سکر: قيمت ۾ اضافي باوجود اڪثر پيٽرول پمپ بند، شهرين جي پيهه، جھيڙا، انتظاميا خاموش

سکر: قيمت ۾ اضافي باوجود اڪثر پيٽرول پمپ بند، شهرين جي پيهه، جھيڙا، انتظاميا خاموش

سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 55 رپيا اضافي کان اڳ توڙي اضافي کانپوءِ سکر ۾ پيٽرول ملڻ ناياب ٿي ويو آهي. پيٽرول وڌڻ کان اڳ ڪارن، موٽر سائيڪلن، موٽر سائيڪل لوڊرن تي سوار ٿي پيٽرول ڀرائڻ لاءِ پمپن جو رخ ڪيو. وڏين قطارن جي صورت ۾ بيٺل اڪثر شهري پيٽرول پمپ بند هجڻ سبب مايوس ٿي واپس روانو ٿي ويو. ۽ اڪثر پيٽرول پمپ مالڪن هٿرادو پيٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته کليل پيٽرول پمپن تي عوام جا هجوم لڳل رهيا. رات جو 12 وڳي کان پوءِ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي بعد کليل پيٽرول پمپن تي به عوام جون قطارون لڳل نظر آيون، جنهن سبب ڪيترن پيٽرول پمپن پيٽرول ختم ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي پيٽرول پمپ بند ڪري ڏيا. جڏهن ته کليل پمپن تي موٽر سائيڪل سوار کي 300 رپين کان 400 رپيا ۽ ڪار ۾ سوار کي ٽن هزار رپين تائين پيٽرول ڏنو پئي ويو. وڌيڪ پيٽرول نه ملڻ تي شهرين توڙي پِيٽرول پمپ جي ملازمن ۾ منهن ماري عام رهي. جڏهن ته اِن کان اڳ ڪيترائي ماڻهو وڏي انگ ۾ پيٽرول ڀرائي اسٽاڪ ڪري چڪا آهن. اِن ڏس ۾ سکر ڊوالپمينٽ الائنس جي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته رمضان جي مهيني ۽ عيدالفطر جي موقعي تي حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي،  حڪومت پاران پيٽرول  ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 في ليٽر اضافو ڪري مهانگائي جي نئين طوفان کي دعوت ڏني آهي، ملڪ ۾ پهريان ئي غربت، مهانگائي، بيروزگاري جي ڪري غريب عوام فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهن. سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر محمد خالد ڪاڪيزئي، سينيئر نائب صدر اميت ڪمار، نائب صدر ملڪ محمد اويس رئيس ۽ ٻين گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اوچتو 55 رپيا في ليٽر اضافي کي سختي سان رد ڪندي ان کي ملڪ جي معيشت، صنعتن ۽ واپاري سرگرمين لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏنو آهي، اهڙي غيرمعمولي واڌ سان اڳ ئي سخت معاشي دٻاءُ هيٺ آيل صنعتڪار، واپاري ۽ عام عوام وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندا. سکر چيمبر مطابق ٽرانسپورٽ خرچ وڌڻ سبب نه رڳو مقامي صنعت متاثر ٿيندي پر برآمدات به وڌيڪ غير مقابلي واريون ٿي وينديون، جنهن سان ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه چيو آهي ته عوام اڳ ئي مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهي ۽ وڌيڪ واڌ عوام لاءِ سخت مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي، هن واڌ جا اثر ملڪ ڀر ۾ ٽرانسپورٽ، خوراڪ جي شين ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي قيمتن تي به پوندا۔ واضح رهي ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في لٽر 55 رپيا واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 321 رپيا 17 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 335 رپيا 86 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. سکر جي شهرين جو چوڻ آهي ته موجوده حڪمران جڏهن اپوزيشن ۾ هئا ته 118 رپين کان 140 رپيا پيٽرول في ليٽر تي احتجاج ۽ لانگ مارچ ڪرڻ سان بيان بازيءَ ۾ مصروف هئا، پر هاڻي هو مسلسل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي رهيا آهن جنهن جو اُنهن کي ڪو به احساس ناهي. اڳ ئي مهانگائيءَ جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 رپيا اضافي سان ويتر عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندي ڇو جو ڪراين ڀاڙن، کاڌ خوراڪ توڙي روزانو جي استعمال هيٺ شين جي اگهن ۾ به هٿرادو اضافو ڪيو ويندو. هنن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول مصنوعات جا وڌايل اگهه فوري طور تي واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.
 

  گاسليٽ 130 ۽ لائيٽ ڊيزل 67 رپيا مهانگو: پيٽرول تي 21 رپيا ليوي جو به اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پٽرول ۽ ڊيزل کان پوءِ گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ پڻ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو. پڌرائي مطابق گاسليٽ 130 رپيا 8 پيسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو، جنهن بعد نئين قيمت 318 رپيا 81 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ساڳئي وقت لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا 82 پيسا في لٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 235 رپيا 1 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. حڪومت طرفان گاسليٽ تي 20 رپيا 36 پيسا في لٽر پٽروليم ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل تي 15 رپيا 84 پيسا في لٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي. ان ريت هلندڙ مهيني جي پهرين ستن ڏينهن ۾ حڪومت گاسليٽ جي في لٽر قيمتن ۾ مجموعي طور تي 138 روپيا 28 پيسن جي واڌ ڪئي آھي جنهن ۾ پهرين مارچ تي 8 رپيا 20 پيسا ۽ 6 مارچ تي 130 رپيا 8 پيسا ڪيل واڌ شامل آھي. جڏهن ته مارچ جي پهرين هفتي ۾ حڪومت پيٽرول جي في لٽر قميت ۾ مجموعي طور تي 63 رپين جي واڌ ڪئي آھي جنهن ۾ پهرين مارچ تي 8 رپيا ۽ 6 مارچ تي 55 رپيا ڪيل واڌ شامل آھي ائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر قيمت ۾ مارچ جي پهرين 6 ڏينهن ۾ 60 رپيا 16 پيسن جي واڌ ڪئي وئي آھي جنهن ۾ پهرين مارچ تي 5 رپيا 16 پيسا ۽ 6 مارچ تي 55 روپين جي ڪيل واڌ شامل آھي. ياد رهي ته حڪومت گذريل رات پيٽرول ۽ ڊيزل جي في لٽر تي 55 رپيا اضافو ڪيو هو، ان سان گڏ پيٽرول تي پٽروليم ليوي 20 رپيا 97 پيسا في لٽر اضافو ڪيو ويو، جنهن بعد اها 84 رپيا 40 پيسن مان وڌي 105 رپيا 37 پيسا في لٽر ٿي وئي آهي. دستاويزن موجب پيٽرول تي عوام کان ٽيڪسن ۽ مارجنز جي مد ۾ 130 رپيا 23 پيسا في لٽر وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڊيزل تي 78 رپيا 8 پيسا في لٽر ٽيڪس ۽ مارجنز وصول ڪيا پيا وڃن. پٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي 2 رپيا 50 پيسا في لٽر ڪاربان سپورٽ ليوي پڻ لاڳو آهي. پٽرول تي 5 رپيا 85 پيسا في لٽر فريٽ مارجن، 7 رپيا 87 پيسا في لٽر ڊسٽريبيوٽرز مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا في لٽر ڊيلرز مارجن مقرر آهي. جڏهن ته ڊيزل تي 55 رپيا 24 پيسا في لٽر ليوي لاڳو آهي، ان سان گڏ 3 رپيا 83 پيسا فريٽ مارجن، 7 رپيا 87 پيسا في لٽر ڊسٽريبيوٽرز مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا في لٽر ڊيلرز مارجن وصول ڪيا پيا وڃن.
 

پيٽروليم ڊيلرن پاران آئل ڪمپنين تي اربين ڪمائڻ جو الزام 

ڪراچي: پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئشن جي وائيس چيئرمين انور ڪمال ۽ ٻين چيو آهي ته  ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ باوجود ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين اڳ ۾ ڪوٽا سسٽم تحت 50 سيڪڙو سپلاءِ گهٽائي هئي، هاڻي سپلاءِ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترن پمپن کي پيٽرول ۽ ڊيزل فراهمي نه پئي ٿئي،  ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته پيٽرول سپلاءِ ۾ گهٽتائي سبب پمپن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي آڊٽ ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ته تيل سپلاءِ گهٽائڻ سان انهن ڪنهن ڪيترو منافعو ڪمايو؟  ڊيلرز موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب انهن تي اربين رپين جو اضافي مالي بار پئجي ويو آهي. هر پيٽرول پمپ کي پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪرڻ لاءِ 3 ڪروڙ رپيا گهربل آهن. پي پي ڊي اي الزام هنيو ته حڪومت پنهنجو مارجن وڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيٽروليم ڊيلرز جو مارجن وڌايو نٿو وڃي.  هن چيو ته سپلاءِ ۽ قيمتن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته پيٽرول پمپن تي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي.
 

پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ٽرانسپورٽ ڪاروبار متاثر، سجاول ۾ احتجاج، ڪراچي روڊ بلاڪ

سجاول (رپورٽر) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو ٿيل واڌ خلاف ٽرانسپورٽ ڊرائيورن سخت احتجاج ڪندي سجاول لڳ برانچ موري وٽ ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ ٿرپارڪر ويندڙ مين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين روڊ جي وچ تي پنهنجون گاڏيون بيهاري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته رات جي اونداهي ۾ پيٽرول مهانگو ڪري غريب ڊرائيورن ۽ عام ماڻهن کي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ هو تہ پيٽرول جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ سبب ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ڊرائيورن لاءِ روزگار ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو. مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل تازو واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي ۽ عوام سميت ٽرانسپورٽرن کي رليف ڏنو وڃي. احتجاج سبب ڪجهه وقت تائين ٽريفڪ معطل رهي جڏهن تہ مسافر ۽ ٽرانسپورٽر سخت پريشاني جو شڪار رهيا.
 

قاضي احمد: سرن جي ٽرالي اگهه ۾5 ھزارن جو اضافو

قاضي احمد (ن پ ا) تيل اگهن ۾ واڌ بعد قاضي احمد ۾ بٺي مالڪن سرن جي ٽرالي جي اگهه ۾  5 ھزار رپيا  اضافو ڪري ڇڏيو،  29 ھزارن واري سرن جي ٽرالي 33 ھزار رپين ۾ وڪامي رهي هئي، ذريعن موجب  قاضي احمد  جي بٺي مالڪن اجلاس ڪري گڏيل طور اگھ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي
 

تيل  اگهه وڌائڻ سان عوامي معاشي قتلام ٿيو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد ڪلمتي ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن پيٽرول بم عوام مٿان اڇلايو آهي. پيٽرول جي قيمت وڌائي عوام جو معاشي قتلام ڪيو آهي. پيٽروليم قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري پاڪستان جي عوام کي آمريڪي جنگ ۾ قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي. ملڪ جا حڪمران ٽرمپ کي امن جو عالمي ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ تان عوام کان معافي وٺن ۽ آمريڪا جي بورڊ آف پيس مان فوري طور نڪري وڃن. وچ اوڀر، لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا سميت سموري دنيا ۾ رت جون نديون وهائيندڙ آمريڪي سامراجي نمائندي ٽرمپ کي نوبل جو انعام ڏيڻ آمريڪي جنگين ۽ مداخلتن جي حمايت ڪرڻ برابر آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪدم 55 روپيا في ليٽر واڌ عوام تي مهانگائي بم ڪيرائڻ جي برابر آهي.
 

لاڙڪاڻي ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف ڊرائيورن جو چنگچي رڪشا بيهاري ڌرڻو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي جي به رهواسين وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي واڌ کي رد ڪري مختلف طريقن سان احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا آهن چنگچي رڪشا هلائيندڙ پورهيتن پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر ۾ 55- 55 رپين جي واڌ کي رد ڪري احتجاج طور پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ايس ايس پي چوڪ ۽ شهر جي جناع باغ چوڪ تي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، جتي هنن چنگچيون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  چنگچي رڪشا جي ڊرائيورن رجب علي سومرو، سراج شابراڻي، عبدالرزاق شر، فهد شابراڻي ۽ ٻين چيو ته جن ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي آهي اتي پيٽرول، ڊيزل توڙي عام واهپي جي شين جا اگهه ساڳيا ئي آهن ۽ اتي پري پري تائين مهانگائي جو نالو نشان ئي ناهي، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف کان اربين ڊالر قرض کڻندڙ شهباز ۽ زرداري حڪومت پنهنجي شاهي خرچ گهٽائڻ بجاءِ عوام مٿان بار وجهي 55 رپيا پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت گهٽ ڪئي وڃي.
 

پيٽرول ليوي جي نالي ۾ 105 رپيا اوڳاڙڻ ظلم آهي: حافظ نعيم 

ڪراچي: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته  پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا واڌ عوام تي ظلم آهي، حڪومت 55 رپين ۾ 20 رپيا رڳو پيٽرول ليوي جا وڌايا آهن، هن وقت پيٽرول جي في لٽر تي ليوي 105 رپين تائين پهچي وئي آهي: حڪومت پيٽرول تي مختلف ٽيڪسن جي صورت ۾ 120 رپيا في لٽر وصول ڪري رهي آهي، سرڪار 2سالن ۾ پيٽرول ليوي جي صورت ۾ 2600 ارب اوڳاڙيا آهن، هن چيو ته سرڪاري فيصلي سان موٽر سائيڪل هلائيندڙ شاگرد، مزدور ۽ مڊل ڪلاس سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ، هن چيو ته حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ عوام تي وڌيڪ بار وجهي رهي آهي، هن چيو ته  وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي مفت پيٽرول واري سهولت ختم ٿيڻ گهرجي،  وڏين سرڪاري گاڏين بدران 1300 سي سي جون گاڏيون استعمال ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته تيل اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي.
 

ڊيزل مهانگو ٿيڻ ڪري ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ بعد ٽرينن جي ڪراين ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو. ترجمان پاڪستان ريلوي مطابق اڪانومي ڪلاس جي ڪراين ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. اي سي ڪلاس جي ڪراين ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ترجمان مطابق مسافر ٽرينن جي آپريشنل خرچن جو اضافي بار پاڪستان ريلوي پاڻ برداشت ڪندو، جڏهن ته مال گاڏين جي ڪراين ۾ به 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. اضافو 9 مارچ کان سڀني مال گاڏين ۽ مسافر ٽرينن تي لاڳو ٿيندو، پر پهريان کان ٿيل بڪنگ تي اهو اضافو لاڳو نه ٿيندو.
 

پيٽرول مهانگو ٿيو ته ڇا ٿي پيو ؟ 3 نينگر گڏهه تي گهمڻ لڳا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ لاڙڪاڻي واسي گڏھ جي سواري تي اچي ويا شهر ۾ ٽن نينگرن پاران گڏھ تي چڙهي شهر جو گشت ڪرڻ سان گڏ معمول موجب ڪم ڪار ڪندي نظر آيا، گڏھ تي سواري ڪندڙ نينگر شهرين جي توجهه جو مرڪز پڻ رهيا ان حوالي سان گڏھ تي ويٺل نينگرن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي موٽر سائيڪل ۾ تيل نه ٿا ڀرائي سگهئون، هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري پورهيت طبقي کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
 

سرڪاري گاڏين جو تيل بند ڪريو: واپارين پاران اگهن ۾ واڌ رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بزنس فورم ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز پيٽروليم شين جي اضافي کي رد ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته پيٽروليم مصنوعات ۾ اگهه ئي مسئلن جي ور چڙهيل ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿينديون، تنهن ڪري حڪومت کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. پاڪستان بزنس فورم حڪومت کان پٽروليم شين جي اگهن ۾ 55 رپيا في لٽر اضافي تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستان بزنس فورم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي اندر 63 رپيا اضافي سبب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي ويون آهن. ملڪ ۾ هن وقت به 18 ڏينهن کان وڌيڪ تيل جو ذخيرو موجود هو. پاڪستان بزنس فورم جي صدر خواجه محبوب الرحمان چيو ته ڪاروباري برادري کي اميد هئي ته حڪومت اهڙين غير معمولي حالتن ۾ ڪجهه بار پاڻ به برداشت ڪندي، پر ان جي ابتڙ پٽروليم ليوي وڌائي 105 رپيا في لٽر تائين پهچائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. نئين اگهن سبب مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، رمضان المبارڪ دوران وچولي طبقي کي سحري ۽ افطار جي وقت به وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن مطالبو ڪيو آهي ته پٽروليم ليوي کي فوري طور تي 50 سيڪڙو گهٽايو وڃي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار طور سرڪاري گاڏين لاءِ تيل جي سهولت عارضي طور بند ڪئي وڃي. اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر سردار طاهر چيو آهي ته پٽروليم شين جي اگهن ۾ 55 رپيا اضافو صنعت ۽ واپار لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيندو. عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ جو سمورو بار عوام تي وجهڻ سراسر ناانصافي آهي. ٽرانسپورٽ ۽ ضروري شين جون قيمتن ۾ به اضافو ٿيندو، جڏهن ته ملڪ جي معيشت اڳ ئي دٻاءُ هيٺ آهي ۽ هي اضافو صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪندو.
 

  تيل اگهن ۾ واڌ تي حڪومتي اتحادين ۾ به ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومتي اتحادين سوڌو مختلف سياسي پارٽين پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في لٽر تي 55 رپين جي اضافي کي مڪمل طور تي رد ڪندي حڪومت کان عوام دشمن فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ تڪليفن ۾ مبتلا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تيل اگهه وڌڻ سان مهانگائي وڌيڪ وڌندي ۽ عوام جون مشڪلاتن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿي ويندو. پيپلز پارٽي حڪومت کي سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ڪري جو مشورو ڏنو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ سرڪاري ادارن کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آڻي ان جو فائدو عوام تائين پهچائڻ گهرجي. عوام اڳ ئي گهڻيون قربانيون ڏئي چڪو آهي، تنهن ڪري اشرافيه ۽ انتظاميا کي به قومي خزاني تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جون عادتون اختيار ڪرڻ گهرجن. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته پيپلزپارٽي فيصلي کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. عوام تي انتهائي وڏو معاشي بار آهي. رمضان المبارڪ جي برڪت واري مهيني دوران اگهن ۾ اضافو انتهائي افسوسناڪ آهي، حڪومت فيصلو واپس وٺي. راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ ڀرپور نموني آواز اُٿاريو ويندو، مهانگائي سبب عوام جي عيد جون خوشيون به ختم ٿي وينديون، پيپلز پارٽي جي شازيا مري ۽ رضا رباني چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عوام تي وڏو معاشي بار آهي، وڏن محلن ۽ مينارن ۾ رهندڙ حڪومت عام ماڻهن جي خراب حالت کان اڻڄاڻ آهي.
 

گڊز ٽرانسپورٽرن پاران ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو اعلان: ٽول ٽيڪس ۾ ڇوٽ جي گهر  

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ 20سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران ڊيزل جي قيمت ۾ 78 رپيا ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ 68 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي، اهڙي صورت ۾ ٽرانسپورٽرن لاءِ ڪاروبار هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪنهن مجبوري تحت ڪئي وئي آهي ته وفاقي حڪومت کي ٽول ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٽرانسپورٽ شعبي کي ڪجهه رليف ملي سگهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر نه رڳو ٽرانسپورٽرن پر هر پاڪستاني شهري تي پوي ٿو. هن خبردار ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو مهانگائي جو نئون طوفان آڻيندو.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جي غلط پاليسين خلاف ٽرانسپورٽرن اڳ به احتجاج ڪندي 10 ڏينهن تائين ملڪ گير هڙتال ڪئي هئي. هڙتال دوران پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب ۽ وزير ٽرانسپورٽ بلال اڪبر پاران ڪيل معاهدن تي  عمل  نه پيو ٿئي هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجن پاليسين جو جائزو نه ورتو ته ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بند ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ٿيندڙ سمورن نقصانن جي ذميوار وفاقي حڪومت هوندي.
 

پيٽرول ناهي، ٿرڙي محبت ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل گهٽجي ويا

ٿرڙي محبت (ن پ ا)  ٿرڙي محبت ايران ۽ اسرائيل جي جنگ جا اثر پاڪستان تي پوڻ شروع ٿي ويا آهن، هڪ ئي ڌڪ ۾  55 رپيا واڌ ٿيڻ بعد روڊن رستن تي ننڍين سوارين واريون گاڏيون بند ٿيڻ لڳيون آهن، جڏهن ته موٽر سائيڪلون ۽ رڪشا به گهٽ نظر اچڻ لڳا آهن ٿرڙي محبت ۾ اسڪولي ٻارن کي کڻندڙ رڪشا ڊرائيورن پڻ تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب ٻارن جي والدين کان ٻار اسڪول کڻي وڃڻ  واپس آڻڻ کان معذرت ڪري ڇڏي .ان سلسلي ۾ ٿرڙي محبت جي پورهيت رڪشا ڊرائيورن غلام نبي ناريجو، استاد ڀورل چنجڻي، آزاد مانڱڻو، بهار سولنگي، وارث سولنگي، پپن لاشاري، رابيل سيلرو ۽ ٻين تيل جي وڌندڙ قيمتن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته تيل مهانگو ٿيڻ سبب سندن روزگار سخت متاثر ٿيو آهي هنن چيو ته عيدالفطر به ويجهو اچي رهي آهي، پر تيل جي وڌندڙ قيمتن کين بيروزگاري جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. حڪومت کي گهرجي ته پورهيتن ۽ غريب طبقي جي سار سنڀال ڪري ۽ کين رليف فراهم ڪري