سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سي اي اي جي ڊائريڪٽر کي خانگي اڏامون نه هلڻ جي درخواست تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو
سنڌهاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ خانگي اڏامون نه هلائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن دوران سول ايوي ايشن جا عملدار به پيش ٿيا
وڪيل سهيل کوسو چيو ته سکر ايئرپورٽ تي صرف پي آء اي جون فلائيٽس آهن خانگي فلائيٽس نٿون هلايون وڃن جنهن ڪري سفر ڪندڙن کي ڏکيايون پيش اچن پيون
هن چيو ته رحيم يار خان ۾ خانگي فلائيٽس هلايون پيون وڃن پر سکي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي
ٻڌڻي دوران سول ايوي ايشن جي عملدار موقف اختيار ڪيو ته رحيم يار خان ۾ سياح به اچن پيا ۽ سٺا هوٽل به آهن ان ڪري اتي بزنس ٿئي پيو
جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي خبر ناهي ته موهن جي دڙي کان وڌيڪ سياحن لاء ٻيو بهتر هنڌ ڪهڙو آهي، ايوي ايشن اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل پيش ڇو ناهي ٿيو.؟
سي اي اي جي عملدارن چيو ته مصروفيت هجڻ ڪري ڊائريڪٽر جنرل پيش ناهي ٿيو جنهن تي عدالت ڊائريڪٽر کي 20 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو