| سکر–روهڙي کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو تي چوٿين پل اڏڻ جو فيصلو، ذميواري مڪاني کاتي حوالي |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل 51 هين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ سکر کي روهڙي سان ملائڻ لاءِ سنڌو درياءِ تي چوٿين پل تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ۽ روهڙي گڏيل شهري ۽ معاشي رستو بڻجي چڪا آهن، روهڙي، صالح پٽ ۽ پنو عاقل جا لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو رهواسي روزگار، تعليم، صحت ۽ واپاري سرگرمين لاءِ سکر وڃن ٿا. هن وقت مکيه گذرگاهه لئنسڊائون پل آهي، جڏهن ته سکر بئراج واري پل مرمت سبب گهٽ ۾ گهٽ 2027ع تائين عوامي آمدورفت لاءِ بند رهندي. وڏي وزير موجب هڪ اڀياس مان ڄاڻ ملي آھي ته لئسنڊائون پل تان روزانو 30 هزار کان وڌيڪ گاڏيون استعمال ڪن ٿيون، پل جي تاريخي حيثيت ۽ پراڻي ڍانچي سبب ڳري ٽريفڪ، خاص ڪري اين فائيو ۽ ايم فائيو شاهراهن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي هن پل تي هلڻ جي اجازت ناهي. ان صورتحال سبب رش جي وقتن ۾ سخت دٻاءُ ۽ ٽرئفڪ جام ٿئي ٿي، جنهن ڪري ايمرجنسي طبي سهولتون ۽ فائر برگيڊ جهڙيون خدمتون به متاثر ٿين ٿيون. انهن مسئلن جي حل لاءِ وڏي وزير نئين سکر–روهڙي پل رٿا لاءِ پروجيڪٽ ڊولپمينٽ فيسلٽي (پي ڊي ايف) جي منظوري ڏني ته جيئن ماهر صلاحڪارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن، مڪاني کاتو انهي پل کي پ پ ماڊل تحت مڪمل ڪندو. نئين َ پل بکر ٻيٽ جي اتر طرف اٽڪل 1.5 ڪلوميٽر ڊگھي هوندي جنهن ۾ ڳرين ڪمرشل گاڏين لاءِ گنجائش ۽ پيادل هلندڙن لاءِ الڳ رستا شامل هوندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 39 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو 88.2 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪيوآهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو کي اپريل 2026ع تائين مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.