سکر بئراج تي اڄ کان وارا بندي: واهه 20 جنوري تائين بند رهندا

سکر بئراج تي اڄ کان وارا بندي: واهه 20 جنوري تائين بند رهندا

سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج مان نڪرندڙ واهن جي سالياني بندي اڄ کان شروع ٿيندي. سکر بئراج مان نڪرندڙ واهه 6 جنوري 2026 کان 20 جنوري 2026 تائين مڪمل طور بند رهندا. جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن چيو آهي ته سالياني بندي واهن جي معائنو، ضروري مرمتي ڪم ۽ سار سنڀال لاءِ ڪئي پئي وڃي. 6 جنوري 2026 کان 20 جنوري 2026 تائين سکر بئراج مان نڪرندڙ سڀئي واهن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور معطل رهندي. پڌرائي مطابق سکر بئراج مان نڪرندڙ اين ڊبليو ڪينال، دادو ڪينال، خيرپور فيڊر ايسٽ، خيرپور فيڊر ويسٽ، روهڙي ڪينال ۽ نارا ڪينال ۾ پاڻي فراهمي 15 ڏينهن تائين بند رهندي. 6 جنوري 2026 تي بئراج جي پانڊ ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ڪئي ويندي. مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 20 جنوري 2026 کان پاڻي ٻيهر ڀرڻ شروع ڪيو ويندو. سالياني بندش کي بئراج ۽ ان جي وسيع واهن جي نظام جي مضبوطي، حفاظت ۽ اثرائتي ڪارڪردگي برقرار رکڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ويو آهي. واهن جي پاڻي تي ڀاڙيندڙ آبادگارن ۽ زميندارن کي اڳواٽ اطلاع ڏيندي اپيل ڪئي وئي هئي ته هو بندش جي مقرر ڪيل شيڊول کي سامهون رکي پنهنجي آبپاشي معاملن جي اڳواٽ ۽ مناسب منصوبابندي ڪن، جيئن ڪنهن به ممڪن اثر يا نقصان کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي.