سمجھ نہ پيو اچي تہ ھلندڙ ھفتي سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان ڪراچي کان موھن جي دڙي تائين ڪيل سفر بابت لکڻ جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ ڪجھ دوستن پوسٽون رکي ان دوري دوران نظر آيل ڪي اوڻايون بيان ڪيون تہ حڪومت جي سھولتڪار قلمڪارن رد عمل ۾ اھو فرمايو تہ جيڪي توھان کي وٺي ويا، انھن جي مخالفت ۾ پيا لکو. اھڙو الزام ھڻندڙن اھو چوڻ جي جرئت نہ ڪئي تہ عوام جي پئسي جو واقعي بہ درست استعمال ٿيڻ گھرجي. بھرحال سندن اھو ُعذر بہ اکين تي رکون ٿا، پر پاڻ تہ سڌو ڳالھائڻ وارن مان آھيون، سو ڪنھن کي وڻي نہ وڻي، ڳالھ تہ سڌي ڪبي. ھا باقي قلم کڻڻ وقت اھو ھر قلم ڌڻيءَ کي خيال رکڻ گھرجي تہ مخالفت براءِ مخالفت يا ابتي ُسبتي ٻوليءَ بدران تنقيد اصلاحي ھجي، جنھن ۾ مقصد بيان ڪرڻ سان گڏ نشاندھيون ۽ چڱي ڪم جي آجيان سميت ان ۾ وڌيڪ بھتري لاءِ تجويزون پڻ شامل ھجن، پر بدقسمتي سان لکڻ وقت اھي سڀ لوازمات وساري ويھون ٿا، جنھن ڪري اصلاحي رخ کي مخالفت جو نالو ڏئي پوءِ “ڏي جواب، وٺ جواب” جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.
جئين چوندا آھن تہ موھن جي دڙي جي اڃا تائين رڳو 30 سيڪڙو کوٽائي ٿي سگھي آھي، ائين جيڪڏھن ڏسجي تہ سنڌ جي سياحتي ھنڌن تي ماڻھن جي پھچ جي شرح بہ ذري گھٽ ايتري ئي ٿي آھي. ڪيترائي اھڙا سياحتي ھنڌ آھن، جتي عام ماڻھو تہ پري جي ڳالھ سياحت کاتي وارا به نه پھچي سگھيا ھوندا، ان ڪري دنيا کي سنڌ جي سونھن ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿيا آھيون. ان سان گڏوگڏ اھو بہ مڃڻ گھرجي تہ ڪجھ وقت کان حڪومت جي ڪوششن سان سياحتي حوالي سان ڪي بھتر قدم کنيا ويا آھن، جنھن ۾ ِسياحت جو شوق رکندڙن کي سنڌ جي5 ھزار سال پراڻي تاريخي ماڳ موھن جو دڙو ڏيکارڻ لاءِ شروع ڪيل موھن جو دڙو سفاري ٽرين بہ شامل آھي، جنھن جو افتتاح 31 جنوري تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ڪيو ويو. ھونئن تہ اڪثر ڪنھن بہ ننڍڙي ڪم جي مشهوريءَ لاءِ سرڪار جا وڏا اشتھار ڏسڻ وٽان ملندا آھن، پر ان ٽرين بابت اھڙو ڪوبہ اشتھار نہ ڏٺو. ٿي سگھي ٿو، اھا غلط ڄاڻ ھجي، ان ڪري ڳالھ کُٽايون ٿا تہ پاڻ سڄي صورتحال کان اڻڄاڻ ھئاسين پر ان جي خبر تڏھن پئي، جڏھن ملڪ جي نامياري صحافي محمود شام صاحب فون ڪري موھن جي دڙي جو دورو ڪرڻ لاءِ ان ٽرين ذريعي ھلڻ جي دعوت ڏني. معلومات سھيڙڻ تي خبر پئي تہ اٽڪل ھڪ سئو ماڻھو ان سياحتي دوري جو حصو ھوندا، ٻن ڏينھن جي دوري لاءِ ھر سياح لاءِ 25 ھزار رپيا مقرر ڪيا ويا آھن. ان رقم مان سندن ٻنھي پاسن جي ڀاڙي سميت کين نيرن، مانجھاندي، رات جي ماني، چانھ پاڻي ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون ويون آھن.
سنڌ جي ثقافتي رنگن سان سجايل موھن جو دڙو سفاري ٽرين ۾ چار بوگيون شامل ھيون، جن ۾ سياحن جي ويھڪ سان گڏ، ڊائننگ ھال بہ شامل ھو، جڏھن تہ ان جو روٽ ڪراچي ڪينٽ، ڪوٽڙي، ڄامشوري، دادو، ڦلجي، سيتا، سيوھڻ ۽ ٻين وچ وارن شھرن کان ٿيندو لارڪاڻي تي دنگ ڪري ٿو. ٽرين جو افتتاح صبح جو 9 وڳي رکيل ھو، سو اسان پنھنجي صحافتي سنگت قاضي اعجاز، ذوالفقار راڄپر، خادم ڪلھوڙي ۽ نصراللہ جمالي سان گڏ ھڪ ڪلاڪ اڳواٽ پھچي وياسين. اتي پھچڻ تي الطاف اثيم ۽ شير محمد کھاوڙ سميت ٻين بہ دوستن سان ملاقات ٿي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار شاھھ ربن ڪٽي افتتاح ڪيو، جنھن بعد ٽرين پنھنجي منزل ڏانھن رواني ٿي. ذوالفقار شاھ ۽ سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جو ايم ڊي سيد فياض شاھ بہ قافلي سان گڏ ھئا. ڀرپاسي جائزو وٺڻ سان اھو ڏسي خوشي ٿي تہ سياحن ۾ گھڻائي غير سنڌين جي ھئي، جنھن ۾ ناليوارو ترقي پسند اردو دانشور سيد جعفر احمد سميت ڪيترائي اردو قلمڪار ھئا. اھو پڻ ٻڌايو ويو تہ 4 پرڏيھي پڻ قافلي ۾ شريڪ آھن، جيڪي اصل ۾ ھئا تہ پاڪستاني پر ورھين کان ڪئناڊا ۽ برطانيا ۾ رھڻ سبب اتان جي شھريت بہ رکن ٿا، جن سان صحافين جي ڌار ويھڪ ذريعي ڳالھ ٻولھ نه ڪرائي وئي. ان حوالي سان فياض شاھ وٽ وڃي گذارش بہ ڪئي پر ھن ھائوڪار ڪري بہ عمل نہ ڪيو. سنڌ جي ڪامورن جو اھو پراڻو مسئلو آھي تہ اھي پنھنجن ماڻھن سان سڌي منھن نہ ڳالھائيندا آھن.
ڪراچي مان ڪينٽ اسٽيشن تان روانگي مھل سوچيوسين تہ شايد موھن جي دڙي بابت ٽوئر گائيِڊ بڪ ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ڪنھن بہ سياحتي ھنڌ وڃو، اتان جي جاگرافيائي جوڙجڪ، تاريخي اھميت ۽ ٻي ھر اھا ڄاڻ ڏني ويندي آھي، جنھن سان گھمڻ لاءِ ايندڙ لاڀ حاصل ڪري سگھن، پر خالي ھٿ ڏسي ماٺ ڪئي سين تہ سڀ ھڪجھڙا آھيون. اھو بہ محسوس ڪيوسين تہ مھمانن کي سنڌ جي ثقافتي حساب سان اجرڪ جي روايتي سوکڙي بہ پيش نہ ڪئي وئي. سفر دوران پھريون اسٽاپ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي ٿيو، جتي دھلن ۽ شرنائين سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو. اتي ئي ليکڪ دوستن طارق عزيز شيخ ۽ ياسر قاضي سان ملاقات ٿي، جن ٻڌايو ته اھي بہ ڪراچي کان سفر جو حصو بڻيل آھن.
ڪوٽڙي ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاھ ميڊيا سان ڳالھايو، جتان ھو خبر ناھي پوءِ ڪيڏانھن ھليو ويو، پر ِاھي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ آيون تہ موھن جي دڙي يا لاڙڪاڻي ۾ ٻيھر گڏبو. سفر دوران دادوءَ تائين ٽرين جي رفتار ٺيڪ ھئي، پر ان بعد اوچتو رفتار گھٽجي وئي، لوڏا ايترا پئي آيا جئين ڀڳل روڊن تي بسون ھلنديون آھن. اسان سان بوگي ۾ شريڪ سفر صحافي ذوالفقار راڄپر ٻڌايو تہ لاڙڪاڻي تائين پٽڙي جي حالت خراب آھي، ان ڪري ريل تيز ھلي تہ نقصان ٿيندو. ھن اھا بہ ڄاڻ ڏني تہ پٽڙي جو منصوبو 14 سالن کان رولڙي جو شڪار آھي، جنھن ڪري حيرت ٿي تہ پ پ ان دوران ٻيو ڀيرو وفاقي حڪومت ۾ ھجڻ باوجود ان اھم عوامي مسئلي تي ڪئين خاموش آھي. ٽرين جي رفتار جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تہ موٽر سائيڪل وارا بہ موھن جي دڙي سفاري ٽرين کان تيز ھلائي رھيا ھئا.
خير سان الله الله ڪري سيوھڻ پھتاسين، جتي ٻن ڪلاڪن جو اسٽي ھو، ڇاڪاڻ تہ مھمانن جي قلندر شھباز جي درگاھ تي حاضري شيڊيول جي حصي موجب ھئي. اسٽيشن تائين ويگنن ذريعي درگاھ پھچايو ويو. گھٽيون سوڙھيون ھجڻ سبب سياحن کي وڏي تڪليف ٿي. حاضري بعد اتان وري اسٽيشن پھتاسين، ٽرين پنھنجي سست رفتاري سان نيٺ وڃي 12 ڪلاڪن جي ڊگھي سفر بعد لاڙڪاڻي اسٽيشن پھچايو، جتان بسن ذريعي سمبارا ھوٽل پھچايو ويو، جتي ڪمرن جي حاصلات ۾ منو ڪلاڪ لڳي ويو. ھڪ ڪمري ۾ گھڻي ڀاڱي ٽي ٽي ماڻھن جو بندوبست ھو. ڪجھ ۾ تہ چار چار ڄڻا بہ نظر آيا. رات جي مانيءَ کانپوءِ موسيقي جي محفل ٿي، اسان ڪجھ دوست محفل ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي جي دوستن ساجد مھيسر ۽ شاھد عباسي سان شھر ۾ رولاڪي لاءِ ھليا وياسين. موسم ڪراچي جھڙي ھئي، اجايو ڊڄي گرم لويون کڻي وياسين، جيڪي ٿيلھي ۾ ئي پيل رھيون. 2 وڳي واپس ھوٽل آياسين تہ محفل ختم ٿي چڪي ھئي ۽ سڀ ڪمرن ۾ ستل ھئا.
پھرين فيبروري تي نيرن ڪري راتوڪين بسن ۾ موھن جي دڙي پھتاسين، جتي سياحت کاتي جي عملدارن موھن جي دڙي بابت بريفنگ ڏني ۽ پوءِ ھر ڪو ٽولين جي شڪل ۾ گھمڻ لاءِ نڪري پيو. اسان جي ساٿ ۾ طارق عزيز شيخ، ياسر قاضي، ذوالفقار راڄپر، قاضي اعجاز، ھوش محمد، نصراللہ جمالي ۽ راھب ڳاھو ھئا. ايس ڊي ايريا گھمڻ دوران موھن جي دڙي تي تصويرون ٺاھيونسين، ھر پاسي سياح وي لاگ ٺاھي رھيا ھئا، جنھن ڪري موھن جي دڙي ۾ رونق نظر آئي. سوئمنگ پول، بيضوي شڪل جا کوھ ۽ مجاور خانو ڏسي سڀ ڊي ڪي ايريا وياسين، جتي چپو چپو ڳالھائي رھيو، اتي اسان جي ذوالفقار ڀٽي جونيئر سان ملاقات بہ ٿي، جيڪو پنھنجي ڪنھن اسپيني مھمان کي موھن جو دڙو گھمائڻ آيل ھو. گھمڻ دوران ياسر قاضي ۽ ذوالفقار راڄپر گائيڊ وارو ڪردار ادا ڪندي سنگت کي ٻڌايو تہ ڊي ڪي ايريا واپاري مقصدن جي حساب سان استعمال ٿيندو ھو، ڀرسان ھڪ وڏو روڊ ھو، جتي چون ٿا تہ سنڌو درياءُ مان ٻيڙن ذريعي آندل سامان لاٿو ويندو ھو، ائين سمجھو تہ اھو پاسو پورٽ ھو، اتي وڏا مينار بہ نظر آيا. ٻڌائين ٿا تہ اھي کوھ ھئا، جيڪي اصل ۾ ٻہ ماڙ گھرن لاءِِ ھئا. ان ڀرسان ھڪ وڏو ڦٽل ھال نظر آيو، جنھن بابت سنگت ٻڌايو تہ اھو تنھن دور جي حساب ڪو ھال ھو يا اسيمبلي ھئي، ڀرسان اتان جي چڱي مڙس جو ٺھيل گھر ھو، جنھن جون ڏاڪڻيون پڻ اڃا موجود آھن.
لکڻ لاءِ ڳالھيون گھڻيون آھن، پڄاڻي تي بس اھو چئبو تہ موھن جو دڙو ڏيکارڻ لاءِ ھفتيوار بنيادن تي سفاري ٽرين ھلائڻ شاندار قدم آھي، پر جڏھن ماڻھو ڪم ڪار ڇڏي سياح بڻجي اچن ٿا تہ انھن جي وقت ۽ سھولتن جو خيال رکڻ بہ اوليتن ۾ شامل ھجڻ گھرجي. سڀ کان پھريان تہ سياحن کي مڪمل گائيڊ بڪ، پين پنا، تصويرون ڏنيون وڃن، ٻيو سندن سفري وقت جو خيال رکو، 12 کان 13 ڪلاڪ کين سفر بيزار ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ دادوءَ کان لاڙڪاڻي تائين ريل پٽڙي اڳتي ھلي ٽرين جي ڪاميابي ۾ رنڊڪ بڻجندي، ان ڪري ان جو ڪو حل ڪڍڻو پوندو. ھتي اھو بہ چئبو تہ ٽرين ۾ جيڪو کاڌو پيش ڪيو وڃي ٿو، ان جو معيار بھتر بڻايو وڃي. ننڍڙي ماني، ٽي گرھ چانور، اڌ ننڍڙي وٽيءَ جيتري ڀاڄي- اھو عالمي معيار موجب کاڌو ناھي. ٻن ويلن جي مانيءَ سان پاڻي جي ھڪ بوتل ڏني پئي وئي، ان کانسواءِ في بوتل 80 رپيا خريد جي قيمت رکيل ھئي. 25 ھزار ڀريندڙن کي پاڻي تہ مفت ۾ ملڻ گھرجي. سفر دوران سياحن کي ھر اسٽيشن تي پھچڻ بابت اندر ويٺي آگاھي ملڻ گھرجي. لڪي شاھ صدر يا آمري جي جبلن وٽ رڳو ريل روڪڻ ڪافي ناھي، انھن جي تاريخي اھميت بہ ٻڌايو، جنھن لاءِ ٽرين ۾ ھڪ انفارميشن ڊيسڪ ھجي، جتي سياحتي ڄاڻو ويھاري ڪامنيٽري ڪرائي وڃي، جيڪا ھر بوگي ۾ ٻڌڻ ۾ اچي. ان لاءِ لائوڊ اسپيڪر لڳايا وڃن. سفر دوران انتظاميا جي سياحن سان رابطي جي بہ کوٽ نظر آئي، جڏھن تہ اسٽاف جي رويي جو پڻ جائزو وٺڻ جي ضرورت آھي.
ڪراچي کان موھن جي دڙي جي ان سفر دوران ھر شھر جي اسٽيشن ويران نظر آئي. ڪٿي تہ ڪتا ويٺل ھئا. وفاق ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ صدر موجود ھجڻ باوجود ان ٽريڪ تي اھا ويراني ڇو ٿي آھي؟ سنڌ سرڪار کي ان تي سوچڻ ۽ ماڻھن کي جواب ڏيڻ گھرجي. جتي پٽڙي تي ٽرين، موٽرسائيڪل جي اسپيڊ کان گھٽ ھلي، ان ترقيءَ جي رفتار ڪئين وڌي سگھي ٿي؟ ڪڏھن ڪنھن سوچيو آھي تہ ان روٽ تان 12 ريل گاڏيون ھلنديون ھيون، ھاڻي ڪا بہ ريل نٿي ھلي، ڇو؟ موھن جي دڙي جي سفر دوران سياحن کي اسٽيشنن ۽ قلندر تي خيرات وٺندڙ سنڌي ڏيکارڻ بدران معاشي طور مضبوط سنڌ ڏيکاريو، جيڪا موھن جي دڙِي وقت ھئي. شايد انھيءَ ڪري سياحن سنڌ جي موجودہ حالت ڏسي موھن جي دڙي جي ڦٽل گھرن ۽ گھٽين مان ماضي جي ترقي يافتہ سنڌ جي ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.