پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ جي ڳوٺ قائم الدين اوڍو جي رھواسين ڪامران، عرفان علي، احسان علي اوڍو ۽ ٻين پريالوءِ پريس ڪلب پهچي سکر پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ اسان جا نوجوان نادر علي، بابر علي ۽ اقرار علي اوڍو سکر کان ڳوٺ اچي رهي ھئا ته سکر پوليس کين بنا جواز گرفتار ڪري مقابلو ڄاڻائي هاف فرائي ڪري ڇڏيو. مظاهرين ٻڌايو ته سندن نوجوان اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد آهن، جن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه آهي، کين مائٽن جي شاديءَ تان موٽندي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي انڪوائري ڪرائي ملوث پوليس عملدارن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي.