| سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد تعليمي بورڊز پاران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اي مارڪنگ نتيجن جو اعلان |
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي ٽن تعليمي بورڊن سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد پاران پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اي مارڪنگ نتيجن جو يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهون ۽ سيڪريٽري محمد عباس بلوچ جي موجودگيءَ ۾ گڏيل اعلان ڪيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌ صوبي جي سکر، شهيد بينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي تعليمي بورڊن پاران گڏيل طور اي مارڪنگ سسٽم تحت ورتل نائين ۽ يارهين جماعت جي سالياني امتحانن 2025ع جي نتيجن جو اعلان سکر جي مقامي هال ۾ تقريب دوران ڪيو ويو. سکر تعليمي بورڊ ميزباني هيٺ منعقد تقريب ۾ مهمان خاص طور يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جو صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو شرڪت ڪئي. جڏهن ته سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي محمد عارف خان مهر، چيئرمين سکر تعليمي بورڊ پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين چنڙ، چيئرمين شهيد بينظيرآباد بورڊ آصف علي ميمڻ، چيئرمين لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ خالد حسين مهر ، شاگردن ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز اسماعيل راهو چيو ته بورڊز خلاف رزلٽ ۾ دير ٿيڻ، ميرٽ تي رزلٽ نه ملڻ جو سميت ڪافي شڪايتون اچي رهيون هيون جنهن جو واحد حل ڊجيٽل هيو، اڄ اها ڪاميابي ملي آهي ۽ خوشي ٿي آهي. اسان اهڙو سسٽم آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪنهن قسم جي شڪايت نه هجي، آٽوميشن سسٽم آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن ڪنهن به ٻار جو حق نه مري، سمورو سسٽم ڪمپيٽرائيزڊ ٿيڻ سان شڪايتون ختم ٿي وينديون. صوبائي وزير چيو ته پوزيشن حاصل ڪندڙ کي مبارڪون ڏيان ٿو جن پنهنجن والدين جون خواھشون پوريون ڪيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي خواهش آهي ته سنڌ جي سمورن بورڊز کي جلد اي اسيسمينٽ تي آندو وڃي ۽ 2026 ۾ سمورن بورڊز جو اهو ٽارگيٽ هوندو ته اي مارڪنگ تي آندو وڃي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ٽنهي بورڊز جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته عملي کي هڪ انڪريمينٽ لازمي ڏني وڃي ۽ ٽنهي بورڊز جا چيئرمين ان تي ڪم شروع ڪن. ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ چيو ته اڄ سنڌ جي عوام لاء تمام وڏو ڏينهن آهي ۽ هي وزيراعلي جو پڻ ويزن هيو ته بورڊز کي ڊجيٽلائيز ڪري بهتر نموني مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سکر ۾ سيد خورشيد احمد شاهه جي وڏي محنت ٿيل آهي جنهن جو اڄ فائدو عوام کي ملي رهيو آهي. اِن کان اڳ ٽنهي بورڊز جي اي اسيسمينٽ نتيجن جو اعلان لاڳاپيل چيئرمينز پاران ڪيو ويو.
| نائين جماعت سائنس گروپ ۾ 46 هزار 834 اميدوار |
سکر: تعليمي بورڊ سکر جي ڪنٽرولر امتحانات رضوان ميمڻ اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات غلام مصطفي پيرزادو جي صحي سان جاري ڪيل نتيجن مطابق نائين جماعت سائنس گروپ ۾ 55 هزار 78 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 37 هزار 145مرد ۽ 17 هزار 933 عورت اميدوار شامل آهن. 46 هزار 834 اميدوار سمورن ستن ئي پيپرن ۾ پاس ٿي ويا آهن. جڏهن ته 25 اميدوار سمورن پيپرن ۾ فيل ٿيا آهن. سائنس گروپ ۾ 6930 اميدوار هڪ پيپر، 898 اميدوار ٻن پيپرن، 223 اميدوار ٽن پيپرن، 74 اميدوار چئن پيپرن، 41 اميدوار پنجن پيپرن ۽ 53 اميدوار ڇهن پيپرن ۾ فيل ٿيا آهن. اهڙي طرح يارهين جماعت پري ميڊيڪل گروپ جي امتحان ۾ 30 هزار 723 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ 18 هزار 72 مرد ۽ 12 هزار 651 اميدوارن حصو ورتو. پري ميڊيڪل گروپ ۾ مجموعي طور تي 28 هزار 459 اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس ٿيا. جن مان 16 هزار 442 مرد ۽ 11 هزار 917 عورت اميدوار شامل آهن. پري ميڊيڪل گروپ ۾ هڪ هزار 997 اميدوار هڪ پيپر، 236 اميدوار ٻن پيپرن، 49 اميدوار ٽن پيپرن، 27 اميدوار چئن پيپرن، 48 اميدوار پنجن پيپرن ۽ 7 اميدوار سمورن پيپرن ۾ فيل ٿيا آهن. پري ميڊيڪل گروپ ۾ 19 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. يارهين جماعت پري انجنيئرنگ گروپ گروپ ۾ 12 هزار 607 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 11 هزار 796 اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس ۽ 4 اميدوار سمورن پيپرن ۾ فيل ٿيا آهن. سمورن پيپرن ۾ پاس ٿيندڙن ۾ 10 هزار 693 مرد ۽ هڪ هزار 103 عورت اميدوار شامل آهن.
تقريب ۾ پوزيشنز حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا
سکر: تقريب ۾ ڏهين ۽ ٻارهين جماعت ۾ پوزيشنز حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون ۽ انعام پڻ ڏنا ويا. ميٽرڪ (بوائز) پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ انعام علي، ٻئي فيضان حيدر ۽ ٽئين پوزيشن محمد يوسف جماڻي، ميٽرڪ (گرلز) ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ فريحه ڪريم، ٻئين پوزيشن ام رمام ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ نائلا صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين مهمانن پاران شيلڊون ڏنيون ويون. اهڙي ريت ٻاهرين جماعت انٽر (پري ميڊيڪل گرلز) ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ خوشبو، ٻئي پوزيشن مصبحه ۽ ٽئين پوزيشن انيشا ڪماري، ٻاهرين جماعت (پري انجنيئرنگ بوائز) ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ عمير رئوف، ٻئي پوزيشن احسن، ٽئين پوزيشن انس حسين، ٻاهرين جماعت (پري انجنيئرنگ گرلز) ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ اقصه فاطمه، ٻئين مرڪ ۽ ثانيا پاران پوزيشن حاصل ڪرڻ تي کين شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا. آخر ۾ صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين معزز مهمانن طرفان پوزيشن ماڙيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊون ۽ انعامات ورهايا ويا ۽ ٽنهي بورڊن جي چيئرمين طرفان صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو کي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي.
صوبائي وزير دير سان اچڻ جي عادت نه ڇڏي: 3 وڳي وارو پروگرام 6 وڳي شروع ٿيو
سکر: يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پاران وزيرن جي دير اچڻ واري روايت کي سکر واري تقريب ۾ به برقرار رکيو ويو. ٽنهي تعليمي بورڊن جي اي مارڪنگ وارن نتيجن جو اعلان ڪرڻ لاءِ تقريب جو ٽائيم 3 وڳي مقرر ڪيو ويو هو، اِن بعد ٽائيم تبديل ڪري ساڍا چار طئي ڪيو ويو. پر اِن باوجود صوبائي وزير اسماعيل راهو 6 وڳي ڌاري تقريب واري هنڌ سيڪريٽري محمد عباس بلوچ سان گڏ پهتو. پروفيسر، استاد، اسپيشل ٻارڙا توڙي تقريب ۾ شامل سڀ ماڻهو صوبائي وزير جي اچڻ جو ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا.