين ڳالھين جو خيال رکڻو آھي، ڇاڪاڻ ته اھو ڪنھن ڌر جو انفرادي نه پر سڄي قوم جو قومي ڪاڄ آھي، ان ڪري پنھنجي اصلاح ڪرڻ يا گريبان ۾ جھاتي پائڻ ۾ ڪو حرج ناھي. مخالف ته رڳو ڪنھن بھاني جي ڳولا ۾ آھن. اميد ته ان تجويز کي ھاڪاري سوچ سان پڙھيو ۽ ان بابت ڳالھايو ويندو، ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ سڀ کان پھريان سنڌ ھجڻ گھرجي. ھن وقت جڏھن سنڌ جي وحدت تي وار جا سانباھ ٿين پيا، ان مھل ڏاھپ کان ڪم وٺڻو پوندو. ڪراچي اسان جو شھر آھي، ان جي مالڪي لاءِ حڪمت سان ھلڻو پوندو.
اکين ۾ ٿا اڏيون توکي،
ڪراچي ڪئين ڇڏيون توکي.