سڌي ڳالھ ….َڪامران ِٽسوريءَ کي خبر پئجي وئي ته ”ڪراچي سنڌ“ آھي … جاويد مھر

                 ِاھا َڳالھ سوشل ِميڊيا تي ڪئي ۽ ھتي بہ ان جو ورجاءَ ڪجي ٿو تہ سنڌ سان زيادتين تي ته سنڌي ماڻھو مزاحمت ڪندا ئي ڪندا آھن پر ِسنڌ انھن مھانڊن سان پاڻ بہ مھاڏو اٽڪائيندي آھي، جيڪي ان جي َوحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ان لاءِ ڪيترا مثال ڏئي ڪيترا ڏجن؟ ڇاڪاڻ تہ مختلف وقتن تي سنڌ ڏانھن ميري اک سان ڏسندڙ ڪيترائي ِآيا پر انھن مان ڪي سنڌو درياءَ جي وھڪرن ۾ لڙھندڙن جيان سدائين لاء لڙھي ويا، ڪي ُخوار خراب ٿي چپ ڪري ويٺا ۽ ڪيترن وري غلطيءَ جو احساس ٿيڻ تي موھن جي دڙِي جھڙي عظيم تھذيب سان ڳانڍاپو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن جي موٽ ۾ سندن حصي ۾ محبتون ئي محبتون آيون. انھيءَ ڪري ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ جو ھر فرد کين پنھنجو حصو سمجھي ٿو، اھڙي واضح فرق باوجود اڃا بہ ڪجھ اھڙا بدنصيب آھن، جيڪي منُي صديءَ کان جنھن ڌرتيءَ  تي رھن پيا، ان خلاف ئي سازشن ۾ ملوث ٿي سندس وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر جئين اڳ عرض ڪيم ته سنڌ پاڻ بہ وڙھندي آھي. انھيءَ ڪري اھڙين ئي سازشن  باوجود کين ناڪامي کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. تازو اھڙي ئي ھڪ سازش سنڌ جي گورنر جي عھدي تي ويٺل ڪامران ِٽسوري نالي شخص بہ ڪئي، جيڪو نہ رڳو ناڪام ٿيو، پر پاڻ کي مليل منصب بہ وڃائي ويٺو، ايستائين جو ساک بچائڻ لاءِ استعيفا ڏيڻ جي مھلت پڻ نہ مليس، جنھن سبب برطرف ڪري کيس گورنر ھائوس مان نيڪالي ڏني وئي، ان کي چئبو آھي ڪنھن بہ ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت جو پنھنجي مخالفن کان  پلاند. ھونئن بہ سنڌي ماڻھو پلاند ڪرڻ ۾ مشھور آھن.

ڪامران ٽسوري گورنر ھائوس مان گھر ڀيڙو ٿيڻ  وقت صحافين سان ڳالھائيندي نَڪ جي پڪائيءَ سان وڏي شودائي انداز ۾ چيو تہ ھن ڪڏھن بہ سنڌ ورھائڻ جي ڳالھ ناھي ڪئي، پر سندس اھڙا ڪيترائي بيان ميڊيائي رڪارڊ جو حصو آھن، جن ۾ ھن سرعام ان سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪئي، جنھن جو کيس گورنر بڻايو ويو، ٻين جيان ھن بہ ملڪي آئين تي ھلڻ جو حلف کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ڪو فرق نہ رکندو ۽ تعصب جي ويجھو نہ ويندو، پر سڀني ڏٺو تہ ان شخص جنرل ضياءَ جي نقشِ قدم تي ھلندي آئين کي ڪاغذ جو ُٽڪرو سمجھي نہ رڳو ان جي توھين ڪئي پر گورنر ھائوس ۾ نسل پرست سوچ رکندڙن کي سرڪاري مھمان بڻائي حلف جي بہ لتاڙ ڪئي. ان ڪري جيڪڏھن ڪو سنڌ دوست وڪيل ذڪر ڪيل آئيني ڀڃڪڙين تي ان خلاف عدالت وڃي تہ قانوني طريقي سان سندس گھيرو ڪري سگھجي ٿو، پر لڳي ٿو تہ ھن مھل وڪيل برادري بہ اندروني اختلافن جي ور چڙھي ھڪ ٻن سالن دوران ڪيل پنھنجي جدوجھد تي پاڻ  پاڻي ڦيرڻ ۾ مصروف آھي. اھو ئي سنڌ جو الميو آھي تہ ھتي سنڌ دوست سياست کان ويندي ھر شعبي تائين سنڌ جي ڀلائي ۾ ٿيندڙ ڪامياب جدوجھد جو نتيجو اڳتي ھلي اھڙو ئي نڪرندو آھي. بھرحال مايوسي ناھي، پر چوندا آھن نہ تہ اندر جو سور ڪٿي نہ ڪٿي تہ سلبو آھي، ان ڪري اھا سوچ رکي ڳالھ ڪئسين.

مٿي ذڪرڪيو سون تہ ڪامران ٽسوري دعويدار آھي تہ ھن سنڌ ورھائڻ جي ڪڏھن بہ ڳالھ ناھي ڪئي، جڏھن تہ ان جا ثبوت موجود آھن تہ ھن گورنريءَ جي آخري ھڪ سال ۽ خاص طور پوئين 6 مھينن دوران گورنر ھائوس ۾ ويھي سنڌ ورھائي ان جي گاديءَ واري شھر ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جي باقاعدا مھم ھلائي ھئي، جنھن ڪري گورنر ھائوس ماضيءَ ۾ نفرت ۽ لساني سوچ جو مرڪز رھندڙ نائن زيرو ۾ تبديل ٿي چڪو ھو، ڇاڪاڻ تہ جئين اتان الطاف حسين سنڌ جي وحدت خلاف ڳالھائيندو ھو، ائين ڪامران ٽسوري گورنر ھائوس مان جذبات جي وھڪري ۾ وھي زھر اوڳاڇيندو ھو. ايم ڪيو ايم جي شروعاتي دؤر ۾ جڏھن عزيز آباد ۾ سندن ايم پي ايز جي بلڊنگ نہ ھوندي ھئي تہ پارٽي جا خاص خاص اڳواڻ نائين زيرو تي ترسندا ھئا، اھڙي ئي نموني اڄڪلھ فاروق ستار ۽ امين الحق گورنر ھائوس ۾ ھر وقت موجود ھوندا ھئا، انھيءَ ڪري عوامي افطارين جي آڙ ۾ جتي ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارجن ۽ ڪارڪنن لاءِ گورنر ھائوس جا در کليل ھوندا ھئا، ُاتي انھن سمورن ڪردارن کي گڏ ڪري کانئن شھري صوبي بابت تجويزون ۽ رايا ورتا ويندا ھئا، جن سنڌ کي اڄ تائين پنھنجو وطن نہ مڃيو آھي. اھڙي مخصوص سوچ رکندڙ ھن ڀيري سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ نظر آيا، جن سنڌ ورھائڻ خلاف پيش ڪيل ٺھراءُ جي نہ رڳو مخالفت ڪئي پر سنڌ جي سالميت خلاف زھريلا لفظ بہ استعمال ڪيا. فاروق ستار چوي ٿو تہ پنجاب ورھائجي سگھي ٿو تہ سنڌ ڇو نہ؟  جڏھن تہ تازو بلاول ھائوس ۾ صدر آصف زرداري سان مستقبل جي رحمان ملڪ  محسن نقوي جي موجودگيءَ ۾ ملاقات ڪندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراھ خالد مقبول صديقي اھو چئي سنڌ جي توھين ڪري ٿو تہ، اھي سنڌ کي ماءُ نٿا مڃين. سندس چواڻي، ھو پنھنجي حصي جو  پاڪستان پاڻ سان کڻي آيا ھئا. اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ڪو ٽسوري کان پڇاڻو ڪري تہ ڇا ِاھي سنڌ ورھائڻ جون ڳالھيون ناھن؟ ٻيو تہ ڇڏيو، ان کان رڳو اھو ئي پڇجي تہ ھن تعليمي ڪانفرنس جي نالي سنڌ ورھائڻ جي ڪانفرنس ڪري  پنھنجي حلف جي لتاڙ نہ ڪئي؟ ان ڪانفرنس ۽ ان ۾ ڪيل تقريرن جو لاھوري واپاري ميان عامر محمود طرفان نون صوبن لاءِ ڪرايل ڪانفرنس ۾ ڪھڙو فرق ھو؟ ڇاڪاڻ تہ ٻنھي ھمراھن جو مقصد سنڌ جي وحدت کي نشانو بڻائڻ ھو، جنھن جو اظھار اڳواڻن جي تقريرن ۽ مطالبن مان واضح طور ٿيو.

مھينو ڏيڍ اڳ گورنر ھائوس وڃڻ ٿيو، جتي ڪامران ٽسوري کي پنھنجي سامھون سنڌ ٽوڙڻ جي مھم ھلائيندي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، ھن صحافين سان ڪچھري دوران ڳالھائيندي چيو: ٻڌايو تہ ايم ڪيو ايم جو بيانيو ڪئين بھتر بڻائجي؟ وفاق جي نمائندي طور ويٺل ان شخص اھو بہ چيو تہ، اسان کي ڪراچي ۾ سنڌي، پنجابي ۽ پختون ووٽ تہ نہ ڏيندا، ان ڪري اھو سندن حق آھي تہ پنھنجن ماڻھن مطلب رڳو مھاجرن جي ڳالھ ڪن، ان تي سڀني پنھنجي راءَ ڏني. مون ھٿ جو اشارو ڪري ڳالھائڻ لاءِ اجازت گھري تہ پنجن منٽن بعد مونکي موقعو مليو، کيس چيم تہ، ”توھان ھر ھر سنڌ ورھائڻ جي ڳالھ ڪريو ٿا، پوءِ ڪئين ٿا سنڌين مان اميد رکو تہ اھي توھان کي ووٽ ڏين؟ مون امين الحق ڏانھن اشارو ڪري چيو تہ اھو ايم ڪيو ايم جو پراڻو ماڻھو اٿو. پڇوس تہ الطاف حسين حيدرآباد ۾ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کان ماضي جي رويي تي معافي وٺڻ دوران چيو ھو تہ سنڌي ۽ مھاجر ھڪ آھن، ھڪ مانيءَ ھوندي تہ اسان اڌو اڌ ڪري کائينداسين ۽ جيڪڏھن سنڌي اڌ حصو بہ نہ ڏيندا، تڏھن بہ  اُف نہ ڪنداسين، پر اڳتي ھلي ھن سنڌ ون ۽ ٽو جو نعرو ھنيو، ھن مھل بہ اھو ڪم ڪريو پيا“. اٽڪل 15 منٽ منھنجو ٽسوري سان انھن ڳالھين تي ڏي جواب وٺ جواب جو سلسلو جاري رھيو. ھن چيو تہ ڪراچي جي آبادي ٽي ڪروڙ آھي، ايترا شھر نہ ھوندا آھن. مون چيو تہ ائين تہ ڀارت ۾ بہ پاڪستان جي اڌ آبادي جيترا صوبا ۽ رياستون آھن، پر ٽسوري ڪراچي کي صوبو ٺاھڻ جي حق ۾ دليل ڏيندو رھيو، آخر ۾ اھو چيائين تہ ڪراچي صوبو ٺھيو تہ ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي بہ فائدو ٿيندو، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ گورنر ھائوس ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ڪھڙيون ڪھڙيون رٿابنديون ٿي رھيون ھيون! منھنجي سامھون ڪيل ڳالھين مان اھو بہ چِٽو ٿيو تہ ڪامران ِٽسوري اڻ سڌي نہ پر سڌي نموني سنڌ ورھائڻ وارين ڪوششن ۾ مصروف ھو، جنھن مان سندس ان موقف جي نفي ٿئي ٿي تہ ھن ڪڏھن بہ سنڌ ورھائڻ جي ڳالھ ناھي ڪئي. افسوس تہ ھن اھو ڪوڙ ان وقت ڳالھايو، جڏھن ڪجھ ڪلاڪن بعد عمري لاءِ اللہ جي گھر روانو ٿيڻ وارو ھو.

بھرحال سنڌ کي ڪامران ٽسوريءَ جي گورنر ھائوس مان نيڪاليء جون واڌايون ھجن، سندس سنڌ مخالف سرگرمين تي سنڌ جي عوام روايتي قومي شعور جو مظاھرو ڪيو. عوامي راڄ تحريڪ جي سنڌي نوجوانن سيد خليل شاھ جي اڳواڻي ۾ گورنر ھائوس جي گھيراءَ جي ڪوشش ۽ ڌرڻي ان جدوجھد کي عملي بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، مٿن پوليس تشدد بہ ٿيو، پر ھنن پاڻ ملھايو، ائين ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪراچي ۾ اعلانيل “ڪراچي سنڌ آھي” جلسي بہ دٻاءُ وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ان ڪري رڳو سياسي مخالفتن جي بنياد تي اھو چوڻ تہ ڪامران ٽسوري خيل شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي يا سنڌي عوام جي ردِ عمل نہ پر طاقتورن جي فيصلي سان ويو آھي تہ انھن کي گذارش تہ سنڌ وارن کي اھو چئي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، ياد رکو جيڪڏھن سنڌو درياءَ تي ڪئنال نہ ٺھيا تہ اھو بہ سنڌي ماڻھڻ جو دٻاءُ ھو، جنھن آڏو فيصلا ڪندڙ بہ ڊھي پيا. ھن وقت گورنر ھائوس ۾ ن ليگ جو اڳواڻ نھال ھاشمي گورنر ٿي آيو آھي، جنھن جي آجيان ڪجي ٿي پر حلف کڻڻ  جي ٻئي ڏھاڙي سندس واتان بہ “ڪراچي اور سنڌ ” ٻڌي افسوس ٿيو، ان ڪري چئون ٿا تہ ان مائنڊ سيٽ کي ھاڻي پڄاڻي تي پھچائڻ جي ضرورت آھي، جنھن لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قانون سازي ڪرڻ گھرجي تہ ڪو بہ سرڪاري ۽ انتظامي سربراھ ڳالھائڻ مھل “ڪراچي اور سنڌ” جا لفظ استعمال نہ ڪندو، اھا حد ناھي تہ قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر اجلاس دوران “ڪراچي اور سنڌ” چوندو آھي، ان ڪري اھڙو ٺھراءُ پاس ڪري سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ڏانھن بہ موڪليو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اھي لفظ نفرت جي علامت بڻجي چڪا آھن، مٿن مڪمل طور واضح ڪيو وڃي تہ ڪراچي سنڌ آھي.