سکر ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ: علاج لاءِ مريض کڻي آيل بلوچستان واسي 2 ڄڻا قتل

سکر ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ: علاج لاءِ مريض کڻي آيل بلوچستان واسي 2 ڄڻا قتل

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري بلوچستان جي رهواسي ٻن 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪار ۾ سوار هٿياربندن بس ٽرمينل سکر ڀرسان سکر- شڪارپور روڊ تي مريض کي بلوچستان مان سکر کڻي ايندڙ ڪار مان مٿان فائرنگ ڪري ٻن  ڄڻن بالاچ بگٽي ۽ خميسو بگٽي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا،  پوليس مطابق بلوچستان مان عمر حيات بگٽي جي علاج لاءِ ڪار ۾ سوار ٿي سکر پهتل بالاچ بگٽي ۽ خميسو عرف ڀورل بگٽي تماچاڻي ٿاڻي جي حد فراش موڙ پهتا ته ڪار ۽ سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي. نتيجي ۾ بالاچ بگٽي ۽ خميسو بگٽي شديد زخمي ٿي پيا. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٻنهي ڄڻن جي موت جي تصديق ڪئي. جنهن بعد باگڙجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس مطابق ابتدائي طور ڪيل جاچ ۾ پتو پيو آهي ته بگٽي ۽ مزاري برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ٻٽو قتل ڪيو ويو آهي.