| سکر ضلعي ۾ چڪن پاڪس ۽ ارڙي جا وڌيڪ 7 ڪيس ظاهر |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ۾ چڪن پاڪس ۽ ارڙي جا وڌيڪ 7 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڳوٺ دينپور مهر جي رهواسين مطابق ڳوٺ ۾ 12 ٻارڙا ارڙي بيماري ۽ چڪن پاڪس ۾ وٺجي ويا آهن. عبدالحق مهر مطابق چڪن پاڪس سبب ڳوٺ ۾ 2 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 5 ٻارڙا اِن بيماريءَ ۾ ۽ 7 ٻارڙا اُرڙي ۾ مبتلا آهن. هنن چيوته اي پي آءِ پروگرام تحت ضلعي جي مختلف هنڌن تي ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين نه ٿيڻ سبب مرض پکڙجي رهيو آهي. صحت کاتي کي اطلاع ڏيڻ باوجود هن وقت تائين ويڪسينيشن ڪرڻ يا وزٽ ڪرڻ لاءِ ڪو به آفيسر ناهي پهتو. هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي ٻارڙن کي صحت جي بنيادي سهولت فراهم ڪڻ جو مطالو ڪيو آهي.