سکر ويجهو وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا: مغوين جو انگ 6 ٿي ويو: وارث پيرا شاهه ٻيلو وٽ وڃائي واپس

اپريل 15, 2024

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، مغوين جا وارث شاهه ٻيلو وٽ پيرا وڃائي واپس، سکر ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي  ويو

مغوين جي وارثن  جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻا ڪڻڪ کڻائي مارڪيٽ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾گاڏي پنڪچر ٿي وئي، هنن فون ڪري گاڏي پنڪچر ٿيڻ جو ٻڌايو، اسان جي پهچڻ کان اڳ ڌاڙيل ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

 اغوا ٿيلن ۾ 26 ورهين جو رضوان ۽ 50 ورهين  جو اقبال کوسو شامل آهن، مغوين جي وارثن الزام هنيو ته اسان جي ماڻهن کي جتوئي ڌر جا هٿياربند اغوا  ڪري ويا آهن، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي

ٻن ڄڻن جي اغوا بعد سکر ضلعي مان اغوا ٿي ويلن  جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، پوليس مغوين کي بازياب ڪرئڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي

Leave A Comment