سکر دارالامان ۾ پناهه وٺندڙ عورتن کي پوليس ذريعي هراسان ڪرڻ جو الزام

سکر دارالامان ۾ پناهه وٺندڙ عورتن کي پوليس ذريعي هراسان ڪرڻ جو الزام

سکر (بيورو رپورٽ) سکر دارالامان ۾ پناهه وٺندڙ عورتن کي پوليس معرفت هراسان ڪرڻ جو الزام سامهون آيو آهي. پناهه وٺندڙ عورتن رڙيون ڪنديون رهيون، دارالامان ٻاهر پهتل وارثن پاران نياڻين کي حراسان ڪرڻ جو الزام هڻندي اختيارين کان جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه سکر دارالامان ۾ قيدين واري وين طلب ڪئي وئي، قيدين واري پوليس جي وين دارالامان پهچڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ درالامان مان تحفظ ورتل عورتن جون رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون. اطلاع ملڻ تي جڏهن صحافي دارالامان ٻاهران پهتا ته انهن کي گيٽ تي موجود پوليس جي عملدارن نه دارالامان جي انچارج سان ملڻ ڏنو ۽ نه ئي معاملي جي حقيقت کان آگاهه ڪيو. لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين قيدين واري پوليس جي وين دارالامان سکر جي اندر بيٺل رهي. ذريعن مطابق دارالامان انتظاميا اُتي پناهه وٺندڙ ڇوڪرين کي لاڙڪاڻو منتقل ڪرڻ لاءِ پوليس وين گهرائي وئي، پر ڇوڪرين پاران ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيڻ جي خوف توڙي بنا مرضيءَ جي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي رڙيون ۽ مذاحمت ڪئي. صحافين جي پهچڻ کانپوءِ ۽ ٻن ڪلاڪن بعد قيدين جي پوليس وين خالي واپس روانو ڪئي وئي. اِن دوران دارالامان ۾ پناهه وٺندڙ پنوعاقل جي رهواسڻ جي وارثن دارالامان جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته دارالامان انتظاميا بيگناهه ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ جي لاءِ پوليس جي نفري طلب ڪئي آهي، پناهه وٺندڙ عورتن کي پوليس معرفت حراسان ڪيو پيو وڃي جيڪو غيرقانوني عمل آهي. هن پوليس جي ذميوار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس معرفت نياڻين کي حراسان ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري اُتي پناهه وٺندڙ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.