سکر: نوڪرين بابت ڪمينٽس داخل نه ڪرائڻ تي عدالت جي ڪاوڙ

سکر: نوڪرين بابت ڪمينٽس داخل نه ڪرائڻ تي عدالت جي ڪاوڙ

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون نه ملڻ خلاف گڏيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، ڪمينٽس داخل نه ٿيڻ سبب 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل ٻه رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. طلب ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرن جي نمائندن، واسطيدار، ٻنهي ڌرين جي وڪيلن آچر خان گبول، رخسار جوڻيجو، عبيد الله ملاڻو، محفوظ اعواڻ، محبوب وساڻ،اطهر ابڙو، بدر ميمڻ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ علي رضا بلوچ عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ پڻ گريڊ هڪ کان 4 تائين ملازمن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ تيار ڪيس هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪندي ٻن مهينن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏنو هو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ بدران بار بار مهلت طلب ڪري رهيا آهن. ٻين سرڪاري کاتن پاران ڪمينٽس داخل نه ڪرائڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڪمينٽس داخل ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته پنهنجو قبلو درست ڪيو، عدالتي حڪم باوجود ڪمينٽس داخل ناهن ٿيا جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.