سکر ڀرسان جتوئي ڌرين جي 40 سال پراڻي ڪارنهن تڪرار تان رتوڇاڻ: ٽن ڀائرن سميت 7 ڄڻا قتل
آگسٽ 12, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ويجهو باگڙجي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين جي هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ، ٽن ڀائرن ۽ ٻن پيءُ پٽن سميت 7 ڄڻا قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، مورچا بند، وقفي قفي سان فائرنگ وارو سلسلو جاري، خبر موجب باگڙجي جي ڪچي سعيد آباد دم دمو واري علائقي ۾ علي ڏنو جتوئي ۽ ڪريم ڏنو جتوئي ڌرين ۾ پراڻو ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڀائرن سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ميرو عرف مهرو جتوئي، سندس 2 ڀائر ڇَتل عرف ڇتو جتوئي، راجا عرف راجو عرف عاشق جتوئي ۽ ڀاڻيجو واجد ولد سائت جتوئي مارجي ويا، جڏهن ته ٻئي ڌر جو بابو صاحب عرف ڦاڙو پٽ ميهار غلاماڻي جتوئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا معشوق ۽ گلبھار جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال يو پئي ويو ته هنن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مارجي ويل باگڙجي ٻيلي ۾ رهندڙ هئا، جن ۾ 40 ورهين کان ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ آهي واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، جن ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ هو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ رتو ڇاڻ روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا هئا.
ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب مقتولن جا لاش ڌار ڌار اسپتالن ۾ آندا ويا
سکر: سکر پوليس ٻنهي ڌرين ۾ پڪي وارن علائقن ۾ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ هڪ لاش باگڙجي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته باقي 6 ڄڻن جا لاش سول اسپتال سکر آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاشن سان گڏ پيرسن عورتون اسپتال ۾ موجود هيون، جيڪي لاشن کي چنبڙي اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي مخالفن کي پٽون پاراتا ڏئي رهيون هيون.
مارجي ويل 7 ئي ڄڻا ڏوهاري هئا، رڪارڊ موجود آهي: پوليس
سکر: پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ مارجي ويل 7 ئي ڄڻا ڏوهاري هئا، جن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، پوليس قتل ٿي ويل ميرو عرف مهرو جتوئي مٿان قتل سميت سنگين نوعيت جا 7 ڪيس داخل آهن، راجا عرف راجو جتوئي مٿان 5 ڪيس، ڇتل عرف ڇتو جتوئي مٿان قتل سميت سنگين نوعيت جا 8 ڪيس، بابو صاحب عرف ڦاڙو مٿان قتل جا ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن،. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل 7 ئي ڏوهاري هئا، جيڪي باگڙجي ٻيلي ۾ رهندڙ هئا، جن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي، ايس ايس پي امجد شيخ موجب مارجي ويل راجو جتوئي ايس ايچ او سبحان جتوئي جي قتل ۾ به ملوث هو.
علائقو نو گو ايريا بڻيل، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا
سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ جتوئي ڌرين ۾ جهيڙي دوران 7 ڄڻن جي مارجڻ بعد علائقو نو گو ايريا بڻجي ويو آهي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس وڌيڪ رتو ڇاڻ کي روڪڻ لاءِ تڪراري علائقي ۾ ڪا به پڪٽ قائم ناهي ڪئي.
7 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار تان جتوئي ڌرين ۾ ٿيل رتو ڇاڻ ۾ 7 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس ڪا گرفتاري ڪري سگهي هئي.