سکر ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، واٽهڙو نينگر قتل
ڊسمبر 21, 2024
سکر(بيورو رپورٽ) سکر ڀرسان پراڻي تڪرار تان لکڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 14 ورهين جو واٽهڙو نينگر قتل، 2 ڄڻا زخمي اسپتال منتقل. پوليس موجب تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ لکڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڙي ۾ رهندڙ ڊومڪي برادري جا ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ نينگر شرافت، خادم ۽ سليمان ڊومڪي شامل آهن، نينگر شرافت ڊومڪي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.