| سکر بئراج وٽ اڏيل ڪافر ڊيم ٽٽي پيو: 28 دروازن جي تبديليءَ وارو ڪم بند |
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بئراج جي دروازن جي تبديليءَ وارو ڪم عارضي طور رڪجي ويو. ڪافر ڊيم ٽٽڻ سبب پاڻي سمورن دروازن اڳيان ۽ پٺيان اچي ويو. اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو سکر بئراج جي چاليهين دروازي وٽ ڪافر ڊيم جي عارضي بند ۾ پهريائين روڻ پئي، ڪجهه ئي لمحن ۾ ڪافر ڊيم جو هڪ حصو ٽٽي پيو، جنهن ڪري پاڻي سمورن 28هن دروازن جي اڳيان ۽ پٺيان اچي ويو. سکر بيراج جي ٻئي مرحلي هيٺ 28 دروازن جي تبديلي وارو ڪم هلي رهيو هو، جنهن لاءِ درن سامهون ڪافر ڊيم لڳايا ويا هئا، عارضي ڪافر ڊيم ٽٽڻ سبب ڪم رڪجي ويو. ياد رهي ته سکر بيراج جي ٻي مرحلي ۾ انهن 28 دروازن جي تبديلي جو ڪم آڪٽوبر 2025ع کان شروع ڪيو ويو هو. ايمرجنسي ڪوششن باوجود عملو ٻين ڪافر ڊيمن کي بچائي نه سگهيو. ڪم واريون سموريون مشينون به پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. ڪالهه ڏينهن جا بيراج جا سمورا دروازا کوليا ويا جيئن پاڻي ڇوڙ ڪرائي مٿاهين پاسي کان دٻاءُ گهٽائي سگهجي، آبپاشي ذريعن موجب سکر بيراج جي پاڻي لهڻ ۽ ڪم ٻيهر شروع ٿيڻ ۾ ٻه هفتن کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو. سکر بيراج جي مٿاهين پاسي پاڻي 33970 ڪيوسڪ موجود آهي آبپاشي ذريعن موجب هن وقت سکر بيراج انڊينٽ به گهٽائي وئي آهي ٻئي پاسي ڪافر ڊيم ٽٽڻ سبب سکر بيراج جي ريگيوليشن متاثر ٿي آهي، ڪينالن جي کڻت گهٽجڻ لڳي آهي.