سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سول اسپتال سکر جي سموري ميڊيڪل بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو
نگران وزيراعليٰ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سول اسپتال سکر جي اوچتي دوري تي پهچي ويو، دوري دوران سهولتن ۽ بسترن جي کوٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
نگران وڏي وزير اوچتو سول اسپتال سکر پهچي اسپتال ۾ سهولتن جو جائزو ورتو، سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ ۽ ٻي مشينري خراب هجڻ ۽ صفائي نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
نگران وڏي وزير غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي گذريل 5 سالن جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو
وڏي وزير مقبول باقر سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي، دارالامان ۽ ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول جو دورو به ڪيو، ٿاڻي جي دوري دوران ايس ايس پي عرفان سمون نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته هلندڙ مهيني هڪ ڌاڙيل سانوڻ سکاڻي مارجي ويو، جيڪو 11 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو
دارالامان جي دوري دوران عورتن دانهيندي چيو ته دارلامان جي انچارج بدتميز آهي جيڪا گارگند ڪندي رهي ٿي، کاڌو به خراب ۽ گهٽ ڏنو ويندو آهي، نگران وڏي وزير شڪايتن جي فوري ازالي جا حڪم جاري ڪيا