پوئين ھفتي سنڌ ۾ ترقيءَ جي ڳولا بابت کليل نموني ڳالھايوسين، جنھن جي موٽ ۾ جيڪي تبصرا ٿيا، اھي ِاھڙا ڪارائتا ھئا، جو دل چيو ان موضوع تي بحث کي اڳتي وڌائجي، پر ان خدشي سوچ ۾ وجھي ڇڏيو تہ 18 سالن کان سرڪار ۾ ويٺل ڪٿي ائين نہ سمجھن تہ اھو سندن ميڊيا ٽرائل آھي، ڇاڪاڻ جو موجودہ دؤر ۾ جنھن نموني معمولي کان معمولي ”تنقيد“ تي طاقت ۽ انتقام جو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي، ان جو ماضيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن معاملن کانسواءِ گھٽ مثال ملي ٿو. ھاڻ تہ روزانو ِڪٿان نہ ِڪٿان اھا خبر پڙھڻ لاءِ ملندي آھي تہ فلاڻي صحافي، ليکڪ ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ مٿان ڪنھن مضمون، ڪالم يا پوسٽ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو يا وري کنڀيو ويو، جنھن مھل ھيءَ سٽون لکجي رھيون ھيون، ٺيڪ ان مھل اسلام آباد جي شڪارپوري صحافي دوست جاويد سومري جي وال تي ِاھا پوسٽ پڙھڻ لاءِ ملي تہ گاديءَ واري شھر جي سينيئر صحافي فخر الرحمان کي ضمانت تي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو، جنھن جي آجيان انھن صحافي اڳواڻن ڪئي، جيڪي صحافين ۽ حڪمرانن وٽ مرڻو پرڻو کائين ٿا. ٻڌايو پيو وڃي تہ ڄاڻايل صحافيءَ کي پيڪا ائڪٽ ھيٺ گرفتار ڪيو ويو ھو، انھيءَ ڪري اڄڪلھ گھڻا ماڻھو سچ ڳالھائڻ کان لنوائين ٿا. جنھن ملڪ ۾ شراب کي ماکيءَ طور پيش ڪجي، اتي تہ پوءِ ھر شيءَ ممڪن آھي. بدقسمتيءَ سان اسان ان نظام ۾ ساھ کڻون پيا، جتي پھرين ماڻھو گھران کنڀيا ويندا آھن، پوءِ ڏوھ ٻڌائي ڪيس داخل ڪري کين اھڙين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جتي انصاف جي حاصلات ناممڪن نظر ايندي آھي. شايد اھو ئي ڪارڻ ھو تہ ملڪ جي پھرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي حياتيءَ ۾ تہ انصاف نہ مليو، ھا باقي ڦاهيءَ جي چئن ڏھاڪن بعد ساڳئي ملڪ جي عدالتن اعتراف ڪيو تہ ساڻس انصاف نہ ٿيو ھو، پر ايترو ڊگھو عرصو گذرڻ باوجود ھو عدالتي ڪاغذن ۾ قاتل قرار ڏنل آھي، جڏھن تہ جن آمرن جمھوري حڪومتن تي راتاھا ھنيا ۽ آئين ٽوڙيو، ُاھي وڏي مانُ ۽ شانُ سان توپن جي سلامي ۾ باعزت نموني ھليا ويا. اھو سڀ ڪجھ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ تہ نہ ٿيندو آھي، پر پياري پاڪستان جي تاريخ ان سان ڀريل آھي.
اسان ان معاشري ۾ رھون پيا، جتي ھڪ ئي وقت انيڪ مسئلن کي منھن ڏيڻ معمول آھي، ان ڪري جڏھن بہ ڪنھن معاملي تي ڳالھائڻ يا لکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا تہ سامونڊي لھرن جيان سوچن جون لھرون مختلف پاسن ڏانھن ڇڪي وڃن ٿيون، اھو ئي سبب آھي تہ لکڻ جي شروعات جنھن موضوع کان ڪئي، ان کي ٻين ڳالھين وڪوڙي ڇڏيو، پر ان کان اڳ ڪي ٻيون سوچون ڪنھن پاسي ڌڪين، پاڻ پنھنجي اصل موضوع تي ڳالھايون ٿا تہ سنڌ ترقيءَ جي حوالي سان پوئتي آھي، جنھن جو ثبوت جيڪڏھن ڪنھن کي ھٿ ڪرڻو ھجي تہ رڳو ھڪ ڏينھن ڪار کڻي نڪري پئي، ڪراچي جي َڀڳل ُٽٽل روڊن ۽ نام نھاد موٽر وي قرار ڏنل جھاڪن سان ڀرپور سپر ھاءِ وي تان ٿيندو، جڏھن مختلف شھرن ۾ پھچندئو تہ روڊ ۽ رستا ان جي شاھدي ڏيندا، پر سنڌ سرڪار دعويدار آھي تہ ھن ترقياتي ڪمن جي ميدان ۾ اصل واڄٽ وڄائي ڇڏيا آھن،.ان ڏس ۾ وڌيڪ نہ لکبو جو ٻن قسطن ۾ ان سڄي وايو منڊل جو پيرائتو ذڪر ٿيل آھي، پر اھا ڳالھ ڳائي وڄائي ڪبي تہ پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ترقياتي ڪمن ۾ گھڻي پٺتي آھي، اھو انڪري تہ پنجاب مان جيڪو بہ ٿي اچي ٿو، اھو رڙيون ڪندو آھي تہ يار! سنڌ ۾ تہ ڪاريءَ وارا ڪک آھن، اصل ترقي تہ پنجاب ۾ ٿئي پئي، ڇاڪاڻ تہ اُتي ترقي نظر اچي ٿي، جڏھن تہ سنڌ ۾ وري ترقيءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي ٿي. ھاڻ جڏھن وري ترقيءَ جي معيار جو جائزو ورتو ويندو تہ ان ۾ بہ پنجاب گوءِ کڻي وڃي ٿو. اسان جو آمريڪي شھريت رکندڙ دوست اعجاز عالماڻي ڪاوڙ ۾ چوندو آھي تہ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪميشن لاءِ ڪرايا وڃن ٿا، اھو ھڪ وڏو الزام يا مھڻو آھي، پر مجال آھي تہ ٽئين ڏھاڪي ۾ حڪومت ڪندڙن کي ان جو احساس ھجي!ڪجھ ڏينھن اڳ ناليواري دانشور پروفيسر اعجاز قريشي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ننڍڙي تقريب رکي، جنھن ۾ شرڪت ڪرڻ ان ڪري ضروري سمجھيو جو ان جو موضوع بہ سنڌ جي ترقيءَ سان لاڳاپيل ھو، تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙِ ڏاھن کي گھرايو ويو، جن جون ڳالھيون ُٻڌي پنھنجن انھن خدشن کي ھٿي ملي تہ سنڌ جي صورتحال انتھائي خراب آھي، شريڪ ٿيلن ۾ پنج ڏھ سال اڳ رٽائر ٿيل پنھنجي دؤر جا طاقتور ڪامورا بہ شامل ھئا، جن ترقيءَ جي نالي تي شفاف ڪرپشن جا اھڙا انڪشاف ڪيا جو ڏندين آڱريون اچي ويون. ھڪ رٽائرڊ ڊي سي ٻڌايو تہ ھڪ ڀيري ھو گھوٽڪي ضلعي ۾ جنھن روڊ تان گاڏي تي نڪتو، اھو مڪمل طور تباھ ٿيل ھو. سندس چوڻ ھو تہ آفيس پھچڻ شرط ھن ان تباھ حال روڊ جي تازي اسٽيٽس بابت ڄاڻ ورتي، جنھن تي کيس ٻڌايو ويو تہ اھو روڊ سرڪاري ڪاغذن ۾ ٺھيلُ آھي، جڏھن تہ سر زمين تي حقيقت ان جي ابتڙ ھئي. ان مان ڀلي ڀت اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ سنڌ ۾ ترقياتي بجيٽ ڪھڙي نموني خرچ ٿي رھي آھي! ان ڪري ھر بجيٽ مھل سڄاڻ ماڻھو چوندا آھن تہ بجيٽ انگن اکرن جي راند آھي، جنھن ۾ عوام کي 14 آگسٽ 1947 کان ھيلتائين منجھائي اشرافيا پنھنجا َپڀ ۽ کيسا ڀريا آھن، جنھن جي نتيجي ۾ دولتمند خاندانن جو انگ ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. انھيءَ بنياد تي تہ چئون ٿا تہ امير وڌيڪ امير، جڏھن تہ غريب ويچارو ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي. ان ساڳئي گڏجاڻيءَ ۾ اعجاز قريشي صاحب جي خواھش ھئي تہ سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ترقيءَ بابت پنجن سالن وارو منصوبو تيار ڪري پيش ڪجي، پر ناليواري معاشي ماھر قيصر بنگالي اختلاف ڪندي اھا ڳالھ ڪئي تہ اسان کي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ بابت رپورٽ تيار ڪري حقيقتون عام ماڻھن تائين پھچائڻ گھرجن. ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ قيصر بنگالي واضح طور چيو تہ منصوبا پيش ڪرڻ سان ڪجھ نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ سندس چواڻي، اھي اڳ ۾ الائي ڪيترائي منصوبا پيش ڪري چڪا آھن، پر انھن تي عمل نہ ٿيو. قيصر بنگاليءَ جي اھا مايوسيءَ واري ڪيفيت شايد ان ڪري ھئي جو ھو سنڌ سرڪار ۾ صلاحڪار رھي چڪو آھي، انھيءَ ڪري کيس گھڻا معاملا ويجھي کان ڏسڻ جو موقعو مليو ھوندو، جنھن آڌار ھن اھا ڳالهه ڪئي.
ٻن ڪلاڪن تي َٻڌل پروگرام دوران ڪنھن بہ شخصيت کي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نہ ڏٺو، ھر ڪو بيڊ گورننس جي شڪايت ڪري رھيو ھو. اھا ئي رڙ تازو سنڌ جي پنجن ڇھن ضلعن جي دوري وقت عام ماڻھوءَ جي ھئي. اھا ڪيڏي نہ بدقسمتي آھي جو جتي ڪم ٿين پيا، اتي وري معيار جي شڪايت آھي، اھڙي صورتحال تي جڏھن ڳالھائجي ٿو تہ پ پ وارا ڪاوڙجي پون ٿا، اھا حد ناھي تہ سوشل ميڊيا تي ڪو پوسٽ رکي ٿو تہ ان کي بہ مقامي سطح تي ڌمڪايو وڃي ٿو. حيدر آباد ۾ صحافي غفور سروھي کي ايس ايس پي جي ُچرچ تي ان ڪري گرفتار ڪيو ويو، جو امن امان خراب ھجڻ بابت خبرون ھلائي رھيو ھو. وزيرن مشيرن جا پاڻ وڻائڻ وارا ڇاڙتا سڄو ڏينھن اسڪرين شاٽ ڪڍي رات جي محفلن ۾ خوشنودي حاصل ڪن ٿا، پر انھن کي اھي حقيقتون ڪو نٿو ٻڌائي تہ ٻيلي سنڌ جا 82 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر ھجڻ ڪري سنڌ جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي، صنعتون بند آھن، پاڻي نہ ھجڻ جي ڪري ٻنيون تباھ ٿين پيون، سڄي سنڌ کي بجلي نٿي ملي، ھاري ڏکيائين ۾ آھن، ٻوڏ متاثرن کي ھڪ ڪمري جو گھر ٺاھي ڏيڻ لاءِ بلڪل ائين تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جئين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪجھ ھزار وٺڻ لاءِ سنڌ جي نياڻين کي ڊگھين قطارن ۾ بيھاريو وڃي ٿو.
اھي ڪجھ اھڙا مسئلا ھئا، جن کي ھڪ ڪالم ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ِھتي سنڌ جو ھر گھر ۽ شخص ڪھاڻي بڻيل آھي. ترقياتي بجيٽ تہ آھي، پر ُگھربل ترقي نظر نٿي اچي. ھتي دولتمند ايم پي اي کي علاج لاءِ پنج ڪروڙ رپيا تہ ڏنا وڃن ٿا پر اديب، دانشور، صحافي يا ڪو عام ماڻھو بيمار ٿئي تہ ان جو سرڪاري خرچ تي علاج بہ نٿو ڪرايو وڃي. ننڍن شھرن توڙي ٻھراڙين جي اسپتالن ۾ ڪو علاج ناھي، ڊاڪٽرن ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، سنڌين کي پنھنجي وطن ۾ پنھنجن جي نالي تي حڪومت ڪندڙن ٻئي درجي جو شھري بڻايو آھي، ڪا شنوائي ناھي، ھڪ عجيب مايوسي آھي، سنڌ جي ماڻھن جا چھرا ڏسو، ورھين جون زيادتيون ۽ ٿڪاوٽون ِچٽيون نظر اينديون. منشيات عام آھي، آئس ۽ ٻين جديد قسم جي نشن سنڌي نوجوانن کي وڪوڙي ڇڏيو آھي. تعليمي ادارن ۾ ان جي ڪا بہ روڪ ناھي، ٿاڻا وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿيل آھن، اخبارون ۽ چئنل پنھنجو اڻڌريو ڪردار نڀائڻ وساري چڪا آھن. 18 سالن کان ھڪ ئي ڌر جي حڪومت سبب ڪامورا وزيرن، مشيرن ۽ حڪومتي پارٽي جي اڳواڻن وٽ يرغمال آھن، ان ڪري چئون ٿا تہ سنڌ جو حال پڇندين تہ روئي پوندين، پر ھاڻ سنڌي ماڻھن کي روئڻ بدران تبديليءَ لاءِ سوچڻو پوندو، انھن کي پ پ يا ڪنھن ٻي پارٽي جي حڪومت ۾ محفوظ ھجڻ جي تاثر مان نڪري پنھنجي وطن جي پاڻ مالڪي ڪرڻي پوندي. جڏھن سنڌ ۾ اھا تبديلي آئي تہ پوءَ سنڌين ۽ سندن ووٽ جي اھميت وڌندي، ٻي صورت ۾ ائين پيڙبا رھندا.