سکر پوليس پاران مبينا مقابلن بعد ٻه ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، وارثن جو احتجاج

سکر پوليس پاران مبينا مقابلن بعد ٻه ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، وارثن جو احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس ٻن مبينا مقابلن بعد ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، زخمين جي وارثن احتجاج ڪندي مقابلو جڙتو قرار ڏنو،  پوليس مطابق آباد جي حدن ۾ ڪنڊو واهڻ لنڪ روڊ تي هڪ جوابدار  مهتاب لکڻ ۽ اي سيڪشن جي حد هاڪي گرائونڊ وٽ مبينا مقابلي بعد حبيب الله لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان هٿيار به مليا آهن، اهي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا. ٻئي طرف مبينا مقابلن ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيلن جي وارثن طرفان سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، زخمي حبيب الله لغاري جي والده مسمات خورشيد لغاري، شهزاد لغاري، مهتاب لکڻ جي وارثن اياز لکڻ، فراز لکڻ، فاروق، محمد رفيق، احسان لکڻ ۽ ٻين الزام مڙهيندي چيو ته مهتاب لکڻ بسڪيٽ فيڪٽري ۾ ملازمت ڪندو آهي ۽ ڊيوٽي مڪمل ڪري گهر واپس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سائيٽ ٿاڻي جي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، آزاديءَ جي عيوض ٻه لک رپيا رشوت طلب ڪئي، نه ڏيڻ تي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪري گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. هنن وڌيڪ الزام مڙهيو ته آباد پوليس حبيب الله لغاري کي حراست ۾ وٺي چار لک رپيا رشوت طلب ڪئي، رقم ادا نه ڪرڻ تي جعلي پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪري ڇڏيو.  هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي جڙتو مقابلي ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.