سکر: سيپڪو عملدار جو ڪيس داخل
جُون 22, 2025
سکر (پنهنجي ڊيسڪ ) سکر ۾ لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو جي قتل جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي دڪاندار حسنين قريشي مٿان داخل ڪيو ويو، جڏهن ته قتل جو ڪيس سيپڪو ملازم ساجد محمود آرائين جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ٻئي طرف ،سيپڪو ملازمن پاران سڀاڻي ڪم ڇڏ هڙتال ڌرڻو هڻڻ جو اعلان، سکر ۾ لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سيپڪو ملازمن پاران يونين اڳواڻ شجاعت گهمرو، نثار شيخ، خليل ڊومڪي، اشفاق مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي مظاهرين چيو ته 24 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر پوليس قاتل کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، هنن چيو ته جيڪڏهن جلد قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سڀاڻي سومر ڏينهن تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي، ملازم اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سوين ملازم سيپڪو آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻندا