سکر جو ڪمشنر گهرواري سان گڏ پريا جي وارثن وٽ پهچي ويو

جُون 8, 2023

سکر(رپورٽر) سکر جو ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦل پنهنجي گهر واري سان گڏجي معصوم پريا ڪماري جي گهر پهچي ويو، جلد بازيابي جي خاطري پڻ ڪرائي ڇڏي آهي

ڪمشنر غلام مصطفي ڦل ۽ سندس گهرواري پريا ڪماري جي والد ۽ امڙ سان همدردي جو اظهار ڪيو

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته  اسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد معصوم نينگري کي بازياب ڪرائي والدين تائين پهچايو وڃي

هن چيو ته آئون پاڻ ان مرحلي مان گڊري چڪو آهيان مونکي احساس آهي ڇاڪاڻ ته منهنجو نينگر به ٽي مهينا ڏوهاري وٽ يرغمال رهيو هو

ڪمشنر سکر وڌيڪ چيو ته گهرو سيڪريٽري، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر سميت سموريون ايجنسيون هن ڪيس تي ڪم ڪري رهيون آهن

غلام مصطفيٰ ڦل چيو ته جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي پنجاب تائين نينگري جي ڳولھا ڪري رهيا آهيون

واضح رهي ته پريا ڪماري 22 مهينا اڳ 10 محرم الحرام تي سبيل هلائيندي اغوا ٿي هئي

Leave A Comment