سکر اسپتال ۾ شڪارپور واسڻ ناري فوت: احتجاج، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

سکر اسپتال ۾ شڪارپور واسڻ ناري فوت: احتجاج، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي خانگي اسپتال ۾ داخل شڪارپور واسڻ نوجوان ناري فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام، ناري جي والد قمر الدين دايو ۽ ڀاءُ زبير دايو الزام مڙهيندي ٻڌايو ته صبح هڪ لک رپيا بل وٺي پوءِ چيو ويو ته توهان جي مريض عورت فوت ٿي وئي آهي، لاش کڻائي وڃو. نياڻي جي حالت خراب هجڻ باوجود کيس سندس آڪسيجن جو خيال نه رکيو ويو، بار بار پاڻ وڃي آڪسيجن لڳائيندا رهياسين. 22 ورهين جي ڪونج کي گذريل ڏينهن حرا اسپتال داخل ڪرايو، آئي سي يو ۾ هجڻ باوجود ڊاڪٽرن سندس ٺيڪ علاج نه ڪيو. نياڻي ڊاڪٽرن جي ڪوتاهي سبب موت جي حوالي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف  اسپتال انتظاميه مطابق ڊاڪٽرن تي ڪوتاهي جو الزام غلط آهي، ڪينسر جي مريض عورت کي جنهن متعلق وارثن کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو. بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. زندگي موت خدا جي هٿ ۾ آهي.