سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ضلعي جي ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، ٻه ميونسپل ڪاميٽين ۽ ڇھن ٽائون ڪاميٽين مان اڪثر اھم عھدا موروثي سياست ڪندڙ خاندانن حوالي ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن
ان سلسلي ۾ سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، ٻن ميونسپل ڪاميٽين روھڙي، پنوعاقل، ڇھن ٽائون ڪاميٽين مڪي شاھ، جيئي شاھ، نثار احمد صديقي، ڪنڌرا، صالح پٽ ۽ باگڙجي ٽائون ڪاميٽيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ چيئرمين، توڙي وائيس چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ وارو عمل تيز ٿي ويو آھي
ورتل ڄاڻ مطابق ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ اڳوڻي سينيٽر اسلام الدين شيخ جو فرزند اڳوڻو ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جي سامھون ڪو به اميدوار سامھون ناھي آيو، تنھن ڪري اھي واضح امڪان آھن ته ارسلان شيخ ٻيو ڀيرو سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر شپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو
ضلعي چيئرمين لاءِ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جو فرزند ڪميل شاهه، اڳوڻو ايم پي اي جاويد شاهه ۽ اڳوڻو ايم پي اي حاجي انور خان مھر جو فرزند اختر خان مھر اميدوار طور سامھون آيا آھن
ذريعن مطابق ضلعي چيئرمين شپ سيد ناصر شاهه پارٽي قيادت کي پنھنجي فرزند ڪميل شاهه کي ڏيارڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آھي
ھوڏانھن اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مھر وٽ تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير سميت پارٽي جي ٻي قيادت پھتي ھئي، جنھن ڪري اختر خان مھر جي به ضلعي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جا امڪان موجود آھن
سکر سٽي ۽ نيو تعلقي ۾ پھريون ڀيرو جوڙيل ٽن ٽائون ڪاميٽين مان نثار احمد صديقي ٽائون ڪاميٽيءَ تي سيد خورشيد احمد شاهه جو فرزند زيرڪ شاهه چيئرمين شپ جو مضبوط اميدوار آھي، جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي جيئي شاهه تي سيد فرحان شاهه، عزيز الله مغل، ٽائون ڪاميٽي مڪي شاهه جي لاءِ محمد الدين، چوڌري اظھر حسين، غلام مرتضيٰ گھانگھرو سرگرم آھن. اھڙي طرح ٽائون ڪاميٽي باگڙجي لاءِ رياض جوڻيجو مضوط اميدوار آھي. صالح پٽ ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان پ پ چئن وارڊن تي ڪامياب ٿي، ھڪ آزاد اميدوار، ٻه جي ڊي اي ۽ ھڪ فنڪشنل ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي. جِتي پ پ اميدوار ڪاڪي شاھ چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽي قيادت کي درخواست ڏني آھي
ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا لاءِ پ پ طرفان يوسف جاگيراڻي ٽائون چيئرمين جو مضبوط اميدوار آھي. جيڪڏھن ضلعي اندر ٻن ميونسپل ڪاميٽين جي ڳالهه ڪجي ته پنوعاقل ۽ روھڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ سياسي گھراڻا پنھنجا پنھنجا اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم آھن
روھڙي ميونسپل ڪاميٽي لاءِ يعقوب علي شاهه، عرفان دائود پوٽو جيڪو ناصر شاھ جو فوڪل پرسن پڻ آھي ۽ آصف رضا خان مھر سرگرم آھن. پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ پنج اميدوار ڌڻي بخش خان مھر، بابر مصطفي بوزدار، سليم غني ڪلوڙ، شيراز سومرو، ميان عابد انڍھڙ ڊوڙ ۾ شامل آھن. جنھن جي لاءِ خواھشمند اميدوارن طرفان پنھنجي حامي سياسي ھائوسز جا چڪر ڪاٽڻ لابنگ ڪرڻ وارو عمل تيز ڪيو ويو آھي، پنھنجن علائقن ۾ پنھنجو داٻو ۽ طاقت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سياسي گھراڻا پڻ پنھنجا پنھنجا اميدوار آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آھن
هوڏانهن حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر جي ميئر، ڊپٽي ميئر، ضلعي چيئرمين، ميونسپل ۾ ٽائون ڪاميٽيز جي چيئرمين شپ لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن جا نالا فائنل ڪرڻ لاءِ زرداري هائوس ڪراچي ۾ اڄ 21 مئي تي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سکر جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي، ايم پي اي، پارٽي اڳواڻن ڊويزنل صدر، جنرل سيڪريٽري، ضلعي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن کي طلب ڪيو ويو آهي
جڏهن ته اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊيل نمائندن جي حلف برداري جي تقريب آئي بي اي سکر ۾ منعقد ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جي حد برداري ضلع ڪائونسل حال ۾ منعقد ڪئي وئي آهي