سکر جيل مان قيدي فرار: سوا سال بعد رپورٽ پڌري، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سوڌو 5 اهلڪار جبري رٽائر، 4 برطرف

سکر جيل مان قيدي فرار: سوا سال بعد رپورٽ پڌري، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سوڌو 5 اهلڪار جبري رٽائر، 4 برطرف

سکر (بيورو رپورٽ) 15 مهينا اڳ سکر سينٽرل جيل مان ڪچي قيدي امجد ڪورائي جي فرار ٿيڻ وارو مامرو. سوا سال کانپوءِ انڪوائري رپورٽ پڌري، ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ سميت پنج اهلڪار جبري رٽائر. اي ايس آءِ ۽ ٽي اهلڪار برطرف، جيل سپرينٽينڊنٽ سميت ٽن اهلڪارن جي پنج پنج سالن جي جي انڪريمينٽ ختم ڪئي وئي. جبري رٽائر اهلڪارن ۾ ڊپٽي جيل سپرينٽينڊنٽ آصف ڪورائي، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ مهدي رضا وساڻ، پوليس ڪانسٽيبل خالد رڪ، اعظم جوڻيجو ۽ محمد علي چنا شامل آهن. جڏهن ته برطرف اهلڪارن ۾ ايس آءِ اي اطهر ملهڻ، پوليس ڪانسٽيبل ڪمال الدين چاچڙ، سڌير ملهڻ ۽ ايمان علي ميتلو شامل آهن. جيل سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار آغا، پوليس ڪانسٽيبل وحيد خاصخيلي ۽ ڀيشم خاصخيلي جي پنج پنج سالن جي انڪريمينٽ ختم ڪئي وئي. گذريل سال 9 مئي تي سيڪيورٽي چار مان ڪچو قيدي امجد ڪورائي جيل جي ڀت ٽپي فرار ٿي ويو هو.