| سکر بيراج جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي لاڳت ۾ 32 سيڪڙو واڌ، 5 ارب اضافي جاري ڪرڻ جون تياريون |
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ورلڊ بينڪ جي قرض سان سنڌ جي بيراجن جي بهتري لاءِ شروع ٿيل رٿا سنڌ بيراجز امپروومنٽ پروگرام (ايس بي آءِ پي) پاران سکر بيراج جي گيٽن جي تبديليءَ واري رٿا لاءِ ڪم پورو ٿيڻ کان اڳ ئي رقم ۾ 32.39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. مجموعي طور تي 5 ارب 28 ڪروڙ 12 لک 21 هزار 700 رپين واڌو رقم ڏيڻ لاءِ آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. ويريئشن جي مد ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم ويريئسشن آرڊر ڇهين ۾ سامهون آئي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته سکر بيراج جي لٽ هٽائڻ لاءِ واڌو رقم 4 ارب 53 ڪروڙ 70 لک 21 هزار رپيا رکي وئي ۽ وڌايل سميت اها رقم مجموعي رقم جو 26.58 سيڪڙو ٿئي ٿي. ويريئشن آرڊر 3 موجب 6 ڪروڙ 98 لک 90 هزار 270 رپيا جنگلي جيوت کاتي جي عمارت لاءِ، وي او نمبر چار تحت 2 ڪروڙ 93 لک 75 هزار 305 رپيا رکيا ويا آهن. وي او پنج موجب ٺيڪيدار جي اسٽاف جي سيڪيورٽي لاءِ بڪتر بند گاڏيون به ايس بي آءِ پي ڏيندو ۽ ان لاءِ به 27 ڪروڙ، 49 لک ست هزار 388 رپيا رقم رکي ويئي آهي. وي او اٺ موجب 24 ڪروڙ 69 لک 60 هزار رپيا ٺيڪيدار جي ڪانٽريڪٽ پرائس موجب وڌايا ويا آهن. اهڙي ريت سکر بيراج جي دروازن جي تبديلي واري رٿا جي رقم وڌي 22 ارب 59 ڪروڙ 98 لک 54 هزار 691 رپين تي پهچي وئي آهي. ياد رهي ته سکر بيراج جي 56 دروازن جي تبديلي، لٽ ڪڍڻ سميت ڪجهه ٻين ڪمن لاءِ رقم 17 ارب ست ڪروڙ ست لک 22 هزار 991 رپيا رکي ويئي هئي. ويريئشن جي حوالي سان سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري ظريف کيڙو پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي سيپٽمبر مهيني ۾ ٻڌايو هو ته وڌ ۾ وڌ هڪ ارب جي ويريئشن ٿي سگهي ٿي. ڪپمنيءَ کي اهو ڪم ٽن سالن ۾ پورو ڪرڻو هو پر اوچتو ان جو مدو 2027ع تائين پهچايو ويو آهي.
| عالمي بئنڪ جو بيراجن بابت قرض وڌي 3 ارب 32 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو |
سکر : ايس بي آءِ پي وسيلي بيراجن جي مرمت ڪرائڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت 2015ع کان اڳ ڪوششون شروع ڪيون هيون، پر ان سال ايڪنڪ جي منظوري بعد پراجيڪٽ منظور ٿيو ۽ آءِ ڊي P162117 موجب مئي 2018ع ۾ ورلڊ بينڪ پهريائين 140 ملين ڊالر منظور ڪيا، پر ۾ اها رقم وڌائي وئي. سکر ۽ گڊو بيراجن جي بحالي جي حوالي سان 74.6 ارب رپيا قرض ڏنو ويو. بعد ۾ ورلڊ بينڪ سان ڳالهيون ڪري بيراجن جو قرض 3326.6 ملين ڊالر تائين وڌي ويو آهي جو فيبروري 2024ع ۾ ورلڊ 17.7 ملين ڊالر ٻيو قرض منظور ڪيو. جنهن مان سکر بئراج جي مختلف ڪمن لاءِ 43.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا ۽ گڊو بيراج لاء 31.3 ارب رپيا رکيا ويا. سکر بيراج جي 56 دروازان جي تبديلي بشمول ڊي سلٽنگ (لٽ جي صفائي) جي 17 ارب ست ڪروڙ ست لک 22 هزار 991 رقم رکي وئي.
| ڪم مرحلن ۾ شروع ٿيو، پهرئين مرحلي بعد نقص ظاهر ٿيا |
سکر : سکر بيراج جي دروازن جي تبديليءَ وارو ڪم ٽن مرحلن ۾ پوري ڪرڻ جي حوالي سان ويريئشن وارن خطن ۾ تفصيل ڏنا ويا آهن جن موجب سکر بيراج جي پهريائين 2023ع دوران 36 نمبر دروازو تجرباتي دروازو هنيو ويو ۽ 2024ع ۾ ان بعد پهرين مرحلي ۾ 44 هون نمبر گيٽ 59 هون نمبر گيٽ مٽائڻ جو ڪم شروع ٿيو جيڪو جولاءِ 2025ع ۾ پورو ٿيو ۽ آگسٽ مهيني دوران ان ڪم ۾ نقص سامهون اچي ويا. ٻئي مرحلي جو ڪم آڪٽوبر 2025ع کان شروع ڪيو ويو آهي ۽ اهو 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ان دوران 15 کان 30 نمبر دروازا مٽايا ويندا. اڳ ۾ جولاءِ 2025ع ۾ آبپاشي جي وزير ڄام خان شوري پاران جولاءِ 2025ع ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته ايندڙ ٻي مرحلي ۾ 28 جا 28 دروازا مٽايا ويندا پر ايس بي آءِ پي پاران هاڻ ٽئين مرحلو به ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن دوران 31 هين کان 43 هين تائين 12 دروازا مٽايا ويندا.