سکر بئراج جي دروازن ۾ 3 لاش ڦاٿل: اطلاع باوجود ريسڪيو ٽيم نه پهتي

جُولاءِ 9, 2023

سکر(بيورو رپورٽ) سکر بئراج جي دروازن  ۾ 3 لاشن ڦاٿل آهن جڏهن ته پوليس اطلاع ڏنو ويو پر ريسڪيو عملو لاش ڪڍڻ لاءِ نه پهتو

 سکر بئراج جي گيٽ نمبر 59 ۾ ٻه لاش ۽ گيٽ نمبر 47 تي هڪ لاش ڦاٿل  نظر اچڻ تي شهرين فوري طور مقامي  پوليس کي اطلاع ڏنو 4 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس توڙي ريسڪيو عملو لاش ڪڍڻ لاءِ نه پهتو

 سکر بئراج جي گيٽن مان نامعلوم لاش ملڻ معمول بڻيل آهي ڳريل ۽ سڃاڻپ کان ٻاهر لاشن جي شناخت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڪرڻ لاءِ اختيارين ڪوبه قدم ناهي کنيو

پوليس لاش ڪڍرائي لاوارث ڄاڻائي ايڌي معرفت نامعلوم لاش دفنائي ڇڏي ٿي، ڪافي لاش سکر بئراج جي گيٽن مان ڪڍڻ بدران اڳتي سنڌو ۾ لوڙهيا به ويندا  آهن

Leave A Comment