| سکر واسي ملير ۾ٽارگيٽ بڻائي قتل: عورت زخمي |
ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ هٿيابندن جي ڪار تي فائرنگ، سکر واسي قتل عورت زخمي، ان ڏس ۾ ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڀٽائي آباد جي جمالي روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سکر واسي علي اصغر بجاراڻي دم ڏنو، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، زخمي عورت کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو موجب بيٺل ڪار ۾ هڪ عورت ۽ مرد ويٺل هئا، ابتدائي طور تي واقعو دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي.