| سکر : ريلوي ڪوارٽرن تي قبضن خلاف آپريشن: پوليس ۽ متاثرن ۾ چڪريون: هوائي فائرنگ |
سکر (بيورو رپورٽ) ريلوي ڪوارٽرن تي مبينا قبضن خلاف ريلوي انتظاميه جو آپريشن، ٻه ڪوارٽر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. متاثرن پاران ريلوي عمدار مٿان 50 هزار رپيا رشوت وٺڻ ۽ بيگناهه تنگ ڪرڻ جو الزام. ڪوارٽرن تان مبينا قبضو ختم ڪرائڻ دوران ريلوي پوليس ۽ متاثرن ۾ چڪريون، هوائي فائرنگ، عورتن جون دانهون. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ريلوي انتظاميه طرفان ڊي اين اي ون جهانزيب خان جي اڳواڻي ۾ نئون پنڊ ريلوي ڪالوني ۾ آپريشن ڪيو ويو. قبضو ڄاڻايل ٻن ڪوارٽرن مان سامان ڪڍرائي ڪيل اڏاوتون ڏاهي پٽ ڪيون ويون. متاثر عورتن ٻارڙن کي سان ڪري پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. متاثر عورتن مطابق ريلوي جي عملدار 50 هزار روپيا وٺي رهڻ جي اجازت ڏني پر ان باوجود بي گهر ڪيو پيو وڃي. بااثر ماڻهن خلاف ريلوي انتظاميا ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ريلوي جي اختيارين کان نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.