| سکر حيدرآباد موٽروي 5 سيڪشنن ۾ تقسيم، 2 ڀيرا تاريخ تبديل، هاڻ ڪم ٿيندو: اين ايچ اي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پلاننگ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، سکر حيدرآباد موٽر وي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته سکر حيدرآباد موٽر وي کي پنجن سيڪشنن ۾ ورهايو ويو آهي. منصوبي جي شروعات لاءِ ٻه ڀيرا تاريخ ڏني وئي، پر منصوبو شروع نه ٿي سگهيو. هاڻي سکر حيدرآباد موٽر وي منصوبو قابل عمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد زمين تي ڪم نظر ايندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين عبدالقادر گيلاني ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. ٻڌايو ويو ته موٽر وي جي ٻن سيڪشنن لاءِ اسلامي ترقياتي بينڪ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي. سکر حيدرآباد موٽر وي کي اڍائي سالن اندر مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. منصوبي لاءِ 8 ٺيڪيدارن جي اڳواٽ اهليت جو عمل پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي جي ميمبر ذوالفقار بچاڻي چيو ته موٽر وي جي شروعات ڪراچي کان ٿيڻ گهرجي ها. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته حيدرآباد کان ڪراچي پورٽ تائين ايم 10 موٽروي تعمير ڪئي ويندي، ايم 6 سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ ايم 10 حيدرآباد-ڪراچي موٽر وي کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، اجلاس دوران ڪراچي ۾ ڪي پي ٽي سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ منصوبي بابت پڻ لاڳاپيل اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. جلاس ۾ ڪراچي پورٽ تي لنگر انداز ٿيندڙ جهازن مان تيل منتقل ڪرڻ کان پوءِ صفائي نه ٿيڻ واري معاملي تي پڻ سوال اٿاريو ويو. ڪاميٽي چيئرمين عبدالقادر گيلاني چيو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪراچي پورٽ تي ٻه ڀيرا ڌماڪا به ٿي چڪا آهن، پر خوش قسمتي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.