سکر بيراج جا 16 دروازا بدلائڻ جو ڪم چين جي ڪمپني حوالي، 16 ارب خرچ ٿيندا

آڪٽوبر 21, 2024

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بيراج جي 16 دروازن جي تبديلي واري رٿا جو نيٺ افتتاح ٿي ويو، رولڙي جو شڪار بڻيل ڪم چائنا جي ڪمپني ڪندي، رٿا تي 16 ارب رپيا خرچ ايندا، تفصيل موجب سکر بيراج جي کاٻي پاسي ميوزم جي سامهون بيراج جي 16 دروازن جي رٿا جو افتتاح ڪيو ويو، رٿا تي 16 ارب رپين جي لاڳت ايندي ۽ 8 مهينن ۾ دروازا لڳايا ويندا، ان حوالي سان افتتاح دوران توڙي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيل سيمينار ۾ سيڪريٽري آبپاشي سنڌ ظريف کيڙي پاران ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽن مهينن دوران انهن دروازن کي لڳائڻ لاءِ ڪافر ڊيم ٺاهيا ويندا ۽ ان بعد پنجن مهينن دوران دروازا لڳايا ويندا، هن چيو ته سنڌ جي ٽنهي بيراجن جي ڪمانڊ ايريا هڪ ڪروڙ 21 لک ايڪڙ آهي، هن ٻڌايو ته سکر بيراج جي ڪمانڊ ايريا 17 لک ايڪڙ آهي، هن ٻڌايو ته گذريل هڪ سئو سالن دوران درياهه جي مٿاهين پاسي وارو پيٽ ساڍا پنج فوٽ وڌي ويو آهي، هن چيو ته سکر بيراج جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراجن کان وڌيڪ آهي، سيڪريٽري آبپاشي چيو ته سکر بيراج جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪ تائين وڌائڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي، ان موقعي تي چيني ڪمپني جي انجنيئر مس ڪيري چيو ته اسان ڪم دوران آبي جيوت جي زندگين کي نقصان ٿيڻ کان بچائيندسين، هن چيو ته هي اسان لاءِ هڪ انوکو تجربو آهي، اسان انڌي ٻلهڻ بچائڻ لاءِ به مدد ڪنداسين، ڪم دوران ان کي پري رکيو ويندو، هن چيو ته ڪم دوران 60 سيڪرو مقامي ماڻهو رکيا ويندا، 24 ڪلاڪ ڪم جاري رکيو ويندو، ان ڪري بيراج جو روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ٿيندو، جنهن لاءِ ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويندو.

Leave A Comment