سکر بئراج وٽ مينهن ڦاسي پئي، انتظاميا کيس ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو

آگسٽ 3, 2023

سکر(رپورٽر) سنڌوءَ جي تيز وهڪرن جي ور چڙهيل مينهن سکر بئراج جي دروازن ۾ ڦاسي پئي، انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو

تفصيل موجب سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ بعد سکر بئراج وٽ هڪ مينهن تيز وهڪرن ۾ ڦاسي پئي، مينهن کي ڦاٿل ڏسي ماڻهن فوري طور پوليس کي اطلاع ڪيو

ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بئراج جي دروازن ۾ ڦاٿل مينهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو

سکر بئراج تان گذرندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ دروازن ۾ڦاٿل مينهن کي ڏسڻ لاءِ بيهجي ويا

Leave A Comment