سکر بئراج وٽ ڪافر ڊيم ٽٽڻ بعد ڪئنالن ۾کڻت گهٽجي وئي: ربيع لاءِ گهربل پاڻي بند

سکر بئراج وٽ ڪافر ڊيم ٽٽڻ بعد ڪئنالن ۾کڻت گهٽجي وئي: ربيع لاءِ گهربل پاڻي بند

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بئراج جا 28 دروازا تبديل ڪرڻ دوران ڪافر ڊيم ٽٽڻ جي ڪري بئراج وٽان ڪئنالن جي پاڻي فراهمي خراب صورتحال اختيار ڪري وئي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ربيع جي فصل کي گهربل پاڻي ملڻ بند ٿي ويو، ستر سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ڪئنالن تان پاڻي جي کڻت گهٽجي وئي آهي. سکر بئراج مان ڪئنالن جي گهرج 30 هزار ڪيوسڪ کان مٿي آهي پر ڪالهه فراهمي گهٽجي 12250 تائين پهچي وئي. بئراج جي مٿاهين پاسي پاڻي 33394 ڪيوسڪ مان 21144 ڪيوسڪ هيٺ وهايو ويو، کير ٿر ڪئنال کي رڳو 550 ڪيوسڪ، دادو کي 400 ڪيوسڪ فراهم ٿي سگهيو. ٻي پاسي بلوچستان پاڻي فراهمي گهٽجڻ تي شديد اعتراض ڪندي سنڌ حڪومت وٽ احتجاج ڪيو آهي. هوڏانهن نارا ۽ روهڙي ڪئنالن ۾ اڌواڌ پاڻي گهٽجي ويو. سکر بئراج وٽ ٻيهر ڪافر ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪالهه ٻيڻي مشينري سان ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر ذريعن موجب درياءَ ۾ بيراج جي ارگرد پاڻي وڌيڪ هجڻ سبب ڪم ۾ ٻن هفتن تائين ڪئنالن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ فصلن کي ربيع جو آخري پاڻي گهربل آهي.