سکر بئراج وٽ کوٽ 72.5 سيڪڙو: مهيني جي وارابندي: لاڙ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو حڪم

مارچ 23, 2025

سکر / پنگريو ( رپورٽ: ممتاز بخاري ۽ علي مراد شاهه) سکر بئراج تي پاڻي کوٽ 72.5 ۽ ڪوٽڙي تي 54 سيڪڙو تي پهچي وئي: ماهوار وارابندي جو اعلان: شهرين  کي پيئڻ جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي هدايت، ان ڏس ۾  سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 54 سيڪڙو تي پهچي وئي: هڪ مهيني جي واري بندي سبب  واهن ۾واري اڏامڻ لڳي، ڪالهه سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گڊو بئراج تي رڳو 21151 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، جنهن سبب سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي مجموعي پاڻي کوٽ 54 سيڪڙو کان وڌي وئي، سکر بئراج تي وهڪرا 14380 ڪيوسڪ تي پهچڻ بعد پاڻي کوٽ 72.56 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 54 سيڪڙو کوٽ سان  5295 ڪيوسڪ تي پهچي ويو، اهڙي صورتحال سبب لاڙ پٽ جي ضلعن ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان   ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون، هوڏانهن اڪرم واهه جي شادي سب ڊويزن ايٽ ٽنڊي باگي جي  اسسٽنٽ انجنيئر هڪ ليٽر ذريعي آگاهي ڏني آهي ته سنڌو ۾ پاڻي کوٽ سبب سندس سب ڊويزن  کي اڪرم واهه مان 22 مارچ کان 22 اپريل تائين پاڻي ملي نه سگهندو، انهي ڪري لاڳاپيل ٽائون ڪاميٽيون ۽ يونين ڪائنسلون   تلائن ۾ پيئڻ جو پاڻي ذخّيرو ڪن، اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ شادي سب ڊويزن مان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪندڙ پنگريو، خليفو قاسم، کوسڪي، شادي لارج شھرن جا رھواسي پريشان ٿي ويا آھن، ان ڏس ۾ حميد، خميسو، ربڏنو، شاھنواز ۽ ٻين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته عام شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان ٿيندا، چوپايو مال به اڃ مري ويندو، اسان خريف جا فصل به پوکي نه سگھنداسين، سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪرائي.

Leave A Comment