سکر (رپورٽر) سکر بيراج جي مختلف دروازن ۾ ھڪ معصوم ٻار ۽ عورت سميت 5 لاش ڦاٿل هجڻ جا اطلاع مليا آهن
سنڌو درياءُ مان لڙهي آيل لاش بيراج جي گيٽ نمبر 32.39.42.43.50 واري دروازن ۾ ڦاٿل هجڻ جو مقامي ماڻهن طرفان اطلاع ڏنو ويو
بيراج جي گيٽ نمبر 43 ۾ معصوم ٻار جو لاش ۽ گيٽ نمبر 32 ۾ عورت جو لاش ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن
بيراج جي گيٽن ۾ ڦاٿل لاش ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو عملو نه پهتو،پاڻي جي وهڪرن ۾ تيزي سبب لاش وقت سر ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو نه ڪيو ويو ته اڳتي لڙهي ويندا