| سکر بورڊ ۾ اڄ کان نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان شروع |
سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا سالياني امتحان اڄ 30 مارچ کان شروع ٿي ويا. امتحاني فارم نه ڀرائي سگهندڙ اميدوارن کي آچر واري ڏينهن به آن لائين فارم ڀرڻ جو موقعو ڏنو ويو. 30 مارچ کان شروع ٿيندڙ سالياني امتحان 11 اپريل تائين جاري رهندا. تعليمي بورڊ سکر جي ترجمان غلام مصطفيٰ پيرزادو پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيئرمين تعليمي بورڊ سکر زاهد حسين چنڙ چيو آهي ته سکر، خيرپور، گهوٽڪي ضلعن جي هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 234 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. امتحاني مرڪزن ۾ ڪاپي جي روڪٿام لاءِ 28 وجيلنس ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آن لائن فارم جمع نه ڪرائڻ سبب امتحان کان رهجي وڃڻ جي شڪايتن کي نظر ۽ رکندي فارم ڀرائڻ جي تاريخ ۾ آچر تائين اضافو ڪيو ويو. تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين چيو ته ٽنهي ضلعن جي انتظاميه ۽ تعليم کاتي جون ٽيمون الڳ هونديون. سيپڪو چيف کي امتحان دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ لاءِ لکت ۾ ليٽر اماڻيو ويو آهي.امتحاني سينٽرن ۾ ٿڌي پاڻي، پکي سميت بنيادي سهولتن موجود هجڻ جي سينٽر انتظاميه پاران خاطري ڪرائي وئي آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڊي آئي جي سکر کي سيڪيورٽي ۽ انتظامي تعاون متعلق به لکيو ويو آهي. امتحاني سينٽرن ٻاهران قلم 144 جي سفارش ڪئي وئي آهي. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي موبائيل فون امتحاني سينٽر ۾ کڻي اچڻ جي اجازت ناهي.