| سکر واسڻ فوتي عورت جو مڙس ۽ ڏير خلاف ڪيس: 2ڄڻا گرفتار |
سکر (بيورو رپورٽ) ٻه ڏينهن اڳ سکر واسي رفيق ملاح، شهزاد ملاح ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مسمات زارا جو لاش رکي الزام مڙهيو هو ته اُن کي مڙس حنيف ملاح ۽ ڏير مقبول ملاح فنائل پياري قتل ڪيو آهي. جنهن کانپوءِ پوليس فريادي جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ بدران سرڪار پاران سب انسپيڪٽر اعجاز حسين سوناڻي جي فرياد اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري محمد حنيف سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار محمد حنيف ملاح پنهنجي ڀاءٌ مقبول ملاح سان گڏ شاديءَ تي وڃڻ جي ڳالهه تان ناراض ٿي پنهنجي گهرواري مسمات زارا ملاح کي زهريلي دوا پياري قتل ڪيو آهي. هوڏانهن فوتي عورت جي ڌيئرن چاچي سان گڏ پريس ڪلب پهچي واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو. مسمات زارا جي ڌي ماهنور پنهجي ڀينرن ماهروز، حميمه ۽ چاچي مقبول ملاح سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قتل واري الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته امڙ کي مختلف طريقن سان چاچو رفيق، ان جي پٽن ۽ ڀاءُ شهزاد پاران پريشان ڪيو ويندو هيو. امڙ پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي. امڙ جو سکر، گمبٽ، ۽ ڪراچي ۾ والد حنيف ۽ اسان علاج ڪرايو پر امڙ فوت ٿي وئي.