سکر جي عدالت قومپرست اڳواڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي
آڪٽوبر 28, 2023
سکر جي عدالت بغاوت ڪيس ۾ قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو ۽ پنهل ساريو جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي
جاچ پوليس قومپرست اڳواڻن خلاف ثبوت طور ميڙيل پٿر ۽ سروٽا عدالت ۾ پيش ڪيا، پوليس موقف اختيار ڪيو ته قومپرست اڳواڻن هي سروٽا ۽ پٿر استعمال ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ۽ دهشتگردي ڪئي
قومپرست اڳواڻن جي وڪيل شبير شر چيو ته 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ قومپرست اڳواڻن پاران پرامن ريلي ڪڍي وئي، ريلي دوران ڪنهن به گاڏيءَ کي ڪو نقصان نه پهتو
ريلي ۾ ڌاڙيل راڄ جي خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ نعرا هنيا ويا، پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت دليل ٻڌڻ بعد قومپرست اڳواڻن جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي