سکر – حيدرآباد موٽروي جو ڪم شروع نه ٿيو، اين ايچ اي چيئرمين طلب

جُولاءِ 11, 2023

سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي جو ڪم شروع نه ڪرڻ تي اين ايچ اي جي چيئرمين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

موٽري وي جو ڪم نه ٿيڻ خلاف وڪيل خان محمد سانگي جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اين ايچ اي جا عملدار پيش ٿيا

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اين ايڇ اي عملدارن عدالت کي لکت ۾ ڏنو هو ته سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي جو ڪم 30 جون تائين شروع ڪيو ويندو ان باوجود هن مهل تائين ڪم شروع ناهي ڪيو ويو

اين ايچ اي عملدارن جي عدالت کي آگاهه ڪيو ته  موٽر وي جو سکر کان حيدرآباد تائين ڪم 30 جولاءِ تائين شروع ٿي ويندو

عدالت لکت ۾ خاطري باوجود ڪم شروع نه ڪرڻ تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته اين ايچ اي عملدارن کي جيل موڪليو ويندو

 عدالت سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي جو ڪم شروع نه ڪرڻ تي اين ايچ اي جي چئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ 16 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي

Leave A Comment