سکر (رپورٽر) ڪشمور سامان کڻي ويل سکر واسي رڪشا ڊرائيور اغوا ٿي ويو هو، ڌاڙيلن وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي
سکر جي آباد ٿاڻي جي حد ڀٽائي ٽائون فيز 2 جي رهواسي مبينا اغوا ٿي ويل محمد پريل شر جي امڙ، والد، ڀاءُ توري ڀيڻ عبداللطيف شر، عامر علي شر، مسمات صابري، مسمات بيگم خاتون ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
هنن چيو ته 13 ڏينهن اڳ لوڊر رڪشا ڊرائيور پورهيت محمد پريل پٽ فتح محمد شر ٻٻرلوءِ کان سامان کڻي غوثپور ويو، جتان کيس اغوا ڪيو ويو
هنن ٻڌايو ته نوجوان جي نمبر تان فون ذريعي ڌاڙيلن 30 لک رپيا ڀنگ جي رقم گهري آهي نه ڏيڻ تي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي
هنن چيو ته اسان وٽ کائڻ لاءِ اٽو ناهي ته ايتري رقم ڪٿان آڻيون، پوليس توڙي وڏيرن وٽ به دانهيو آهي پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن ۽ نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي