سڌي ڳالھ …ذوالفقار ڀٽو جونيئر سياسي منظر تان اوچتو غائب…جاويد مھر

                 ناليواري اداڪار مصطفيٰ قريشي جو ڪجھ سال اڳ ھڪ ٽي وي چئنل تان سندس مخصوص انداز وارو پنجابي ٻوليءَ ۾  اشتھار “آگيا اين تي ڇا گيا اين ٺا ڪر ڪي” ڏاڍو مشھور ٿيو. شھيد مير مرتضي ڀُٽي جو پُٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر جڏھن سياسي جلسن جلوسن ۾ اچي ھر ڪنھن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ سان گڏ جذباتي تقريرن سبب ھر پاسي ڇائنجڻ لڳو ته مصطفيٰ قريشي جو اھو  ڊائلاگ ياد اچي ويو، ڇاڪاڻ ته ھن جيترو جلدي سياسي مڃتا ماڻي آھي، اھا تجربيڪار سياستدانن جي وچ ۾ ممڪن نه ھئي، اھو ئي سبب ھو ته ڪجھ مھينا اڳ تائين ڪا اھڙي تقريب نه ھوندي ھئي، جنھن ۾ مير مرتضيٰ جو شھزادو موجود نه ھجي. سندس ان موجودگيءَ سان جتي سنڌ جي سياست ۾ ڊگھي عرصي بعد نئين چھري جي واڌ ٿي، اتي 17 سالن کان اقتدار ۾ موجود پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ به ٽاڪوڙو مچي ويو، جنھن جو اندازو ان وقت ٿيو، جڏھن روزانو ڪو نه ڪو وزير مشير سندس خلاف بيان جاري ڪرڻ لڳو. ايستائين جو صحافي، بلاول ڀُٽي زرداري کان سندس حوالي سان سوال پڇڻ لڳا، پر ايتري تڪڙي سياسي شھرت ۽ عوامي موٽ ملڻ بعد ھو حيرت انگيز طور چئن پنجن مھينن کان سياسي منظر تان اوچتو غائب ٿي ويو آھي. ھن وقت ڪٿي آھي؟ خاموش ڇو ۽ ڇا لاءِ آھي؟ ان حوالي سان جتي اھي سوال اٿاريا پيا وڃن، اتي سوشل ميڊيا تي پوسٽون به رکجن پيون. پاڻ کي به انھن سوالن مجبور ڪيو ته سوچيون ۽ لوچيون ته ھر وقت عوام سامھون رھندڙ ذوالفقار جونيئر ھن وقت عوام ۾ ڇو ناھي؟

جيتوڻيڪ ذوالفقار جونيئر  جو مضبوط تعارف  سندس والد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو آھي، پر ڳالھ اللہ لوڪي ڪبي ته ھن پاڻ به محنت ڪئي آھي، جنھن سبب کيس ھر جاءِ تي شاندار عوامي موٽ ملي. ھا باقي اھو ضرور چئبو ته ان سڄي عمل ۾ مير صاحب سان سنڌي عوام جي محبت ان لاءِ مُک سھارو بڻي. پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته ھلندڙ سال جي مئي ۽ جون مھيني ۾ ذوالفقار جونيئر جي  سياست ۾ اچڻ ۽ نئين سياسي پارٽي بابت مون ٻه ڪالم لکيا ھئا، جن ۾ پارٽيءَ جو نالو به ٻڌايوسين، جنھن جي تصديق جونيئر پاڻ پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي ته نئين سياسي پارٽي پيو ٺاھي. ان کان پوءِ وري ھن ستر ڪلفٽن تي صحافين کي پريس ڪانفرنس لاءِ سڏايو. سڄي ميڊيا ان آسري ان پاسي رخ ڪيو ته شايد ڀُٽي جو پوٽو پارٽي بابت اڳڀرائي ڪندو، پر ان وقت صحافين کي مايوسي ٿي، جڏھن ھن نئين پارٽي بدران لياريءَ ۾ ھڪ عمارت ڊھڻ جي متاثرن کي پاڻ سان ويھاري رڳو ان تي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھو ڪئين ممڪن ھو ته  صحافي سياسي سوالن کان مُڙن، ان ڪري ھنن سوالن مٿان سوال ڪري کائنس سندس واتان اھو چورائڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته آگسٽ ۾ فاطمه ڀٽو جي آمريڪا مان اچڻ تي پارٽي جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. ان اعلان کي ان ڪري به پذيرائي ملي جو ماضي جي قومپرست شاگرد سياست جو اڳواڻ مينھان خان رند، جيڪو  غنوا ڀٽو جي دور ۾ پ پ شھيد ڀٽو سنڌ جو صدر رھيو ۽ ڪجھ سال اڳ پ پ ۾ ھليو ويو ھو، تنھن ان ڏھاڙي پ پ ڇڏي ذوالفقار جونيئر جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

پاڪستان جون سياسي حالتون ڏسي ان ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش نٿي رھي ته اقتداري پارٽي ٺاھڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد ضروري آھي، نه ته توھان سان اھو حشر ٿيندو، جيڪو ورھين کان سنڌ پرست سياست ڪندڙن سان ٿي رھيو آھي، جن مان  ڪجھ چونڊن ۾ کٽڻ باوجود به نتيجن مھل ھارايا وڃن ٿا. آر او يا فارم 47 جا پڙاڏا ته ھاڻ ٻڌجن ٿا، پر مختلف طريقن سان عوامي مينڊيٽ سان اھو قھر ايوب خان واري دور ۾ ٿيل چونڊن کان وٺي آھي، جن ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمہ فاطمه جناح کي ڌانڌلي ڪري ھارايو ويو. ان کان پوءِ ستر وارين چونڊن ۾ مجيب الرحمان جي مينڊيٽ سان ڇا ٿيو، ان کان جڳ جھان واقف آھي. خير سان اھو سلسلو باقاعدگي سان ھلندو پيو اچي، ان ڪري جيڪڏھن اھو چئجي ته فارم 47 جي ڪھاڻي 1947 ۾ کان ھلندي پئي اچي ته ڪو وڌاءَ نه ٿيندو. اھڙي صورتحال ۾ ذوالفقار جونيئر جو  سياست ۾ اچڻ ڪو سولو فيصلو نه ھو، پر ھن سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنالن ٺاھڻ واري معاملي وقت انڌي ٻُلھڻ بابت پنھنجي اين جي او جو ڪم ڇڏي ان پاسي منھن ڪري اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته کيس پنھنجي بابا جيان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌو درياءَ سان محبت آھي. اھو ئي سبب ھو ته ھو ھر جلسي جلوس ۾ ساٿين سميت ڪاھي پيو، اھو به نه ڏٺائين ته احتجاج ڪھڙي سياسي ڌر جو آھي؟ سندس محبت جو مرڪز سنڌ رھي، جنھن جو اظھار سندس تقريرن مان چِٽو ٿيندو رھي ٿو. ان ڪري ھر سياسي ۽ سماجي پليٽ فارم تان ھن عوام سان تعلق قائم ڪيو. ان دوران اھو واضح طور محسوس ٿيو ته منجھس آھستي آھستي  سياسي پختگي اچي رھي آھي.

ان سڄي وايو منڊل ۾ مون ذاتي طور ستر ڪلفٽن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، جتي ڊگھي عرصي بعد شھيد مير مرتضيٰ ڀُٽي جا ڪجھ ساٿي به نظر آيا، جيڪي خوش ھئا ته مير کان پوءِ جونيئر سان کين سياست ڪرڻ جو موقعو ملي رھيو آھي. ان ملاقات ۾ پڻ ذوالفقار جونيئر پيپلز  ڊيموڪريٽڪ پارٽي نالي تجويز  نئين پارٽي بابت ذڪر ڪيو ته فاطمه ڀٽو جي اچڻ تي اعلان ٿيندو. ڪجھ ماڻھن جو خيال ھو ته 20 سيپٽمبر تي مير مرتضيٰ ڀُٽي جي ورسي واري جلسي ۾ پارٽي جو اعلان ٿيندو، پر اھو ٻڌي خوشگوار حيرت ٿي ته پارٽِي جو اعلان آگسٽ ۾ ٿيندو ۽ مير صاحب جي ورسي نئين پارٽي پليٽ فارم تان ٿيندي. ھڪ ذميدار ماڻھوءَ ته اھو به ٻڌايو ته فاطمه ايندي ۽ پوءِ جونيئر سان گڏجي سڄي ملڪ جا دورا ڪندي، جنھن ڪري ھر ڪنھن جون نظرون فاطمه ڀٽو ڏانھن ھيون، جيڪا ھڪ مينھوڳي رات انتھائي خاموشي سان ڪراچي پھتي، جتي اٽڪل ھڪ مھينو رھي. ان دوران شھيد مير مرتضيٰ ڀُٽي جي ورسي به آئي پر ڪو جلسو نه ٿيو. ھن ڀاءُ سان گڏجي مزار تي حاضري ڀري، المرتضيٰ ھائوس ۾ ترسي ۽ پوءِ ڪراچي ۾ فلسطين بابت پنھنجي ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ بعد واپس آمريڪا ھلي وئي. ھتي اھم ڳالھ اھا به محسوس ٿي ته جيترو عرصو به فاطمه ڀٽو پاڪستان ۾ رھي، ذوالفقار جونيئر ڪا به سياسي سرگرمي نه ڪئي ۽ اھا خاموشي سواءِ ھڪ تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ اڃا تائين برقرار آھي. ايستائين جو ھن ٻاھر نڪرڻ به گھٽائي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري سندس چارج ٿيل ڪارڪنن ۾ مايوسي ۽ ستر ڪلفٽن ۾ ٻيھر ويراني جا پاڇا آھن.

جئين مون عرض ڪيو ته جونيئر جي پارٽي بابت شروعاتي ڪالم پاڻ لکيا ھئاسين، ان ڪري گھڻن مھربانن سوال ڪيا ته ذوالفقار جونيئر جي پارٽيءَ جو ڇا ٿيو؟ ان سوال جي جواب ۽ سندس ڳولا لاءِ پاڻ نجم سيٺي وانگر جھرڪيءَ کي ته تڪليف نه ڏني، ھا باقي صحافتي تعلق استعمال ڪندي ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران خبر پئي آھي ته فاطمه ڀٽو کيس في الحال خاموش رھڻ جي ھدايت ڪري وئي آھي، جڏھن ته اھا تصديق جوڳي خبر آھي ته جونيئر، پنجاب ۾ جن سياسي اڳواڻن سان گڏجي پارٽِي ٺاھڻ لاءِ  رابطا پئي ڪيا، انھن مٿس واضح ڪيو آھي ته اھي پنھنجون پارٽيون ختم ڪري نئين پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بدران پنھنجي پارٽي سڃاڻپ سان سياسي اتحاد جي صورت ۾ گڏجي سگھن ٿا. اھو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سنڌ ۾ پ پ کان ڌار ٿيل مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ڪجھ ٻين اڳواڻن پڻ شموليت جي حوالي سان کيس ڪا خاص موٽ نه ڏني. چون ٿا ته پنجاب جي ڪجھ اڳواڻن نئين سياسي پارٽي جي جوڙجڪ لاءِ سندس  طريقيڪار تي پڻ اعتراض واريا، جنھن بعد  اھو طئي ٿيو ته رابطا مھم ھلائي پھريان نوجوانن کي تيار ڪيو ويندو، ان بعد وڪيلن، ھارين، پورھيتن ۽ ٻين شعبن ۾ متحرڪ ٿي گڏيل اجلاس گھرائي پارٽي جو اعلان ڪيو ويندو، پر ان حوالي سان ھڪ سيڪڙو به عمل نه ٿي سگھيو آھي.

چوڻ وارا چون ٿا ته بلاول ڀُٽي جي امير بخش ڀُٽي سان ممتاز ڀُٽي جي تعزيت بھاني ملاقات به لاڙڪاڻي ۾ پ پ مخالف سياست  ڪندڙن کي ڌڪ رسايو آھي، ڇاڪاڻ ته جونيئر جي سياسي مستقبل ۾ ممتاز ڀُٽي جي خاندان جو اھم ڪردار ٿي پئي سگھيو، پر ھاڻ لڳي ٿو ته امير بخش ڀٽو بلاول سان نئين تعلق کي جونيئر سان سيز فائر لاءِ ڪتب آڻي سگهي ٿو. ان ڪري ھن مھل جونيئر جي اوچتو سياسي منظر تان غائب ٿيڻ وڏا سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن، ڇاڪاڻ ته ڪئنالن واري معاملي بعد 26هين ۽ 27ھين ترميمون ٿي چڪيون آھن، جڏھن ته 28ھين ترميم سان سنڌ جي وحدت مٿان وار جون سرعام ڳالھيون ھلن پيون، پر ھو خاموش آھي. ان سڄي صورتحال مان لڳي ٿو ته جونيئر جيڪو وڪيٽ کان نڪري کيڏي رھيو ھو، اھو وڌيڪ بھتر کيڏڻ جي تياري ڪري رھيو آھي يا وري سياسي سليڪشن بورڊ کيس في الحال پاسيرو ٿي سياسي ميدان کان ٻاھر ڪنھن نئين فيصلي لاءِ “ڏسو ۽ انتظار ڪريو” تي عمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي؟ ان موقعي تي کيس ذھن ۾ اھو رکڻو پوندو ته سياست ۾ انٽري ھڪ ڀيرو ٿيندي آھي، جيڪا سندس ٿي چڪي آھي، ڊگھي خاموشي بعد ٻيھر انٽري کي ناڪام سياستدان جو ميدان ۾ لھڻ ليکيو ويندو. اميد ته ويجھا ساٿي ان ڏس ۾ سندس رھنمائي ڪندا .