سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو پهريون اجلاس، مڪاني نمائندن پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ مسواڙي سامان گهرائي عوام جا لکين رپيا اڏائي ڇڏيا
ان حوالي سان مليل تفصيل موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو پھريون تعارفي اجلاس عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب پير الاهي بخش ٽاور لٽريسي هال ھِل ٽاپ تي منعقد ڪيو ويو
موجودا ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ پنھنجي اڳوڻي ميئر شپ جي مدي دوران تباھه ٿيل ميونسپل ڪارپوريشن جي نئين عمارت جو تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ھو، جيڪو ھن وقت تائين مڪمل نه ھجڻ ڪري ھن ڀيري به اجلاس لٽريسي هال ۾ ئي گهرايو ويو آھي
ذريعن موجب اجلاس ۾ ايڪوسائونڊ سسٽم، ڪرسيون، ٽيبلز توڙي ٻيو سامان ڪرائي تي آندو ويو آھي، جنھن جو بِل به ميمبرن جي ريفريشمينٽ جيان ميونسپل ڪارپوريشن کي ئي ادا ڪرڻو پوندو
ميونسپل ڪارپوريشن جو منعقد پھريون تعارفي اجلاس ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل جي سربراھي ۾ جاري آهي، جنھن ۾ مرد توڙي عورت ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
واضع رھي ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت واري وقت سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي عمارت کي باھه ڏئي ساڙيو ويو ھو، موجودا ميئر پنھنجي گذريل دور دوران آفيس جي تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو ۽ پھريون اجلاس ٽينٽ ۾ گھرايو ھو، جنھن کان پوءِ سمورا اجلاس لٽريسي حال ۾ ڪوٺايا ويا ھئا