سڀ کان پھريان پڙھندڙن کان معذرت تہ پوئين ھفتي غيرحاضري رھي، اڄ اُھا ڪسر ڪيترن ئي شھرن جي سفر نامي جھڙي ڪالم ذريعي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، ٺارو شاھ واسي اعجاز عالماڻي صاحب اٽڪل 27 سالن کان آمريڪا ۾ رھي پيو ۽ اتان جو شھري بہ آھي، ھو ھر سال سنڌ ايندو رھي ٿو، پر ھن ڀيري 5 سالن جي وٿيءَ سان موٽيو آھي، سندس تعارف اھو آھي تہ ُاتي ڪاروبار ڪري ٿو، پر جنھن ڪم کيس سنڌ ۾ سڃاڻپ ڏني آھي، اھو سنڌي ريڊيو پروگرام مھراڻ رنگ آھي، جيڪو آمريڪا مان ھر آچر تي ايم ايف 95 تان نشر ٿئي ٿو، جنھن کي فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي بہ لائيو ڏسي سگھجي ٿو، اعجاز عالماڻي ٽن ڪلاڪن جو اھو پروگرام 23 يا 24 سالن کان پنھنجي خرچ تي ڪري پيو، سنڌ جي مسئلن تي بيباڪيءَ سان ڳالھائي ٿو، خاص طور سنڌ ۾ ترقي بابت سندس تجزيو سخت ھوندو آھي، جنھن جي جواب ۾ آمريڪا ۾ رھندڙ پ پ اڳواڻ يا حامي ٽيليفون ڪال تي مٿس ڪاوڙجي کيس چوندا آھن تہ سنڌ ۾ وڏي ترقي ٿي آھي، ان ڪري آمريڪا مان ويھي ڳالھائڻ بدران اتي وڃي ڏسو. اتفاق اھو ٿيو جو جڏھن عالماڻي صاحب ڪراچي پھتو تہ ٻئي ڏھاڙي ھڪ ڪلاڪ برسات پئي، نتيجي ۾ ھر پاسي اربن فلڊنگ واري صورتحال ھئي، سو اعجاز عالماڻي جائزو وٺڻ لاءِ ھوٽل کان ٻاھر نڪتو ۽ فيس بڪ تي لائيو اچي اھو سوال ڪيو تہ اھا ڪھڙي ترقي آھي جو ھڪ ڪلاڪ جي برسات سان شھر جا روڊ رستا سمنڊ بڻجي ويا؟، ھن مختلف ھنڌن تي وڃي چيو تہ اچو سنڌ جي ترقي ڏيکاريو. خير ڳالھ کٽايون ٿا، ھڪ ڏينھن ھن فون ڪري چيو تہ سنڌي ادبي سنگت طرفان حيدر آباد ۾ آجياڻو ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ نوجوانن سان ڪچھري جو پروگرام رٿيل آھي، توھان بہ گڏ ھلو، جئين ان بھاني ڪراچي کان پوءِ ننڍن شھرن ۾ سنڌ جي ترقي جي ڳولا ڪجي، جنھن ڪري 10 اپريل تي نڪري پياسين.
ڪراچي کان روانگي وقت سج جي روشني تي چنڊ حاوي ٿيڻ شروع ٿي چڪو ھو، سپر ھاءِ وي جي الحبيب ھوٽل تي عالماڻي صاحب سان برادري جي ڪجھ نوجوانن کي ملڻو ھو، سو اتي ھوادار وڻندڙ شام ۾ چانھ جي ُچسڪين جو مزو ورتو، پر اعجاز صاحب چواڻي گلستان جوھر جي اوطاق ھوٽل تي پيتل چانھ وڌيڪ ڀلي ھئي، جنھن تي ماضيءُ ۾ پي ٽي وي تي ھلندڙ اشتھار ”ڪڙڪ چانھ جو مزو – روبي ڊسٽ جو مزو“ ياد اچي ويو، پر سچ پڇو تہ ھاڻ نہ روبي رھي آھي، نہ وري چانھ جا ُاھي ذائقا رھيا آھن، سڀ ڪجھ تبديل ٿي ويو. بھرحال ماضيءَ جي يادن مان نڪري اھو ٻڌائيندو ھلان تہ ڪراچي مان اياز عالماڻي جي ڪنٽرولڊ ڊرائيونگ ۽ ان دوران ٻڌايل لطيفن تي ٽھڪ ڏيندي خوشگوار موڊ ۾ جڏھن سنڌ يونيورسٽي ويجھو پھتاسين تہ ان مھل ڪجھ نوجوان روڊ بلاڪ ڪري رھيا ھئا، نعرا ٻڌڻ تي خبر پئي تہ سنڌ جي نياڻي فھميدا لغاري جي معاملي تي احتجاج ڪيو پئي ويو، گاڏين جي قطار ڊگھي ٿيندي ڏسي متبادل رستو اختيار ڪري ڄامشوري ۾ عالماڻي صاحب جي ليڪچرار ڀاڻيجي حنا عالماڻي جي گھر پھتاسين، اتي فريش ٿيڻ بعد حيدر آباد وياسين، جتي ھڪ ھوٽل ۾ رات جي ماني جو بندوبست ٿيل ھو. گاڏي ۾ سوشل ميڊيا ڏسڻ دوران ڄاڻ ملي تہ ٻئي ڏھاڙي اسان جي دوست ماڻڪ ڪنگراڻي جي ورسي تقريب آھي، ان ڪري پيارو ايوب گل حيدر آباد آيل ھو، فون ڪرڻ تي ٻڌايائين تہ قاسم آباد ۾ ھڪ ھوٽل تي موجود آھي، سو وٽس پھتس،ِ ٻنھي ٻٽا ڀاڪر پاتاسين، جو سالن کان سوشل ميڊيا کانسواءِ روبرو ملاقات نہ پئي ٿي. ساڻس نوجوان ليکڪ اختر حفيظ بہ ھو، جنھن ملاقات کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو. ايوب چيو تہ ماڻڪ جي تقريب ۾ اچجان، پر سفر جو شيڊيول ڏسي پڪ ڏيڻ بدران کيس ڪوشش ڪرڻ جو آسرو ڏنم. کائنس موڪلائي ھوٽل پھتاسين تہ ماني تيار ھئي، اعجاز عالماڻي صاحب پنھنجي ميزبان ڀاڻيجي ۽ سندس مڙس سان گڏ موجود ھو، طعام ڏسي اسان مھمانن رڙ ڪئيسن تہ ايترو کاڌو ڪير کائيندو؟ پر جڏھن شروعات ڪئي تہ پوءَ مني ڪلاڪ بعد سمورا ٿانوءَ خالي ھئا، پُرباش ٿيڻ بعد ھوٽل تان اٿي اڳتي آئسڪريم جو دور ھليو. پوءِ رات سان ننڊ سڀني کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو.
صبح جو 10 وڳي ننڊ اسان مان ھٿ ڪڍيا، 1 وڳي سنڌي ادبي سنگت طرفان ھڪ مقامي ھوٽل ۾ اعجاز عالماڻي صاحب لاءِ آجياڻو رکيل ھو، پاڪستاني ھجڻ جو ثبوت ڏيندي ھڪ ڪلاڪ دير ٿي. ھال ۾ گھڙڻ سان ھر پاسي اديب، شاعر، دانشور، تعليمدان ۽ صحافي نظر آيا، ان ڪري محمد خان ابڙي سان گڏ سائين تاج جوئي سميت مشتاق ڦل، احمد سولنگي، نصير مرزا، مختيار ابڙي، سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح مري ۽ مرتضي` ڦل سان ھڪ ئي وقت ملاقات ٿي. تقريب ڏاڍي ڀلي ھئي، سڀني ڊيگھ ڪرڻ بدران مقصد واري ڳالھ ڪري اعجاز عالماڻي کي آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ ايف ايم ريڊيو تي سنڌي پروگرام مھراڻ رنگ ذريعي سنڌيت جو پيغام پکيڙڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي. پڄاڻي تي مانجھاندي جو اھتمام ھو، وقت ايترو ٿي چڪو ھو جو ماڻڪ ڪنگراڻي جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڏکي ھئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ماتلي پھچڻو ھو، جتي غلام رسول نظاماڻي ۽ نئين دمبالي وارو محمود چانگ اوسيئڙي ۾ ھئا، جيڪي مھراڻ رنگ آمريڪا جا مستقل ٻڌندڙ پڻ آھن، سندن خواھش ھئي تہ اعجاز عالماڻي صاحب وٽن اچي، سو ڪلاڪ ڏيڍ جو سفر ڪري ماتليءَ ۾ لڏو لاٿوسين، جتي ڪيترائي دوست آجيان لاءِ موجود ھئا. سنڌي روايتن موجب حال احوال ٿيو، اعجاز عالماڻي صاحب ماتلي پھچڻ تائين ترقي جي ڳولا ڪندو آيو، سو ڪچھري ۾ بہ اھو مکُ موضوع ھو. محمود چانگ کان سواءِ سڀني کي سنڌ سرڪار سان شڪايتون ھيون، اتي پ پ جي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر مرحيات عبدالغفور نظاماڻي جي فرزند سان پڻ ملاقات ٿي، جيڪو پ پ تي صفا ڏمرِيل ھو. ڪنھن ڪچھري دوران چيو تہ ٻن کانسواءَ پ پ جا سمورا اميدوار فارم 47 ذريعي ڪامياب ٿيل آھن. بھرحال شاندار ڪچھري بعد ھنن اسان کي اجرڪ اوڍايا، موڪلائڻ کان اڳ ھو نظاماڻي پاڙي ڀرسان وھندڙ ڦليلي واھ وٺي ويا، جنھن جي ور وڪڙ واري لوڪيشن ڏسي دل باغ بھار ٿي وئي. اعجاز عالماڻي صاحب ٻڌايو تہ ڦليلي واھ آمريڪا ۾ ھجي ھا تہ اتان جي سرڪار ان کي خوبصورت بڻائي لکين ڊالر ناڻو ڪمائي ھا، ان بحث مباحثي ۾ ماتليءَ مان محبتون ميڙي روانا ٿياسين، نڪرڻ وقت سامھون ايندڙ ڪار ۾ ھڪ نياڻيءَ کي ڊرائيونگ ڪندي ڏسي خوشي ٿي تہ ننڍڙن شھرن ۾ بہ سنڌ جي عورت اڳتي وڌي پئي.
ماتليءَ بعد نئين منزل نوابشاھ شھر ھو، جتي اسان جي گاڏي جي پائليٽ اياز عالماڻي رات جي ماني جو بندوبست ڪيو، ماني کائڻ کانپوءِ ھن گاڏي ۾ ويھاري صدر آصف علي زرداري جي شھر جو سرسري دورو ڪرايو، زرداري ھائوس ڪنڊيداري تارن جي وڪڙ ۾ ھو، ڄڻ ڪو فوجي ھيڊ ڪوارٽر ھجي، اتان جا ويجھا روڊ سٺا ھئا، ٿوري فاصلي تي ضياءَ لنجار جو بنگلو ھو، پر اھو سندس موري واري محل سامھون ڪجھ نہ ھو، پڇڻ تي خبر پئي تہ زرداري ھائوس جي ڀرپاسي وارا بنگلا بہ طاقتورن خريد ڪيا آھن، جئين ڪراچي ۾ بلاول ھائوس جي ساڄي ۽ کاٻي خريد ڪيا ويا، ائين ڪنھن دؤر ۾ الطاف حسين جي نائن زيرو جي ڀر وارا گھر ايم ڪيو ايم وارن يا تہ سستي اگھ تي زوري ورتا يا وري قبضو ڪري ويٺا. گھمڻ دوران شھيد ڀٽو اڳواڻ عنايت رند جي گھر جي ڄاڻ ملي تہ اھو بہ اتي ئي آھي، چون ٿا بنگلو وڪرو ڪرڻ لاءِ مٿس زور ڀريو ويو پر ھن انڪار ڪيو.
…………. جاري آهي