سڌي ڳالھ ….سنڌ پرست سياست ۾ شخصيت پرستي ۽ ڇڙواڳ ڪلچر….جاويد مھر

                 اھو ڪيڏو نه عجيب آھي ته جيڪڏھن ڪو ڪنھن کي نٿو وڻي يا ڪو ڪنھن جي ڳالھين سان سھمت نٿو ٿئي ته ان لاءِ سرعام غداري جا سرٽيفڪيٽ ورھايا ٿا وڃن. اھڙن ماڻھن کي جيڪڏھن ڪو ان حرڪت کان روڪڻ يا سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي بہ دليلن سان مھذب انداز ۾ جواب  بدران جاھلاڻا عذر پيش ڪندي پاڻ کي سچو ۽ کرو  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، خبر ناھي ان سڄي عمل کي  ڪو ڪھڙو نالو ڏئي؟ پر اھو طئي آھي ته اھڙي حرڪت مان آمراڻي ۽ شخصيت پرستي واري سوچ چٽيِ نموني سامھون اچي ٿي. بدقسمتيءَ سان سنڌي سماج ان مرض ۾ ڏينھون ڏينھن وڪوڙجي رھيو آھي، خاص طور اسان جي سنڌ پرست پارٽين جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن مٿان اھا سوچ تيزي سان حاوي ٿي رھي آھي. ٻين ڪيترن ئي سببن سميت اھي ڌريون شايد انھيءَ آڌار به عوامي سطح تي مضبوط نه ٿي سگھيون آھن، ڇاڪاڻ ته ڏھاڪن جي جدوجھد باجود جڏھن ڪنڌ ورائي جائزو وٺجي ٿو ته پاڻ انھي ساڳئي ھنڌ بيٺل نظر اچون ٿا، جتان ان اميد سان سفر شروع ڪيوسين ته سنڌ کي  پنھنجي حقن، تحفظ ۽ خوشحالي واري منزل تائين پھچنداسين.

جڏھن ڪنھن به موضوع تي لاڳيتو لکڻ جي ڪوشش ٿيندي آھي ته ان ۾ ڳالھين جي ورجاءَ جو امڪان موجود رھي ٿو، پاڻ به پنھنجي اڄوڪي موضوع تي ٻه ٽي ڀيرا لکيو آھي، ان ڪري ڪوشش ھوندي ته يڪسانيت کان بچي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪجي، جيڪڏھن چاھيون ھا ٿا ته ان تي لکڻ کان پاسو به ڪري پئي سگھياسين پر چوندا آھن ته جڏھن ڪو مرض وڌڻ لڳندو آھي ته پوءِ ان جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن سان مشورا ڪيا ويندا آھن ته جئين سندن راءِ جي روشِني ۾ ڪنھن بھتر حل تائين پھچي سگھجي. مطلب ته مرض کان ڇوٽڪارو ممڪن بڻجي. سو قلم ڌڻي جڏھن ڪن مسئلن تي پنھنجي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندا آھن، اھو به علاج تجويز ڪرڻ برابر ھوندو آھي، انھيءَ ڪري ھھڙي حساس موضوع تي ھر ھر قلم کڻڻ جو ڪارج اھو ئي آھي ته ڪنھن ھاڪاري راءِ زني ذريعي بھتري واري انقلابي واٽ جي ڳولا ڪجي، جنھن  تي ھلي پنھنجي ڌرتي، قوم، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي خدمت ڪري سگھجي.

سنڌ جا سمورا قومپرست وطن جا محافظ آھن، ڇاڪاڻ ته ھنن ھر ڏکئي وقت ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي مالڪي ڪئي آھي، انھيءَ ڪري انھن جي سنڌ پرستي تي ڪو به شڪ نٿو ڪري سگھي، پر ان مھل افسوس ٿيندو آھي، جڏھن اھي پاڻ ۾ سوشل ميڊيا تي مورچابند ٿي ھڪ ٻئي مٿان انتھائي سخت، ڪِريل ۽ ڇڙواڳ ٻوليءَ سان حملا ڪندا آھن، اھي قومپرست  اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيڪي جلسن جلوسن ۾ پنھنجين تقريرن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي محبت جو محور قرار ڏيندا رھن ٿا، دنيا سوشل ميڊيا جي شاندار استعمال سان ڪٿان کان ڪٿي پھتي آھي ۽ اسان وري اھو مورچو ھڪ ٻئي جو پٽڪو لاھڻ لاءِ پيا ڪتب آڻيون. ان ڳالھ جو مقصد اھو به ناھي ته سئو سيڪڙو غلط استعمال ڪريون ٿا، پر اھو ضرور چئبو ته پھريان جي ڀيٽ ۾ اھو رجحان ھاڻ تيزي سان وڌي رھيو آھي، جيڪو سنڌ جي اجتماعي مفادن لاءِ انتھائي ھاڃيڪار آھي. اھو ان ڪري جو ھاڻ اھي اندروني جھيڙا سوشل ميڊيا جي ڪري سنڌ مخالف پنھنجن فيس بڪ وال ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ شيئر ڪري رھيا آھن، جن ۾ اھي پنھنجن ماڻھن کي اھو ٻڌائي رھيا آھن ته سنڌ جا قومپرست ظاھري طور گڏ آھن، اندورني طور ھڪ ٻئي دشمن آھن، انھيءَ ڪري سنڌ مخالف گروپن ۾ سنڌ مخالف اھو پيغام پيا ڇڏين ته سنڌ ۾ ڌار صوبي لاءِ جدوجھد تيز ڪئي وڃي. سندن چواڻي سنڌي پاڻ ۾ وڙھن پيا، اھي ھڪ اڌ احتجاج کانسواءِ ڪجھ به نه ڪري سگھندا. جڏھن اھي ڳالھيون سامھون آيون ته مون “سنڌ کي اختلافن نه پر ٻڌيءَ جي ضرورت آھي” جي عنوان سان پوسٽ رکي. جيتوڻيڪ ان مختصر لکڻي جي ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪيترن ئي ھاڪاري سوچ رکندڙن شيئر به ڪئي، پر ان مھل ڏک ٿيندو آھي، جڏھن ناڪاري سوچ رکندڙ انباڪس ۾ اچي سنڌ مخالف قرار ڏيڻ جو سرٽيفڪيٽ ورھائي ھليا وڃن ٿا. اھا ڳالھ نوٽ ڪئي وئي آھي ته مختلف قومپرست پارٽين جا اڳواڻ يا ڪارڪن جڏھن ھڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڳالھائي ٿڪجن ٿا ته پوءِ اھي ڪوڙين آئڊين تان گاريال ۽ ڇڙواڳ برگيڊ ميدان ۾ لاھين ٿا. ھن ڀيري ته ھڪ ٻئي جون توھين تي ٻڌل وڍيو خاڪا به ٺاھيا ويا. يقين ڪريو ته اھي سمورا ڪارناما مخالفن ڀرپور نموني ڪيش ڪرايا. اھا بدقسمتي ناھي ته ھڪ پاسي خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ جماعت اسلامي وارا سنڌ ٽوڙڻ جا مطالبا ڪري رھيا ھئا ۽ ٻئي پاسي انھن کي جواب ڏيڻ بدران اسان جا سنڌ پرست ڪوڙين آئڊين تان ھڪ ٻئي جا بخيا اُڊيڙي ائين خوش ٿي رھيا ھئا، ڄڻ ھنن ڪنھن دشمن کي شڪست ڏني ھجي. ھنن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، باشعور سنڌي ان جي حمايت نٿا ڪن.

اھو سڀ ڪجھ ڇو پيو ٿئي؟ ڇا ان تي ڪڏھن سوچڻ جي ڪوشش آھي؟ جواب ملندو نه. اھو ان ڪري جو  اسان جي پارٽين جا ڪارڪن ھاڻ رڳو ان وقت سرگرم ٿين ٿا، جڏھن ڪو احتجاج  ٿئي يا ڪو جلسو، ان وچ ۾ سڄو وقت ھڪ ٻئي کان پري ھوندا آھن. ڪو دور ھو جو پارٽي آفيسون ڪارڪنن سان سٿيل ھونديون ھيون، اڳواڻ  موجود ھوندا ھئا، ھاڻ وڏيون آفيسون ته نظر اينديون، پر اتي ويراني آھي، رابطا ختم ٿي ويا آھن، پارٽين جون پاليسيون ڇا آھن؟ ڪنھنن  کي ڪا خبر ناھي، گھرن ۾ موبائل ذريعي سوشل ميڊيا تي ڪارڪنن جو رد عمل پھريان ۽ اڳواڻن جو  بعد ۾ اچي ٿو، اصولن توڙي ضابطن جي ڪابہ پابندي ناھي، نتيجي ۾ ھر ڪو پنھنجي منھن ھلي پيو. حالت ان حد تائين پھتي آھي، جو جيڪڏھن پارٽي سربراھ بہ ڪارڪنن کي بيان بازي کان روڪي ٿو تہ عمل نٿو ٿئي. ڇڙواڳي ۽ اظھار جي آزادي ۾ فرق ختم ٿيڻ جي ڪري ھر ڪو پاڻ کي حق تي سمھجي ٿو، نشاندھي باوجود غلطي مڃڻ لاءِ ڪو بہ تيار ناھي، ان کي چئبو آھي پنھنجا منھن ـ پنھنجا موچڙا، يا مھرڊٻائي چواڻي: پوءِ ڇو نہ نسلن جا نقصان ٿيندا. ڇاڪاڻ تہ ڪنھن سان ڪھڙي شڪايت ڪجي؟

اھو اھڙو موضوع آھي، جنھن تي جيترو کلي لکبو، پنھنجا ناراض ٿيندا، انھيءَ ڪري گھڻيون ڳالھيون دٻيل لفظن سان يا ويڙھي سيڙھي ڪيون آھن، ڇاڪاڻ تہ سچ ٻڌڻ وڏي جگر جو ڪم آھي. اھڙي صورتحال ۾ پاڻ احتسابي جي ضرورت آھي، خاص طور سنڌ جي نالي تي سياست ڪندڙ ڌرين کي گھرجي تہ اھي پاڻ ۾ سھپ پيدا ڪن، جڏھن تہ سياسي ۽ ذاتي تعلق پرکڻ جي صلاحيت کان ڪم وٺن، پاڻ ۾ ُاٿ ويھ ڪن، ويجھا رابطا رکن. اڳواڻ ھڪ ٻئي ڏانھن رڳو ذاتي نہ پر سياسي بنيادن تي بہ اچ وڃ ڪن. گھڻي عرصي کان سنڌ پرستن جو سنڌ  سطح جو سياسي اتحاد نہ ٿيڻ بہ انھن وڇوٽين کي جنم ڏنو آھي. چوندا آھن تہ ميل جول ھجي تہ غلط فھمي پيدا ٿيڻ جي گنجائش نہ ٿي رھي. دعوا سان چئبو تہ پاڻ وٽ اھڙا بہ سنڌ پرست اڳواڻ آھن، جيڪي ھڪ ئي شھر يا علائقي ۾ ھجڻ باوجود ورھين تائين نٿا ملن. اھي وڃوٽيون ختم ڪريو، پاڻ ۾ ملو ، اٿو ويھو. جيڪڏھن سنڌ مخالف سنڌ ورھائڻ جي ھڪ نقطي تي گڏ ٿي سگھن ٿا تہ توھان سنڌ جي وحدت تي وار خلاف ھڪ آواز ٿي جواب ڇو نٿا ڏئي سگھو؟ پاڻ ۾ اجاين ۽ ننڍين ڳالھين تي وڙھڻ بدران سھپ ۽ رواداري پيدا ڪريو، سنڌ کي ان جي ضرورت آھي، ٻئي صورت ۾ ھڪ ھڪ ڪري اڪيلا ماريا وينداسين، ھوش ڪريو، ھڪ ٻئي کي سياسي مخالفتن تي غدار قرار ڏين بدران پنھنجن کي پنھنجو سمجھو، شخصيت پرستي مان نڪري اچو، تنقيد کا ڪوبه آجو ناھي، پنھنجو احتساب ڪرڻ سکو، ان سان سھپ پيدا ٿيندي.