سکر: لائين سپريٽينڊنٽ قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار
جُون 25, 2025
سکر ( پنهنجي ڊيسڪ )سکر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار دڪاندار حسنين قريشي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ سيپڪو عملدار کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سيپڪو ملازم جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن جي گرفتاري لاءِ سيپڪو، حيسڪو ملازمن پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اڄ به سيپڪو انتظاميا پاران ايس ايس پي آفيس، اي سيڪشن ٿاڻي جي بجلي جا ڪنيڪشن احتجاج طور ڪاٽيا ويا آهن ، آخري اطلاعن تائين ايس ايس پي سکر توڙي ماتحت آفيسن ۾ بجلي جي فراهمي بند آهي.