ڪجھ ڏينھن کان سنڌ جي سياست ۾ ٿوري اُٿل پُٿل ڏٺي پئي وڃي، جيڪا ان ڳالھ جو اشارو ٿي ڪري ته ايندڙ وقت لاءِ سياسي صفبنديءَ جي تياري ۽ شروعات ٿي چڪي آھي. جيتوڻيڪ عام چونڊون اڃا پري آھن، پر پياري پاڪستان جي سياست ۾ حڪومتن کي جڏھن ٻه اڍائي سال ٿيڻ وارا ھوندا آھن تہ سياسي ڀڃ ڊاھ جا بنياد رکڻ لاءِ اڳڀرايون ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيا طور طريقا ذھن ۾ رکي سرگرم ۽ خاص طور خاموش ويٺل سياسي ماڻھن سان رابطا ڪري مستقبل جي حڪمت عملي جوڙي ويندي آھي، انھيءَ ڪري فوري طور تہ نہ پر ڇھن اٺن مھينن بعد يا ان دوران يقيني طور ان سياسي عمل ۾ تيزي ايندي، جنھن بعد فيصلائتا سياسي پتا کيڏڻ جو مرحلو ايندو آھي، ان مان ئي چونڊن ۾ ڪنھن جي ڪاميابي يا ناڪامي جا اندازا ھنيا ويندا. سو اھو چئي سگھجي ٿو تہ پاڪستان جي سياسي ڌرين پنھنجو سياسي روڊ ميپ طئي ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا آھن.
پاڪستان سطح تي تہ في الحال ماٺار آھي پر سنڌ ۾ ڪجھ ظاھري ۽ ڪجھ اندروني سياسي رابطن ۾ تيزي ڪنھن کان ڳجھي ناھي رھي، جنھن جي شروعات تہ شھيد مير مرتضي` ڀٽي جي پٽ ذوالفقار ڀٽي جونيئر ڪئي ھئي، پر نئين سياسي پارٽيءَ ذلاءِ گھڻي ڀاڱي رابطا ڪرڻ ذباوجود ھو انھيءَ تيزي سان پوئتي ھٽيو، جنھن تيزي سان پارٽي ٺاھڻ جون ڳالھيون ڪيون ھئائين. ايستائين جو ساڻس گڏ ھلندڙ اڳواڻن ميڊيا کي 2025 جي سيپٽمبر جون تاريخون بہ ٻڌائي ڇڏيون ھيون. ان جي نتيجي ۾ پ پ کان مايوس اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ذري گھٽ تياري ڪري ڇڏي ھئي تہ اھي ذوالفقار جونيئر جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا، جنھن جو مثال مينھان خان رند آھي، جيڪو نوابشاھ جھڙي اھم شھر مان پ پ کي الوداع ڪري نئين پارٽي جي آسري ستر ڪلفٽن پھتو ۽ شام جو خبر پئي تہ ماضي ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻ رھندڙ مينھان خان رند، جونيئر جي ٽيم جو حصو ٿي ويو آھي، جنھن جو اعلان ميڊيا ذريعي سامھون آيو. مينھان خان جي شموليت ان ڪري بہ سنجيدہ نوعيت جي ليکي وئي، جو ھو غنوا ڀٽو واري دؤر ۾ پ پ شھيد ڀٽو سنڌ جو صدر ھو پر جڏھن علي سوناري جي شھادت بعد پارٽي سياسي طور خاموش ٿي تہ پوءِ اڳتي ھلي ھن پ پ ۾ شامل ٿي ان آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پنھنجو ليڊر مڃيو، جن خلاف پ پ شھيد ڀٽو ۾ ھوندي سخت تقريرون ڪندو ھو، پر سڀني کي خبر آھي تہ اھڙيون سياسي قلابازيون سنڌ جي سياست ۾ ڪي نيون ناھن. گھوٽڪي ضلعي جي ھڪ وڏيري احمد يار شر تہ ھڪ ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا سياسي وفاداري مٽائڻ جو اعزاز پنھنجي نالي ڪيو. ڏسون تہ ايندڙ وقت ۾ اھو رڪارڊ ڪير ٿو ٽوڙي؟ ان ڪاري ٽڪي سان گڏ سڀ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون مٽائيندڙ اڳواڻن جو تعلق بہ سنڌ سان آھي. جيڪڏھن ڪو ذھن تي زور ڏيندو تہ انھن سياسي ھستين جا نالا سامھون اچڻ ۾ دير نہ لڳندي. انھيءَ لاءِ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ بدران بس ايترو چئبو تہ ھڪ شاھ ۽ ٻيو دانشور آھي. ھاڻي ڀلي ڪو، دادوءَ جي عدالت طرفان امِ رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس بابت آيل فيصلي تي حيرت واري ماحول مان نڪري ٻنھي نالن بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبجي وڃي، تيستائين پاڻ پنھنجي اصل موضوع ڏانھن ھلون ٿا.
ڳالھ پئي ڪئيسين ذوالفقار جونيئر جي سياسي پارٽي جي، سو اھا تہ نہ ٺھي سگھي پر ان دوران ريحام خان ۽ امان اللہ شيخ صاحب ڪراچي پريس ڪلب پھچي پنھنجون پارٽيون ٺاھڻ جو اعلان ڪيو. انھن مان ريحام خان تہ سياسي منظر تان مڪمل غائب آھي، باقي امان اللہ شيخ صاحب پنھنجي پيرسني آھر جيترو سرگرم رھي سگھي ٿو، اوترو ڀڄ ڊڪ ڪري پيو، پر اھا ڳالھ سڌي ڪبي تہ اتي به سياسي چاڙھو نظر نٿو اچي. بھرحال، اڳتي وڌي لاڙڪاڻي ھلون ٿا، جتي مستقبل جي سياسي صفبنديء جي حوالي سان اھم اڳڀرائي امير بخش ڀٽي جي پ پ ۾ امڪاني شموليت بابت ظاھر ٿي آھي. چون ٿا تہ جڏھن بلاول ڀٽو زرداري وٽس سندس والد ممتاز ڀٽي جي تعزيت بھاني ويو تہ ساڻس شامل ٿيڻ بابت ڳالھيون ڪري آيو ھو، جن کي ڪجھ وٿيءَ بعد وري امير بخش ڀٽي، بلاول ڀٽي زرداريءَ سان سندس ناني حاڪم زرداري جي عذرخواھي جي موقعي تي اڳتي وڌايو. انھيءَ ڪري چوڻ وارن جو چوڻ آھي تہ سمورين سياسي ڏيتين ليتين جو حساب ڪتاب طئي ٿيو، جنھن تي منظوريءَ جو ٺپو آصف زرداري صاحب ان وقت ھنيو، جڏھن امير بخش ڀٽي ان سان ملاقات ڪئي، جنھن ۾ فريال ٽالپر بہ موجود ھئي. جنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تہ سڄي عمر پ پ، خاص طور آصف زرداري سان اختلاف رکندڙ ممتاز علي ڀٽي جي فرزند امير بخش ڀٽي پ پ جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، رڳو اعلان ٿيڻو آھي. مزي جي ڳالھ تہ اھو سڀ ڪجھ ان امير بخش ڀٽي لاءِ ٿي رھيو آھي، جيڪو سنڌ نيشنل فرنٽ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ اھم عھدن تي ھجڻ باوجود ان نموني سياسي نہ ٿي سگھيو، جئين سياسي پارٽين ۾ سياسي ماڻھو ھوندا آھن. ممتاز ڀٽي صاحب تي اڪثر اھا تنقيد ٿيندي آھي تہ ھن مختلف پارٽِين ۾ شامل ٿي پنھنجي سياست کي ڌڪ رسايو. جيڪڏھن غور ڪبو تہ ان راءَ تي واقعي بہ ڪو شڪ ناھي، پر جڏھن ان کي امير اابخش ڀُٽي جي سياسي مستقبل سان جوڙي ڏسبو تہ سڀ ڪجھا سمجھ ۾ اچي ويندو. اصل ۾ ممتاز علي ڀٽي جي خواھش ھئي تہ امير ابخش ڀٽي جو سياسي مستقبل محفوظ بڻائي وڃي، ڇاڪاڻ تہ کيس خبر ھئي تہ امير بخش ڀٽي ۾ مزاحمتي سياسي گُر ناھن، ان ڪري ھن مختلف پارٽين جا تجربا ڪيا، جيڪي سندس مزاج جي ابتڙ ھئا پر امير بخش جي سياسي ايدجسٽمنيٽ لاءِ اھا ڪڙي گوري کائيڻي پئي، ان باوجود امير بخش پاڻ کي ڪٿي بہ ايڊجسٽ نہ ڪري سگھيو ۽ پوءِ اھو ٿيو ته اممتاز ڀٽي جي وفات بعد ھن پاڻ کي سياست کان پاسيرو ڪيو، ايستائين جو چونڊن ۾ بہ نہ بيٺو. مطلب ته ممتاز ڀٽي واري سياسي مزاحمتي واٽ کان ڌار ٿي ويو، جنھن بعد اباڻيون ٻنيون ڪيٽي ممتاز وغيرہ لڪ ڇپ ۾ آصف زرداريءَ کي وڪرو ڪري ڇڏيائين. ھاڻ وري پاڻ کي پڻ پ پ حوالي ڪرڻ وارو آھي.
سنڌ ۾ ھلندڙ ھڪ ٻي سياسي صفبنديء جو تعلق بہ لاڙڪاڻي سان ئي آھي. ڇاڪاڻ تہ امير بخش ڀٽي جي فيصلي بعد ان سان ورھين کان اتحادي رھندڙن کي بہ پنھنجي سياسي مستقبل جي سوچ ورائي وئي آھي، انھيءَ ڪري معظم عباسي جي ف ليگ ۾ شموليت ان سلسلي جي ڪڙي آھي، جنھن پير صاحب پاڳاري سان ملاقات ڪري پنھنجا سياسي پتا ظاھر ڪيا آھن. اِھي خبرون اچن پيون تہ ف ليگ کي سياسي سرگرمين جي اجازت ملي وئي آھي، جنھن جو مطلب مٿين سرڪار جي سنڌ ۾ پ پ کي فري ھينڊ ڏيڻ بابت فيصلي ۾ تبديلي اچي پئي، ان ڪري اھو چيو پيو وڃي تہ ن ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ بہ ف ليگ ۾ ويندو، جڏھن تہ اھي خبرون بہ گردش ڪن پيون تہ صفدر عباسي پڻ پنھنجي پيپلز ورڪر پارٽي ف ليگ ۾ ضم ڪندو. ٻي پاسي قومپرست پارٽين ۾ بہ شموليتن جي حوالي سان تحرڪ نظر اچي پيو، جتي تازو رمضان المبارڪ دوران جھوني سياسي اڳواڻ ادريس چانڊئي ھڪ وڏي سٿ سميت سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ ادريس چانڊئي جي سياسي طور ھڪ ھنڌ نہ ترسڻ بابت ڪيترائي سوال آھن پر ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ھو پڙھيو لکيو سياسي ڪارڪن آھي، سندس شموليت سان ڪراچي ۾ ايس ٽي پي جي غير فعال سياست ۾ تحرڪ ايندو ۽ اھو نظر بہ اچي رھيو آھي. اصل ۾ اعجاز سامٽئي جي ايس يو پي مان ايس ٽي پي ۾ واپسي انھن شموليتن جو سبب بڻي آھي. ڪجھ مھينا اڳ پ پ حيدر آباد جي اھم اڳواڻ آفتاب خانزادي جي ايس يو پي ۾ شموليت بہ سياسي تبديلي چئبي، ڇاڪاڻ تہ پ پ کي 40 سال ڏئي وري ھڪ اھڙي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يقيني طور اھم آھي، جيڪا پارليامينٽ ۾ ھڪ سيٽ بہ نٿي رکي. ان کانسواءِ ڊگھي عرصي کان خاموش ويٺل قومپرست اڳواڻ ليکڪ آصف بالادي جي جسقم بشير قريشي جو حصو بڻجڻ کي پڻ اھميت ڏني پئي وڃي. جيتوڻيڪ ان شموليت جو چونڊن واري سياست سان ڪو تعلق ناھي، پر ان کي بہ سنڌ جي سياست ۾ صفبندي ئي قرار ڏبو.
اڳ ئي عرض ڪيو اٿم تہ اھا شروعاتي صفبندي آھي، انھن شموليتن کي ڏسي چئي سگھجي ٿو تہ ارباب رحيم، ذوالفقار مرزا، لياقت جتوئي، مرتضي` جتوئي ۽ ڪجھ ٻيا سياستدان بہ جلد نئين سياسي صفبندي ۾ شامل ٿيندا. اھو سڀ ڪجھ ان ڪري بہ ٿي رھيو آھي تہ مڪاني ادارن جو مدو عام چونڊن کان اڳ مڪمل ٿيندو. /ڏسو صفحو 5 بقايا 01
ڏسجي تہ سنڌ جي تخت گاھ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ڪھڙيون سياسي تبديليون ٿيون اچن ۽ ڪھڙا پراڻا اتحاد ختم ڪري نوان اتحاد ٺاھي سياسي صفبندي ڪئي وڃي ٿي؟امڪان آھي تہ ھن ڀيري ڪراچي بيسڊ پارٽي ايم ڪيو ايم ۾ بہ وڏي سياسي ڀڃ ڊاھ ٿيندي.