| سکر پوليس سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، سپاهي زخمي |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوهاريءَ کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب آباد ٿاڻي جي حد 100 فٽ روڊ وٽ موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن شهريءَ کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا، پوليس جي پهچڻ تي ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي. اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سکر اظهر مغل، اي ايس پي سٽي ڪيپٽن رٽائرڊ صهيب امين ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس وڏي انگ ۾ پهچي وئي. ايس ايس پي سکر جو چوڻ هو ته ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ سپاهي حيات زنڱيجو جتوئي زخمي ٿيو آهي. جنهن کي سکر جي نجي اسپتال ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاريءَ جي فرار ٿي ويل ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن. پوليس مطابق مارجي ويل ڏوهاري جي شناخت عبدالحڪيم مهر طور ٿي آهي. جيڪو ڦر، چوري، ڌاڙن، پوليس مقابلن سميت ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هيو. مارجي ويل ڏوهاري مٿان ٽي ڪيس لکي، هڪ رستم ۽ هڪ شڪارپور جي خانپور ٿاڻي تي داخل آهي. وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ ٻين ٿاڻن کان گڏ ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي سکر اظهر مغل پاران مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٿرم کي سي سي ٿرڊ ۽ ڪيش انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 21 آڪٽوبر ۾ قتل ٿي ويل نور محمد جتوئي ۽ امير علي جتوئي جي قتل ۾ به مارجي ويل ڏوهاري ملوث هيو. ٻنهي ڄڻن کي مارڻ تي عبدالحڪيم مهر ۽ ٻين کي هار به پارايا ويا هئا.