| سکر واسي کنڀيل پورهيت ڪٿي آهن؟ عدالت پاران پوليس تي ڪاوڙ |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي نينگر سميت 5 ڄڻا مبينا گرفتاري بعد گم ڪرڻ جو الزام، عدالت ڊي ايس پي سائيٽ ستار ڦل مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 9 فيبروري تائين کنڀي گم ڪيل پنجن ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سکر گوليمار لڳ بجاراڻي چوڪ جي رهواسي نينگر خان نون، نوجوان قاسم نون، مولابخش نون، عابد حسين نون ۽ صدام حسين نون جي بازيابي لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران درخواستگذار مسمات شهزادي خاتون ۽ مسمات ڀاڳل پنهجي وڪيل فريدان ڀيو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيون. وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 26 جنوري جي رات دير سان پوليس وردي پهريل ماڻهن مٿي ڄاڻايل پورهيتن جي گهرن تي چڙهائي ڪري لوڊر رڪشه هلائيندڙ نينگر سميت پنج پورهيت نوجوانن کي بنا ڪنهن سبب جي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج الهبچايو گبول جي عدالت ڊي ايس پي ستار ڦل ۽ ٻين آفيسرن کان آڏي پڇا ڪئي ته کنڀي ڪيل پورهيت ڪٿي آهي؟ ڊي ايس پي سائيٽ ستار ڦل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس انهن مان ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي پوليس کي ان متعلق ڪا ڄاڻ آهي. جنهن تي عدالت ڊي ايس پي ستار ڦل مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن پورهيتن کي اوهان گرفتار ناهي ڪيو. تڏهن به پوليس جي ذميواري آهي ته عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائي. عدالت نينگر سميت پنجن ئي پورهيتن کي بازياب ڪرائي 9 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڌر بڻايل ڊي ايس پي سائيٽ ستار ڦل، اڳوڻي ايس ايڇ او سائيٽ اقبال نون ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.